خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / 18 جنوري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* ايران هڪ سال ۾ 25 هزار پاڪستانين کي ڊيپورٽ ڪيو (خبر)
**...واه....واه پاڪستانيو! توهان جي ساک (تبصرو)

* وڏي وزير کي نا اهل قرار ڏيڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل (خبر)
**....ڇو ٿا آصف علي زرداريءَ کي دل جو دورو وجھرايو؟ (تبصرو)

* گڊوءَ کان نڪتل آبپاشي ملازمن جو لانگ مارچ قافلو ڀٽ شاه پهتو (خبر)
** ايڏا ڪشالا ڇو ٿا ڪڍو؟ آصف زرداريءَ سان دبئي ۾ ملو، پئون ٻارهن ٿي پوندا (تبصرو)

* لياري پ پ پ آفيس تي هٿ بم حملي ۾ 9 ٻارڙا زخمي (خبر)
** معصوم ٻارڙا ڇو ٿا ماريو؟ زرداري ته دبئيءَ ڀڄي ويو آهي (تبصرو)

*چيف منسٽر هائوس ويجھو موبائيل فرنچائيز مان ڦر (خبر)
** قائم علي شاه کي ڦر کان بچڻ تي مٺائي ورهائڻ گھرجي (تبصرو)

*قائم عليشاهه شعر پڙهندي لفظ وساري ويٺو (خبر)
** 94 ورهين جي ڄمار ۾ دماغ ڪم نه ڪندو آهي (تبصرو)
 
Back
Top