• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نثري نظم *ڊاڪٽر ذوالفقار علي چانڊيو

روين کي بہ ھڪ
ڏاٺ ٿئي ٿي
اڻ ڍنگا رويا
انسان کي
ڏاڙھي وجھندا آھن!!
وحشيا بہ سخاوت
ڪري ٿي!!
ٻين جي رت سان وضو
ڪري عبادت ڪرڻ
پرھيز گاري ڪونہ آھي
ذات لاء فرعون
کي بہ احساس ٿئي ٿو
سچ ھميشه ننگو گھمي
ڪوڙ کي خوبصورت لباس
پھريل ھوندو آھي!
ظالم بھادر سڏجن ٿا!
غريب ڊڄڻا ڪانئر گستاخ
بيوقوف سڏجن ٿا!!
فطرتي حسن کي حواسن سان
محسوس ڪري سگھجي ٿو،
فطرتي حسن کي پسند ڪرڻ
محبت ڪرڻ چاھڻ
انسان جي شعور جو عمل آھي!
 
Back
Top