علم عروض: بحر رجز بابت سمجھاڻي سھڙيندڙ: *ڊاڪٽر ذوالفقار علي *!

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏22 جنوري 2016۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    رجز جي لغوي معني' آھي بي اختياري ۽ تيزي. ھن بحر تي اھو نالو پوڻ جا مختلف سبب بيان ڪيا ويا آھن.
    عرب وارا گھڻو ڪري پنھنجي قوم جي مردانگي بھادري ۽ شرافت جو جنگ جي ميدان ۾، بي اختيار ٿي جلدي ۾ اظھار ھن بحر ۾ ڪندا آھن،
    جيئن تہ اھو وقت اضطراب جو ھوندو آھي تنھن ڪري ھن بحر تي اھو نالو پيو آھي.رجز ھڪ قسم جي بيماري آھي،
    جيڪا اٺ کي ٻنڊڻن ۾ ٿيندي آھي، ان جي ڪري اٺ کي ڏڪڻي اچي وٺندي آھي ۽ اٺ ھلڻ بدران بيھي رھندو آھي ۽ ڏڪڻ لڳندو آھي.
    عرب وارا اٺ تي ويھڻ لاء عام پاکڙي کان بہ ھڪ قسم جو ننڍڙو پاکڙو ڪتب آڻيندا ۽ ان کي رجز ڪوٺيندا آھن
    پاکڙي جي سلسلي ۾ اھا ھڪ قسم جي ڪوتاھي ليکي ويندي آھي جيئن تہ ھن وزن ۾ پھريائين ٻہ سبب خفيف آھن
    جنھن ڪري چرپر کان پوء سانت اچيو وڃي، انھيء مناسبت سان ھن بحر جو اھو نالو رکيو ويو آھي.
    ُُھن بحر جو سالم رڪن آھي مستفعلن جيڪو متصل توڙي منفصل صورت ۾ ڪتب اچي ٿو. متصل صورت ۾ ان جا مذاحف ارڪان آھن ويھ ۽ منفصل صورت ۾ اٿس ڇھ جيڪي فروغ جي بيان ۾ ڏنا ويا آھن. ھن بحر جي مختلف مستعمل شاخن جي سمجھاڻي ۽ بيان ھيٺ ڏجي ٿو. بحر رجز مربع
    1- رجز مربع سالم: وزن مستفعلن مستفعلن ٻہ ڀيرا
    فاضل شاھ:
    دلدار دلبر دادلا،- توکي سڪان ساريان سدا.
    تقطيع: دلدار دل مستفعلن، بر دادلا مستفعلن، توکي سڪا مستفعلن سارا سدا مستفعلن.
    ٻيا مثال: صالح ھالائي:
    ڪلمو شھادت چئي اتي، آيو سچي اسلام تي،
    صائب:
    ڪنھن سان ڪريان اڄ گفتگو،
    دلبر نہ آھين روبرو.
    ھري دلگير:
    سنڌو ائين ڪھندي اچي،
    لھندي اچي وھندي اچي.
    نثار بزمي:
    مان ديس تان صدقي وڃان،
    شل ديس وارا خوش ھجن.
    نبي بخش مورائي:
    چيھن سندا ڇا چھچا، آھن چمن ۾ اڄ ٿيا.
    عاجز بيدي:
    دل جان سان چئجي سدا، صلو عليه وآله.
    جيون کي لائڻ دڳ، پاڳل کي ڄڻ پٿر ھڻڻ.
    2- رجز مربع مذال: وزن مستفعلن مستفعلان ٻہ ڀيرا: صائب:
    ڪر ڪو ڪرم اي ڪارساز.
    رک اڄ ڀرم اي بي نياز.
    تقطيع: ڪر ڪو ڪرم مستعفعلن، اي ڪار ساز. مستفعلان، رک اڄ ڀرم مستفعلن اي بي نياز مستفعلان.
    3-رجز مربع مرفل: وزن مستفعلن مستفعلاتن ٻہ ڀيرا. صائب:
    پيئڻو پوي ٿو زھر ڇا لئہ،
    سڌ ناھ ڪا سڌڙين يارو
    تقطيع : پيئڻو پوي مستفعلن ٿو زھر ڇا لئہ مستفعلاتن ، سڌ ناھ ڪا مستفعلن سڌڙن ک يارو مستفعلاتن.
    ھن بحر جو وزن، بحر رجز مسدس محذوذ محذوف جي وزن مستفعلن، مستفعلن،فع سان ملي اچي ٿو،
    4-رجز مربع مقطوع:
    وزن مستفعلن مفعولن ٻہ ڀيرا،
    صائب:
    ھن درد جو دارون ڏس،
    جي آھ ڪجھ تنھنجي وس.
    تقطيع: ھن درد جو مستفعلن دارو ڏس مفعولن جي اا ھ ڪجھ مستفعلن تنھنجي وس مفعولن.
    5-رجز مربع اعرج :
    وزن مستفعلن مفعولان ٻہ ڀيرا.
    صائب:
    ھن دور جو ھر سقراط.
    آھي فقط ڳالھ ئي ڳالھ.
    تقطيع:
    ھن دور جو مستفعلن ھر سقراط مفعولان اا ھ ھي فقط مستفعلن ڳالي ڳالي مفعولان.
    6- رجز مربع مخبون:
    وزن: مستفعلن مفاعلن ٻہ ڀيرا.
    صائب:
    جنھن کي ڏٺم ٿي قرب سان،
    آيو ٿي سو اکيون ڪڍي.
    تقطيع: جھ کي ڏٺم مستفعلن، ٿہ قرب سان مفاعلن اا يو ٿہ سو مستفعلن اکو ڪڍي مفاعلن.
    جاٻيا بہ چار قسم آھن.
    7رجز مربع مخبون مذال:
    وزن: مفتعلن مفاعلان ٻہ ڀيرا.
    8-رجز مربع مطوي:
    وزن: مفتعلن مفتعلن ٻہ ڀيرا.
    9- رجز مطوي مرفل:
    وزن: مفتعلاتن مفتعلاتن ٻہ ڀيرا.
    10- رجز مربع مخبون مرفل:
    وزن: مفاعلاتن مفاعلاتن ٻہ ڀيرا
    بحرن جون باقي سمجھاڻيون ٻئي ڪنھن مضمون ۾ ڏيندس.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو