خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / 27 جنوري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* آمريڪا ۾ برفباريءَ 10 رياستن کي مفلوج ڪري ڇڏيو (خبر)
** سنڌ کي وري آصف زرداريءَ جي ڪرپشن، مفلوج ڪري ڇڏيو آهي (تبصرو)

* سياست ۾ ريٽائرمنٽ جي عمر جي حد نه هوندي آهي:کيئل داس ڪوهستاني (خبر)
** تڏهن ته قائم علي شاهه جھڙا ذهني مفلوج اوهان جا هيرا آهن (تبصرو)

*پ پ پ ڪراچي آپريشن ۽ رينجرز جو معاملو آمريڪا ۾ کڻندي (خبر)
* * ڇو ٿا جڳ کلايو، ڪجھه ته شرم ڪريو...؟؟ (تبصرو)

* ٿر ۾ دوائن ۽ غذائي کوٽ خلاف پ پ پ ش ڀ جا مظاهرا (خبر)
* * قومپرست، ٿري ٻارڙن جي مرڻ تي سدائين وانگيان اگھور ننڊ ۾ آهن (تبصرو)

* مدرسن ۾ تعليمي معيار اسڪولن کان بهتر آهي: قلندر شاهه (خبر)
* * سائين، ڀلا... .ڪريون سمورن اسڪولن کي مدرسن جي حوالي؟ (تبصرو)

* پلاٽن جي چائنا ڪٽنگ لاءِ سنڌ ڪنٽرول بلڊنگ اٿارٽيءَ جي متبا دل دفتر جو انڪشاف (خبر)
** ڪرپشن، مٿان مها ڪرپشن...ايڪ زرداري سب پر ڀاري (تبصرو)

*سنڌ جي اسپتالن ۾ دوائن جي خريداريءَ ۾ 71 ارب روپين جو گھوٻيون (خبر)
** ڪرپٽ زرداري ۽ ڪراڙيَ قائم علي شاهه جو وس پڄي ته ساري سنڌ وڪڻي کائن (تبصرو)
 
Back
Top