1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

مائي ڀاڳي

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏11 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,849
    ورتل پسنديدگيون:
    2,485
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    مائي ڀاڳي
    زاهده تاج ابڙو
    وهنيون فقير مڱڻهار جي 12 سالن جي ڌيءَ ”ڀاڳ ڀري“ پيءُ کي پنهنجي چهري تي چمڙي مٿان لڳل داغ ڏيکاريندي چيو! ابا ڏس منهنجي منهن تي هي خبر ناهي ڪهڙا داغ ٿيا آهن، انهن ۾ خارش به آهي. ابي وهنيونءَ، ڌيءَ جو چهرو ٿورو پاڻ ڏي هٿ سان ڦيري سج طرف ڪندي روشني ۾ ڏسندي چيو! ها امڙ لڳي ٿو ته ڪا چمڙيءَ جي بيماري لڳي اٿئي، هتي اسان جي ڳوٺ ۾ ته ڪو اهڙو وڏو ڊاڪٽر ڪونهي، باقي سڀاڻي توکي مٺي شهر مان ملم (مرهم) وٺي ڏيندس. ڀاڳ ڀري پيءُ جي ڳالهه ٻڌي چپ ڪري رڳو کيس ڏسڻ لڳي.
    ٻيون ڏينهن....
    ٽيون ڏينهن....
    چوٿون ڏينهن....
    ڏينهن ڏينهن ۾، 15 ڏينهن گذري ويا پر فقير مڱڻهار ڀاڳ ڀري کي ڪنهن ڊاڪٽر يا حڪيم وٽ ڪونه وٺي ويو، نيٺ جڏهن ڀاڳ ڀريءَ جي چمڙي ڏينهون ڏينهن وڌيڪ خراب ٿي وئي ته مائي ڪسيءَ (ڀاڳ ڀريءَ جي ماءُ) مڙس کي چيو! ويچاري نياڻيءَ کي ڪنهن چڱي حڪيم کان دوا دارون ڇو نٿو وٺي ڏين. هاڻي ته سندس اکين تي به اثر ٿيڻ لڳو آ. وهنيون فقير زال جي ڳالهه ٻڌي ڳڻتيءَ منجهان ڌيءَ کي ڏسڻ لڳو. ٻئي ڏينهن مڱڻهار ڌيءَ کي ساڻ ڪري حڪيم ڏانهن ويو، جنهن کيس چمڙيءَ تي هڻڻ لاءِ هڪ مرهم ڏني. گهر پهچي ڀاڳي مرهم باقاعده زخمن تي هڻڻ شروع ڪئي، آهستي آهستي سندس زخم ڀرجڻ لڳا پر اکين ۽ چمڙي تي يادگيريءَ طور پنهنجا داغ ڇڏي ويا. وهنيون فقير مڱڻهار ۽ سندس گهر واري مائي ڪسي ميلن ملاکڙن، شادين مرادين ۽ ٻين خوشيءَ جي موقعن تي ڳائيندا وڄائيندا هئا، اهو سندن خانداني پيشو هو، ڀاڳ ڀري به ڳائڻ وڄائڻ ۾ ماءُ پيءُ سان شامل هوندي هئي، هي مٺي شهر جي ڏيپلي ڀرسان هڪ ڳوٺ جا ٿري ماڻهو هئا. ڀاڳ ڀري پهرين ته ماءُ سان گڏجي ڳائيندي هئي پر جيئن جيئن وڏي ٿيندي وئي تيئن تيئن لوڪ گيت ياد ڪري پاڻ اڪيلي سر ڳائڻ لڳي، ماڻهو ڀاڳ ڀريءَ جي ڳائڻ کي وڌيڪ پسند ڪرڻ لڳا، سندس آواز ۾ ڏاڍو ميٺاج هو، جڏهن جهونگاريندي هئي ته ڪنهن ڪوئل جهڙو سوز ڏسبو هو. ڀاڳ ڀري گهٽ ڳالهائڻي هئي، اڪثر خاموش ويٺي هوندي هئي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ تنهائي ۾ ويهي چپ چوريندي هئي. ڀاڳ ڀريءَ کي پنهنجي ٿر سان ڏاڍو پيار هو.سدائين ٿري گيت ڳائيندي هئي. ٿر سنڌ جو اهو علائقو آهي، جيڪو ڏڪار ۽ خوشحاليءَ سبب سڄي دنيا ۾ مشهور آهي، سڪار ۾ ٿر سرسبز هجڻ ڪري ڏسڻ وٽان هوندو آهي، هتي پري پري کان ماڻهو ڪهي ايندا آهن، جڏهن ته ڏڪار، ماڻهو توڙي جانور لاءِ جوکو بڻجي پون، ٿر جي خوشحاليءَ جو گهڻو دارومدار وسڪاري تي ٿئي ٿو، تڏهن ئي ته چون... وَسي ته ٿر نه ته بـَـر ئي بـَـر ! پر ڀاڳ ڀري کي ته ٿر سان عشق هو، پوءِ اهو سڪار ۾ هجي يا ڏڪار ۾. ڳوٺ ڀالو ۾ سدائين مارئيءَ جو ميلو لڳندو آهي، ان سال ڀاڳ ڀري به سنبري ميلي ۾ ڳائڻ لاءِ، هي 1967ع جو زمانو هو، ڀاڳ ڀري ميلي ۾ پهتي ڪيترا ٻيا به لوڪ فنڪار آيل هئا. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پروڊيوسر شيخ غلام حسين به مارئي جي ميلي تي ريڊيو لاءِ گيت رڪارڊ ڪرڻ لاءِ آيو هو. پروگرام شروع ٿيو، هر فنڪار کي موقعو مليو هر ڪنهن واري واري سان پنهنجا گيت ڳايا. جڏهن ڀاڳ ڀري آئي ۽ پنهنجو گيت شروع ڪيائين ته پروڊيوسر شيخ غلام حسين گيت ڳائڻ واري ان ٿري مائيءَ کي ڏسڻ لڳو، جيڪا پنهنجي گيت ۾ ٻڌندڙن کي موهت ڪري چڪي هئي، هن سادي پوشاڪ پهريل ڀاڳ ڀريءَ کي ڪجهه لمحا غور سان ڏٺو ۽ وري رڪارڊنگ ۾ لڳي ويو. جڏهن ڀاڳ ڀري ڳائي اسٽيج تان هيٺ لهي آئي ته شيخ غلام حسين هن ڏانهن ويو ۽ کيس چيائين! مائي ڀاڳ ڀري تنهنجو آواز ته ڏاڍو مٺو آهي، ريڊيو تي ڳائيندينءَ؟ ڀاڳ ڀريءَ اڌ منهن کي پوتيءَ سان لڪائيندي شرمائي چيو! ”نه ڪو! آئون هتي ئي ڳايان“ شيخ صاحب چيو! پر مان چاهيان ٿو ته تنهنجو هي سريلو آواز سنڌ جي هوائن ۾ گونجي، پوري سنڌ ٻڌي! ڀاڳ ڀري: مون کي سڻندي سنڌ! ريڊي (ريڊيو) تي! نه ڪو! آئون ڪونه وڃان شيخ غلام حسين: ڏس جڏهن تون ڳائيندينءَ ته ماڻهو ٻڌندا، تڏهن توکي خبر پوندي ته تنهنجي آواز ۾ ڪيترو سوز آ. پوءِ ڏسجانءِ ته سنڌ توکي ڪيئن ٿي ٻڌي. شيخ صاحب ڪيتري دير تائين کيس ريڊيو تي ڳائڻ لاءِ آماده ڪندو رهيو پر هوءَ ويچاري ايتري ته سادي هئي جو کيس اعتبار ئي ڪونه پئي آيو ته هوءَ ريڊيو تي ڳائي سگهي ٿي ۽ ماڻهو کيس پسند ڪري سگهن ٿا. شيخ غلام حسين کيس مڃائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو ۽ ڀاڳ ڀري مسلسل انڪار ڪندي رهي. هن ٿر ڄائيءَ کي ٿر کان ٻاهر متعارف ڪرائڻ ٿي چاهيو، هن ٻڌائڻ پئي چاهيو ته رڳو ٿر جي سونهن اتان جي تهذيب، ثقافت، تاريخ ۽ لباس نه آهي پر ٿر جا لوڪ گيت به پنهنجو مٽ پاڻ آهن، ڇاڪاڻ ته سچ آهي ته محنت سان پهاڙ به پرتي سري ويندا آهن، سو شيخ صاحب جي محنت به رائگان نه وئي، ڀاڳ ڀري آخرڪار راضي ٿي وئي ۽ شيخ صاحب سان جلد ريڊيو تي اچڻ جو واعدو ڪيائين. هڪ ڏينهن ڀاڳ ڀري ريڊيو اسٽيشن تي پهتي، شيخ صاحب سندس وڏو آڌر ڀاءُ ڪيو. ڀاڳ ڀري لاءِ هي ماحول بلڪل نئون هو پر شيخ صاحب وک وک تي سندس رهنما بڻيو. سندس گيتن جي ريڪارڊنگ شروع ڪئي وئي، ڀاڳ ڀريءَ جو پهريون گيت ريڊيو اسٽيشن تان جڏهن گونجيو! ”تارن مان ترندي اچي، ڇپر مان ڇلندي اچي، دل ٻارو چل ٻارو چل پئي ڪري، دل ڪوهيارل ڪوهيارل پئي ڪري.“ گيت ٻڌي ڀاڳ ڀريءَ جي اکين مان خوشي جا لڙڪ وهڻ لڳا، ريڊيو تان ڀاڳ ڀريءَ کي مائي ڀاڳيءَ جي نالي سان متعارف ڪرايو ويو ۽ اهو نالو سندس سڃاڻپ بڻيو. ريڊيو حيدرآباد تي گيت نشر ٿيڻ بعد کيس مداحن جي ڀرپور موٽ ملي. جڏهن مائي ڀاڳي کي پهريون ڀيرو کيس سندس گيت جو معاوضو مليو ته هوءَ ايتري ته اٻوجهه سادي هئي جو کيس پئسا ڳڻڻ به ڪونه پئي آيا. ريڊيو تي مشهور ٿيڻ بعد هن ميلن ملاکڙن، بزرگن جي درگاهن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو شروع ڪيو، کيس صوفي بزرگن سان خاص عقيدت هئي، حضرت شاهه عبداللطيف رحه، قلندر لعل شهباز ۽ بدين جي سمن سائينءَ جي عرسن تي ڳائڻ پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهندي هئي. ڀٽ جا ڀٽائي ڀٽ تي وسئي نور... سمن سائين مان ته گولي غلام تنهنجي در جي... اهڙن امر گيتن مائي ڀاڳيءَ کي پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ مشهور ڪري ڇڏيو، هوءَ سنڌ کان ٻاهر به مشهور ٿي، هو ٿر جي ٻولين ڍاٽڪي ۽ مارواڙيءَ کانسواءِ، سرائيڪي ۽ سنڌي ۾ به ڳائيندي هئي. پهرين ته مائي ڀاڳيءَ کي سر تار جي ايتري ڄاڻ ڪونه هئي پر بعد ۾ هن تربيت ورتي، 7-7، 8-8 ڪلاڪ ويهي تربيت وٺندي هئي، ان مان سندس ڳائڻ سان عشق جو پتو پئي ٿو. پاڪستان ۾ سندس ڳائڻ مشهور ٿيڻ بعد کيس ٻاهرين ملڪن جون به دعوتون مليون، جتي هن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. مائي ڀاڳي ڪيترن گيتن جي شاعري به ڪئي، هوءَ ايتري حساس دل رکندڙ هئي، جو اڪثر شاهه لطيف جي سرن مارئيءَ ۽ سسئي کي به ڳائيندي هئي ته سندس لڙڪ وهي پوندا هئا. ٽي وي تي کيس متعارف ڪرائڻ ۾ ممتاز مرزا ۽ عبدالڪريم جو وڏو هٿ هو. ريڊيو تي ڳائڻ واري مائي ڀاڳي کي ماڻهن جڏهن ٽي وي تي ڏٺو ته اهو اندازو لڳائڻ مشڪل نه رهيو ته هي مڌر آواز واري مائي ڀاڳي ڪَنَ تي هٿ رکي سر جهليندي پنهنجي گيت ۾ محو ٿي پنهنجو پاڻ کان به بي خبر ٿيندڙ ڪيتري نه سادي آهي. مائي ڀاڳي ٿر کان نڪرندڙ پهرين ڳائڻي هئي، جنهن دنيا ۾ پاڻ مڃرايو ۽ هميشه لاءِ ٿر جي سڃاڻپ بڻجي وئي، کيس ٿر جي ڪوئل جو لقب مليو، سندس فن جي مڃتا طور کيس ڪيترائي ايوارڊ مليا، جن ۾ شاهه لطيف ۽ سچل سرمست ايوارڊ شامل آهن. جڏهن هو 62 سالن جي ٿي ته سندس طبيعت خراب رهڻ لڳي، کيس ڊاڪٽرن آرام جو مشورو ڏنو. 1920ع ۾ جنم وٺندڙ مائي ڀاڳي... جولاءِ جي هڪ گرم تپندڙ ڏينهن تي 1986ع ۾ پنهنجي نرالي انداز ۾ ڳائيندڙ سر زمين ٿر جي هيءَ عظيم فنڪارا پنهنجن مداحن کي اڪيلو ڇڏي وڃي پنهنجي خالقِ حقيقي سان ملي پر.... سندس آواز کيس هميشه لاءِ زندهه ڪري ڇڏيو.
    مددي حوالا: ڪتاب: سنڌي ثقافت جا امر آواز،ليکڪ ڪمال ڄامڙو

    ڪاوش
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو