نثري نظم *ڊاڪٽر ذوالفقار علي چانڊيو

'سنڌي شاعري' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏22 جنوري 2016۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    روين کي بہ ھڪ
    ڏاٺ ٿئي ٿي
    اڻ ڍنگا رويا
    انسان کي
    ڏاڙھي وجھندا آھن!!
    وحشيا بہ سخاوت
    ڪري ٿي!!
    ٻين جي رت سان وضو
    ڪري عبادت ڪرڻ
    پرھيز گاري ڪونہ آھي
    ذات لاء فرعون
    کي بہ احساس ٿئي ٿو
    سچ ھميشه ننگو گھمي
    ڪوڙ کي خوبصورت لباس
    پھريل ھوندو آھي!
    ظالم بھادر سڏجن ٿا!
    غريب ڊڄڻا ڪانئر گستاخ
    بيوقوف سڏجن ٿا!!
    فطرتي حسن کي حواسن سان
    محسوس ڪري سگھجي ٿو،
    فطرتي حسن کي پسند ڪرڻ
    محبت ڪرڻ چاھڻ
    انسان جي شعور جو عمل آھي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو