1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

گهر جو خرچ هلائڻ ۾ عورت جو ڪردار

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏11 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,851
    ورتل پسنديدگيون:
    2,485
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    فائزه فياض ميمڻ
    اڄ ڪلهه جتي هر ماڻهو هر ٽيڪنالاجي، هر شيءِ تمام تيزي سان روان دوان آهي اتي مهانگائي به پنهنجو مٽ پاڻ آهي، هونئن ته هر فيلڊ (Field) کي وقت جي مناسبت سان تمام تيز ڪيو ويو آهي، پر مهانگائي بنا تيزي ڏيڻ جي لاءِ هو هاڻ ذري گهٽ غريب انسان کي ڳڙڪائي رهي آهي، مهانگائي جنهن غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، سا ڏينهون ڏينهن اسان جي ملڪ کي اڏوهي جيان کائي رهي آهي ۽ سندس پاڙون ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿي رهيون آهن، جنهن لاءِ حڪومت به ڪو جوڳو اپاءُ نه وٺي سگهي آهي ۽ نه ئي هن کان بچاءُ ڪاڻ ڪي خاص انتظام ڪيا ويا آهن، بس غريب عوام کي مهانگائي جي رحم ۽ ڪرم تي بيوس ۽ لاچار ڪري ڇڏيو ويو آهي. مهانگائي جتي پوري معاشري کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، اتي عورت به ان مسئلي ۾ اوتري ئي گهيريل آهي، جيترو هن معاشري جا عام ماڻهو آهن پر منهنجي سمجهه مطابق ته عورت مهانگائي کي وڌيڪ ڀوڳي ٿي ڇاڪاڻ ته گهر جو سڄو ڪاروهنوار عورت جي هٿ هيٺ هوندو آهي ۽ کيس ئي سڄي خرچ کي سنڀالڻو پوندو آهي، اڳ ائين نه هوندو هو، اڳي گهڻو ڪري ڳوٺاڻيون عورتون هونديون هيون ۽ انهن جي گهر جو ڪو خاص خرچ نه هوندو هو ۽ نه ئي وري معاشري ۾ ايتري سجاڳي ئي هوندي هئي ۽ نه ئي هيتريون وسيع شيون ئي وٺبيون هيون، اڳي عورتون اٽو گهر ۾ پيهنديون هيون، گيهه خالص استعمال ڪنديون هيون، انهن جي گهرن جي مسواڙ نه هوندي هئي ۽ نه ئي وري کين بجلي گئس ۽ پاڻي جي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو هو، پر موجوده تيز دور جي لحاظ کان کين سوئي کان وٺي ڌاڳي تائين هر شيءِ وٺڻي پوي ٿي ۽ انهن سڀني مسئلن کي سهڻو پوي ٿو جيڪي اڳ ۾ نه هئا. وري ٻئي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته هينئر هر شيءِ تمام مهانگي ٿي وئي آهي، اڳي اٽو 5، کان 6 رپيا في ڪلو جي حساب سان ملندو هو ۽ هينئر 32 رپيا في ڪلو آهي، اڳي ڊالڊا گيهه 16 کان 20 رپيا ڪلو ملندو هو جنهن جو موجوده اگهه 150 في ڪلو آهي، اڳي کير 5 کان 8 ڪلو هوندو هو، پر هينئر 50 رپيا ڪلو آهي، اهڙي طرح سان روز مره جي هر شيءِ آسمان جي بلندين کي ڇهي رهي آهي ۽ پنهنجي وڏائي جو اعلان ڪري رهي آهي ۽ غريب عوام جي پهچ کان تمام پري ٿي رهيون آهن. اڳي شين جا اگهه گهٽ هوندا هئا ته مزدور طبقي جي ماڻهن جي جي مزدوري به اوتري هوندي هئي، پاڻ ڪجهه پئسا وڌيڪ هوندي هئي پر موجوده صورتحال اها آهي جو 100 رپين واري شيءِ لاءِ ڪنهن ماڻهو کي 20 رپيا ڏجن ته اها بلڪل به ناانصافي چئبي. اڳي اسانجي معاشري ۾ عورت جي ڪم ڪرڻ کي عيب سمجهيو ويندو هو، پر هينئر جي عورت کان ڪم نٿو ورتو وڃي ته پوءِ اهو گهر خوشحالي جي زندگي گذارڻ کان قاصر رهجيو وڃي، هينئر شايد ئي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو هوندا جيڪي چاهيندا هوندا ته انهن جون گهر واريون آرام سان گهر جي چوديواري ۾ ويهي آرام جي زندگي بسر ڪن ته اسان ئي ڪافي آهيون، ڪمائڻ لاءِ، نه ته ڏٺو وڃي ته تقريبن 90 سيڪڙو مردن جي سوچ آهي ته سندن جيون ساٿي به ساڻن گهر جي ڪار وهنوار هلائڻ ۾ ساڻن گڏجي ڪم ڪن، ائين ڪو هو شوق مان نٿا ڪن پر مجبوري ۾ کين ائين ڪرڻو پوي ٿو، ڇاڪاڻ مهانگائي ايتري ته وڌي وئي آهي جو هينئر هڪ ماڻهو جي ڪمائي مان گهر هلائڻ مشڪل ئي نه پر سمجهو ته ناممڪن آهي. تنهن ڪري عورتون به پنهنجي سمجهه ۽ طاقت مطابق ضرور ڪٿي نه ڪٿي مرد سان هٿ ونڊرائي ۽ کيس هن ڏڪر واري دور ۾ پنهنجي هم سفر جو ساٿ ڏين ٿيون، اهڙي طريقي سڄو ماحول ئي بدلجي ويو آهي ۽ هر هڪ ماڻهو کي بس پنهنجي پيٽ گذر جي لڳي پئي آهي. توهان عام رواجي نموني صرف هڪ نظر سان هن معاشري کي پرکيو ته توهان کي سڀ ڳالهه تقريبن پاڻ وٽان محسوس ٿيندي ڇاڪاڻ مهانگائي ڪنهن هڪ فرد جو مسئلو ناهي، پر هر هڪ جو مسئلو آهي، پوءِ اهو ننڍڙو ٻار هجي يا وري نوجوان تعليم پرائيندڙ، اول ته اعليٰ تعليم پرائڻ ته مڊل ڪلاس ماڻهو جي وس جي ڳالهه ناهي، پر پوءِ به جي ڪو پيٽ تي پٿر رکي حاصل ڪري ٿو ته توهان ڏسو ته هو ڪيترين ڳالهين ڪيترن مسئلن کي منهن ڏئي ٿو، وري جي هن معاشري جي پوڙهي (رٽائرڊ) ماڻهو تي نظر وجهون ته هو اڃا به وڌيڪ پريشان نظر ايندو ڇو جو توهان اندازو لڳايو ته جتي پيٽ پالڻ ڏکيو ڪم آهي اتي زندگي بچائڻ واري دوا ڪيتري ملهه تي ملندي هوندي.

    ڪاوش
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو