shafique shakir
سينيئر رڪن
سنڌ جي عوام ۾ وڌيل ويڳاڻپ جو احساس!
شفيق شاڪر
سنڌ جي سياسي ۽ سماجي صورتحال سدائين هڪ عظيم الميي جو شڪار رهندي پيئي اچي. اهي جيڪي سدائين سنڌ جي عوام جي حقيقي سياسي نمائندگيء جا دعويدار رهيا آهن تن هر ڀيري ووٽ ته سنڌ جي عوام کان ضرور حاصل ڪيا آهن پر سنڌ جي عوام کي انهيء نمائندگيء جي ذريعي ڇا وريو ۽ ڇا سريو آهي،اهو سڀني جي سامهون آهي.عوام صرف اهو ڪندو رهيو آهي جو اهو جن کي ووٽ ڏيندو رهيو آهي، ووٽ ڏيڻ کان پوء انهن جي ئي نالائقين، نااهلين ۽ بدديانتين جي شڪايتن جا داستان بيان ڪندو رهيو آهي.انهن مان جان ڇٽڻ جون بار بار دعائون گھرڻ باوجود وري به اليڪشن ۾ ووٽ انهن کي ئي ڏيندو آيو آهي.ٻئي طرف جيڪي عوام جي سمورن سورن۽ محرومين جي لاء ذميدار آهن،اهي سدائين عوام جي ڀلائي، ترقي ۽ خدمتن جا گيت ڳائيندا رهيا آهن۽ جڏهن به سنڌ سان تعلق رکندڙڪنهن ساڃاھ وند ۽ سلجھيل طبقي انهن کي سندن ڪميون،ڪوتاهيون ۽ لاپرواهيون سچي جذبي سان به ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته انهيء تي يا ته جمهوريت دشمن هئڻ جا الزام لڳن ٿا يا وري اهو چيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن اسان عوامي نمائندگيء جو حق ادا نه ڪيو هجي ها ته ماڻهو اسان کي بار بار ووٽ ڪيئن ڏين ها! پاڪستان ۾ اليڪشن جي هڪ پنهنجي حڪمت عملي ۽ هڪ اٽڪلن ڀريو نظام آهي،انهيء تي هڪ الڳ ڊگھو بحث ٿي سگھي ٿو.پر سوال اهو آهي ته اهو سلسلو آخر ڪيسيتائين جيئين جو تيئن اڳيان هلندورهندو جو عوام پنهن جن نمائندن کي پاڻ ووٽ ڏيئي اختيار ۽ اقتدار جي ايوانن تائين پهچائڻ کان پوء انهن ئي نمائندن جي آزارن ۽ پنهنجن ۾محرومين، سورن ۽ صدمن جو ماتم ڪندو رهندو ۽ اهي سياسي مداري هميشه جيان پنهن عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجھي. ڪنهن نه ڪنهن اٽڪل سان عوامي مينڊيٽ جو سودو ڪندا رهندا ۽ عوام کي ڪو سک پهچائڻ بدران پنهن جو پاڻ کي وڌيڪ مضبوط ڪندا رهندا؟ يا ان معاملي ۾ ڪا وڏي تبديلي به ايندي نظر اچي ٿي؟ ڇا انهيء بد نصيب ڪهاڻيء جو ڪو انت ٿيندي به ڏسڻ ۾ اچي ٿويا جيڪي جيئن آهي اهو ئي سنڌ جي عوام جو هميشه جي لاء نه تبديل ٿيڻ جهڙو مقدر بڻجي چڪو آهي؟ ڇا دنيا ۾ تيزيء سان ايندڙ سياسي شعور ۽ سماجي سجاڳيء وارين تبديلين جو ڪو اثر سنڌ جي مدي خارج سياست تي به پيو آهي يا حالتون اڃا به وڌيڪ جمود جو شڪار ٿي ويون آهن؟بظاهر ڏسجي ٿو ته هتي ڪجھ ناهي بدليو.چهرا ته برابر بدلبا رهن ٿا پر سياسي نفسيات ۽ نظام ۾ ڪا فيصلائتي تبديلي آئي هجي.سوچن مجتمع ٿي ڪو مثبت رخ ورتو هجي يا تبديليء جي لاء ڪو سماجي ۽ سياسي سطح تي موثر،مربوط ۽ منظم ڪم ٿي رهيو هجي تڏهن به بهتري جي ڪانه ڪا اميد پيدا ٿي پوي ها. انهيء ڪري مايوسيء جا ڪڪر جيئن پوء تيئن گهرا ٿيندا ٿا وڃن. ان مايوسيء جو انجام ڇا ٿئي خدا بهتر ڄاڻي ٿو.هڪ موت واري خاموشي ڇانئيل آهي انهي خاموشيء پويان ڪو خطرناڪ طوفان لڪيل هجي، ڪجھ چئي نٿو سگھجي.
اها ڳالھ اڃا به وڌيڪ ڳڻتيء لائق آهي جو سنڌي ڳالهائيندڙ آباديء جي نمائندگيء جون دعوائون ڪندڙ سياسي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي هن وقت خود پنهن جي وجود جي جنگ وڙهي رهي آهي. ڇا به هجي پر مجموعي طور تي پاور پوليٽڪس کيڏندڙ پارٽين ۾ پيپلز پارٽيء جو رويو ماضيء ۾ ٻين پارٽين يا اتفاقي پيدا ٿيل سياسي گروپن جي ڀيٽ ۾ ڪجھ چڱو ۽ وڌيڪ جمهوري رهيوآهي ۽ عام ماڻهن هميشه هن پارٽيء سان گھڻيون اميدون لڳائي رکيون آهن ۽ڪيترن ئي موقعن تي پپلز پارٽيء کي عوامي دٻاء تحت پنهن جا ڪيترائي فيصلا واپس به وٺڻا پيا آهن پر پيپلز پارٽي اڄ سياسي تاريخ جي جنهن بي رحم موڙ تي بيٺل آهي اتي پارٽي جي مڪمل برباديء جي صورت ۾ سنڌ ۾ ٻيو سياسي متبادل نه هئڻ سبب سنڌ جي سياسي ماحول ۾ جيڪا افراتفري پيدا ٿيندي ۽ ذاتي مفاد رکندڙ سياسي گروپ جيترو مضبوط بڻبا ان جو اندازو هن وقت ڪنهن کي به نه آهي.پر جيڪڏهن ايئن ٿئي ٿو ته اهو ڏاڍو خراب هوندو.هن وقت پيپلز پارٽيء جي مڪمل نموني تبديل ٿيل هيئت ۽ پاليسين سنڌ جي ماڻهن ۾ محرومين، مايوسين ۽ ويڳاڻپ جي احساس کي گھڻو وڌائي ڇڏيو آهي.هوڏانهن پيپلز پارٽيء جي قيادت پارٽيء جي وجود جي سوال کي مخاطب ٿيڻ بدران الٽو اهو احساس يقين ۾ بدلائي چڪي آهي ته ڇا به ٿي پوي سنڌ جو عوام سڀ ڏاڍايون وساري ووٽ وري به اسان کي ئي ڏيندو! اها اهڙي خوشفهمي آهي جنهن پيپلز پارٽيء جي لاء سڌاري ۽ سوچ جا سڀ در في الحال بند ڪري رکيا آهن.ان حقيقت کي نظرانداز ڪندي ته جيڪڏهن سنڌ جي عوام کي اجائي آزمائش ۾ وڌو ويو ته پوء اهي ٻيو نه ته پي پي جي دشمنيء ۾ ئي سهي پر انهن مفاد پرست سياسي ٽولن کي اڳتي آڻي سگھن ٿا جن جو ماضي سنڌ جي ضلعن کي ورهائي سياسي پليٽن تي رکڻ ۽ سنڌ جي وسيلن کي لکي پڙهي ٻين جي حوالي ڪرڻ ۾ شاندار ريڪارڊ به رکن ٿا.موجوده بلدياتي چونڊن ۾ پيپلز پارٽيء جي “ شاندار” فتح ته هيڪاري حڪومتي وزيرن ۽ مشيرن جو اهڙو مٿو وڃائي ڇڏيو آهي جو اهي اجاين مهم بازين ۽ مقابلن تي لهي آيا آهن ۽ پنهن جون سموريون صلاحيتون عوامي مسئلن ۽ پارٽي معاملن تي استعمال ڪرڻ بدران عجيب غريب حرڪتون ڪندي نظر اچن ٿا.
اهو صحيح آهي ته عوام جي وڏي اڪثريت حڪومت خلاف ڳالهائي ٿي،انهن جي ڪرتوتن مان بيزار نظر اچي ٿي،انهن کي ئي پنهن جن سمورن مسئلن ۽ تڪليفن جو ذميدار سمجھي ٿي. پر ايندڙ چونڊن ۾ به ڪا وڏي تبديلي ڏسڻ ۾ايندي،اهو مشڪل آهي.ان جو وڏو سبب شايد سنڌ ۾ ڪنهن مثالي سياسي متبادل جو نه هئڻ آهي. موجوده بلدياتي اليڪشن جا نتيجا به ان راء کي پختو ڪري رهيا آهن. ماڻهو اهو ٿا سمجھن ته هنن کي ووٽ ڏيو يا هنن کي ، ڳالھ مڙيئي ساڳي آهي. ووٽ ڏيڻ سان اسان جا مسئلا اصل حل نه ٿيندا ان ڪري بس ووٽ ڏيڻو آهي سو ڏيئي ڇڏيو.پيپلز پارٽي هجي يا ڪا ٻي پارٽي ووٽ ته وڏيرن کي ئي ڏيڻا آهن ۽ گھڻو ڪري وڏيرن جون نيتون ۽ نفسيات ساڳي ٿئي ٿي. سو ماڻهو اهو سوچين ٿا ته جڏهن ٻنهي پاسي ڪم ساڳيا آهن ته پوء بهتر آهي ته ووٽ جوٿورو وري به ڀٽن تي ڪري ڇڏجي! ايئن سمجھو ته عوام پنهن جو ووٽ به بيزاريء ۽ مايوسيء وچان پنهن جي جان ڇڏائڻ لاء ڏئي ٿو.ڪنهن وڏي تبديليء جي اميد تي نٿوڏئي.عوام انهن نام نهاد آزمايل سياستدانن کان مڪمل بيزار هئڻ باوجود پنهن جو پاڻ کي اهڙي سياسي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل محسوس ڪري ٿو جنهن مان نڪرڻ جو ڪو رستو نظر نٿو اچي ۽ اهي سياستدان عوام جي ان بيوسيء ۽ مجبوري جو پوروپورو فائدو حاصل ڪن ٿا.
سنڌ جي ڏينهون ڏينهن تباه ٿيندڙ معاشي صورتحال،عوامي مسئلن ۽ مشڪلن جو انبار،سنڌ جي سماجي ادارن جي بربادي،سڄي سنڌ جي روڊن رستن جي زبون حالي،سرڪاري اسپتالن جي قابل رحم حالت،تعليمي سرشتي جي تباهي،مسلسل وڌندڙ بي روزگاري،ڪوهستان ۽ٿر ۾ گذريل ڪيترن سالن کان پيدا ٿيل سخت ڏڪار واريون حالتون، پيئڻ جي صاف پاڻيء جي عدم فراهمي،اهي سڀ شيون رڳو افسانا ۽ الزام ته ناهن پر حڪومت وٽ ڪرڻ جي لاء جيڪي ڪم باقي بچيا آهن سي اهي ته سنڌ اسيمبليء جو اجلاس ئي ان لاء منعقد ٿئي ٿو ته قومي ناڻي جي ڦرلٽ ڪندڙ ظالمن کي رينجرز جي گرفتاري کان ڪيئن بچايو وڃي يا وري جيڪڏهن قانون نافذ ڪندڙ ادارا خوش قسمتيء سان ڪو ڏوهاري پڪڙي انهيء تي ڪيس ٺاهي کيس عدالت جي در تائين پهچائين ته حڪومت جي قلم جي هڪ ئي جنبش سان انهيء کي آزاد ڪيئن ڪيو وڃي! ان ۾ڪهڙي عربي ۽ فارسي آهي جو وڏي وزير طرفان بار بار وضاحتون ڪيون پييون وڃن ته قانون پاس ڪرڻ جو مقصد اهو ناهي، ته پوء باقي ٻيو ڪهڙو مقصد آهي؟ جڏهن ايڪيهينء صديء ۾ به ڪا حڪومت جهالت جي زماني وارا جھنگ جا قانون نافذ ڪندي هجي ته اهڙي حڪومت مان ڪهڙي روشن خيالي ۽ ترقي پسنديء واري رويي جي اميد ڪري سگھجي ٿي!ٰلڳي ٿوته حڪومت ٻيا سڀ بنيادي ۽ اهم عوامي ڪم مڪمل ڪري هاڻي ان ڪم ۾ لڳل آهي ته ڏوهارين جي بنيادي حقن جو خيال رکندي انهن جي ڪيئن قانوني مدد ڪئي وڃي ته جيئن اهي آزاديء سان بنان خوف جي پنهنجون ڏوهاري سرگرميون جاري رکي سگھن!ڪنهن مهذب معاشري ۾ ان قسم جي ڪريل قانون جو تصور به شرم جو باعث شمار ڪيو ويندو آهي.
سنڌ جو عوام موجوده وقت شديد مايوسين ۽ ويڳاڻپ جو شڪار آهي جتي سندن نمائندگيء جا دعويدار حڪمران سندن ڦٽن تي مرهم رکڻ بدران مٿن لوڻ ٻرڪي رهيا آهن،ٻئي پاسي اهي سياسي اداڪار آهن جيڪي هن سموري صورتحال مان فائدو کڻي ڪنهن نه ڪنهن طرح ڪرسيء تي قبضو ڪرڻ جي آس ۾ آهن. انهن وٽ به نه ته عوامي احساس آهي نه ئي عوامي ڀلائيء جو واضح منصوبو ۽ ٽئين طرف وفاقي حڪومت آهي جيڪا سنڌ جي عوام کي پيپلز پارٽيء کي ووٽ ڏيڻ جي ڏوھ ۾ وفاقي حڪومت جي سمورن عوامي منصوبن ۾شامل ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويٺي آهي.سنڌ جي عوام ۾ پيدا ٿيل اهو ويڳاڻپ.محرومي،بيوسي،مجبوري ۽ اذيت جو احساس وقت گذرڻ سان وڌي رهيو آهي.
روزاني جيجل 19 جنوري 2016ع