“سڀ ڪجھ ٺيڪ واري عينڪ”......!!!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏26 جنوري 2016۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    “سڀ ڪجھ ٺيڪ واري عينڪ”......!!!

    شفيق شاڪر

    اسان جي پيارن راجائن جي جيتري پنهنجي رعيت سان پريت ۽ محبت آهي ايتري شايد هير جي رانجھي سان به نه هئي! هنن جي عوام سان عشق جي ديوانگي ته ڏسو جو ڏينهن رات هڪئي وائي وات تي اٿن ته ” اسان جو عوام..اسان جو عوام ! “ ٻي طرف هي “سنگدل ۽ ناشڪرو” عوام آهي جو هروڀرو ڏينهن رات سندن شڪايتون ڪندو رهي ٿو. عوام جي محبت ۾ مجبور هي حڪمران آخر ٻيو ڇا ڪن؟ هنن ويچارن ته هر شيء عوام جي نالي ڪري ڇڏي. بک ۽ بدحالي عوام جي نانء، مهانگائي ۽ مصيبت عوام جي نانء ، بجٽ جو سڀ خسارو عوام جي نانء ، سڀ رهزن، لٽيرا ۽ ڌاڙيل عوام جي نانء ، ڪاسائي ڊاڪٽر ۽ بدعنوان ڪامورا سڀ عوام جي نانء ، عوام جو رت چوسيندڙ انساني شڪل جا سمورا نانگ عوام جي نانء.! پر افسوس هنن ويچارن جي ڪم نصيبي جو پنهنجو سڀ ڪجھ عوام تي گھورڻ کان پوء به ماڻهن جون ميارون نٿيون کٽن! باقي عوام لاء مغز ڦاڙائڻ رهجي ويو آهي سوبه هي ڪري وٺن پر کين وري به عوام جو اونو ايئن ڪرڻ کان روڪي ٿو جو عوام کي اهڙي منفرد مخلوق وري مارڪيٽ مان ڪٿي ملندي! عوام جي محبت ۾ مجنون انهن حڪمرانن ملڪ ۽ قوم جي جيڪا ٻيڙي ٻوڙي آهي انهيء جو مثال ٻئي ڪنهن مهذب ملڪ ۾ مشڪل سان ملندو. انهن مان ڪنهن وڏن بوٽن ۽ ڏنڊي جي زور تي عوام کي دٻائي ۽ هيسائي اقتدار جا مزا ماڻيا ته ڪو وري اميرالمومنين جي ويس۾قدرت جو عذاب بڻجي اچي قوم تي ڪڙڪيو.خدا سان محبت جون ايتريون ته دعوائون ڪندو هو جو هڪ ڏينهن زمين تي پهچڻ کان پهرين فضائن ۾ ئي خود خدا کي پيارو ٿي ويو. اهو اهڙو ته نيڪ حاڪم هو جو خدا جي گنهگار مخلوق کي سرعام ڦاهيون ڏيندو هو ۽ پاپين جي اگھاڙين پٺين تي چهبڪ وسرائيندو هو. انصاف ۾ عدل جهانگيريء کي به پوئتي ڇڏي ويو! پر هن وٽ گنهگار صرف اهي هئا جيڪي هن جي مخالفت جو گناه ڪندا هئا.وچ ۾ ڪجھ چڱا حڪمران به آيا پر انهنجا پويان وارث اهڙا ته صاحب ڪرامت هئا جو غريبن جي قومي خزاني کي آئيسڪريم جو ٿال سمجھي ٿڌو ئي ٿڌو ڪجھ ئي گراهن ۾ ڳڙڪائي ويا.پروري پرائي مال تي به خوددار اهڙا جو نه رڳو پاڻ کاڌائون پر پنهنجن يارن، دوستن ۽ مٽن مائٽن کي اهڙي اک ڀڳائون جواهي به سڀ جا سڀ آئيسڪريم جي دوڪان کي ماڪوڙن جيان چنبڙي ويا. سڄيون بازارون ۽ سمورو عوام اهو ڪرتب ڏسي وات ڦاڙي حيرت ۽ حسرت وچان دنگ رهجي ويا. جڏهن اوڳرائين جو آواز وڃي سئيزرلينڊ پهتو ته انصاف جي ستل ديوي سجاڳ ٿي ۽ احتساب جي راڪاس اک پٽي.ڪاغذ ڪٺا ٿيڻ لڳا ۽ مقدما مچڻ لڳا پرجيئن ته قسمت جو ستارو سدائين سرس رهيوسو اهي فائيل به در در جا ڌڪا کائي آخرڪار سڙي ۽ ڦاٽي ويا.صاحب بهادرباعزت بري ٿي محاذ تان موٽيا.عوام کي اهو سريو جو جيترو عوامي پئسو انهن هضم ڪيو هو انهيء کان ٻيڻو عوامي ڏوڪڙ ان قانوني ڏي وٺ ۽ ٺلهين ٽپالن ۾خرچ ٿي ويو! مٿان آيو شريفن جو وارو! جن پنهنجي بي بها شرافت سان اهڙو ته عوام جو پيٽ ڀري ڇڏيوجو کاڌي پيتي جي ضرورت ئي نه رهي. مانيء جي بدران شرافت، چانھ جي بدران شرافت، دوائن جي بدران شرافت،تعليم جي بدران شرافت،ڪپڙي لٽي جي بدران شرافت، انصاف ۽ امن جي بدران شرافت، بسن ۾ شرافت ته روڊن تي شرافت، وڏن وڏن بجلي گھرن ۾ به شرافت ڪاهي پيئي.مطلب ته گھر گھر ۽ گھٽي گھٽي شرافت جا چشما بوڙيون ڏيئي ڦٽڻ لڳا ۽ خلق خدا انهن ۾ شرافت جون ٽٻيون هڻن لڳي.حيرت جي ڳالھ اها جو اهي شريف سڄي دنيا ۾ شرافت جا موتي ورهائن کان پوء به پاڻ نه رڳو شريف رهيا پر ان سان گڏ امير ۽ ڪبير بڻجي ويا.اهڙا امير ۽ ڪبير جو سندن سوين نسل اڃا به ان شرافت جي ڇانو ۾ زندگي گذاري سگھن ٿا. انهن حڪمرانن کي خبر ناهي ڪهڙي جادو جي عينڪ پاتل هوندي آهي جنهن مان انهن کي هروقت موسم مستاني ۽ خوبصورت نظر ايندي آهي.اهي جڏهن حڪومتن کان ٻاهر هوندا آهن ته معاملن ۽ مسئلن جو تجزيو ڪرڻ جا الڳ معيار هوندا آهن پر پاڻ جڏهن اقتدار جي ديويء کي ڀاڪر پائيندا آهن ته پوء عوام انهن کي خوشحاليء جي دريا ۾ ٽٻيون هڻندي محسوس ٿيندو آهي. تازو سنڌ جي ناڻي واري وزير سيد مرادعلي شاه سانا طرفان ڪرايل ڪانفرنس ۾ سنڌ جي ترقيء ۽ خوشحاليء جي باري ۾ جيڪو ڏاهپ ڀريو عظيم تجزيو پيش ڪيو آهي انهيء تي سنڌ جي ماڻهن کي مستيء وچان جھمريون هڻڻ گھرجن جو سائينء جي ٻڌايل خوشخبريء مطابق سنڌ ترقيء جون سڀ منزلون طيء ڪري چڪي آهي. ڪنهن کي يقين نه اچي ته سائينء جي ڳوٺ وڃي پنهن جن اکين سان ڏسي وٺي ته جتي اڳ۾ صرف ٽي موٽر سائيڪلون هونديون هيون اتي هاڻي خدا جي فضل سان پندرهن موٽر سائيڪلون سيٽيون هڻندي نظر اچن ٿيون.ترقي ٻيو ڇا کي چئبو آهي!ڪجھ سال اڳ جڏهن سيد يوسف رضا گيلانيء کي اقتدار جي عينڪ چڙهيل هئي ته هن به ان قسم جي هڪ بيان جو ميزائيل اڇلي پاڪستاني قوم کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو هو.فرمايو هئائين ته پيپلز پارٽيء جي حڪومت پنهنجي منشور تي نوي سيڪڙو عمل مڪمل ڪري چڪي آهي باقي صرف ڏھ سيڪڙو رهيل آهي.اڄ اهو ساڳيو سيد سڳورو موجوده حڪومت جي نااهلين ۽ عوام جي مصيبتن جو ماتم ڪندي نظر اچي ٿو.سو جيڪر سيوهاڻي سيد کي به سنڌ ۾ سڀ ڪجھ صحيح نظر اچي ٿو .هر طرف سک ۽ سڪون جي بانسري وڄي رهي آهي ته انهيء ۾ شاه صاحب تي چڙڻ جي ڪهڙي ڳالھ آهي، جڏهن اقتدار جي عينڪ لڳل هوندي آهي ته اهو ئي ڪجھ نظر ايندو آهي جيڪو هن وقت شاھ صاحب کي نظر اچي پيو.جڏهن حڪومت وٽن نه هوندي ته پوء کين سنڌ ۾ هر طرف بربادي ئي بربادي نظر ايندي. ڪجھ ذڪر ڪجھ عرصو پهرين آيل هڪ ٻي شرافت واري خبر جو به ڪجي! خبر اها آهي ته ڪنهن ڪاسائي قسم جي ڊاڪٽر ڪنهن ٻارڙيء جو آپريشن ڪرڻ بعد مائٽن طرفان مقرر في ادا نه ڪري سگھڻ تي آپريشن کان تڪڙو پوء ان ٻارڙيء جي پيٽ جا تازا لڳايل ٽانڪا واپس اڌيڙي ڇڏيا! اها خبر جيڪڏهن ٻئي ڪنهن لاء نه ته ان ڊاڪٽر جي والدين جي لاء ضرور ڳڻتيء جوڳي هئڻ گھرجي جن پنهنجي پٽ کي ڊاڪٽري پڙهائي صرف پئسو ڪمائيندڙ مشين ته بنائي ڇڏيو پر اهو نه سيکاريو ته انسانيت به ڪا شيء ٿيندي آهي!
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    هميشه جيان اوهانجو سهڻو ڪالم . واڪا ڪرڻ وس مون ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو