مورڙو ۽ مانگر مڇ

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ چانڊيو عبدالرحيم طرفان آندل موضوعَ ‏27 جنوري 2016۔

  1. چانڊيو عبدالرحيم

    چانڊيو عبدالرحيم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2015
    تحريرون:
    94
    ورتل پسنديدگيون:
    188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    زميندار
    ماڳ:
    ڪڙيو گهنور،ضلع بدين سنڌ
    مورڙو ۽ مانگر مڇ
    قصو ڪلاچئ جي ڪن هو
    ’مورڙي ۽ مانگرمڇ جو داستان‘ سنڌ جي مشهور قصن ۽ داستانن ۾ هڪ انفرادي حيثيت رکي ٿو. هيءُ هڪ جنگي داستان آهي، پر جنگ سامونڊي جانور سان آهي. هيءُ داستان سنڌ جي ملاحن جي همت ۽ حڪمت عملي توڙي سنڌ ۾ ڪلن جي اعليٰ هنر ۽ حرفت تي شاهد آهي. مجموعي طور سان هيءُ سنڌ جي سورهيائي ۽ هنرمنديءَ جو داستان آهي.
    مورڙي جي ڀائرن جي خود اعتمادي، جو ٻيا تانگها ۽ تار ڀيلي آخر وڃي ڪلاچيءَ جي ڪُن تي ڪاهيائون، سندن همت ۽ مردانگي، جو هڪ ٻئي جي مدد لاءِ ڪمر ڪشي بيٺا ۽ وڃي مانگر جي منهن پيا پر قدم پوئتي نه هٽايائون، مورڙي جي دورانديشي ۽ دانائي، جو هُوڙهو ٿي ڪُن ۾ ڪاهي ڪو نه پيو، پر مانگر مڇ سان سهي سنڀري وڙهيو ۽ دلوراءِ بادشاهه کان مدد وٺي اهڙو ڪو ڪَل وارو ڪائو جوڙايائين، جنهن ۾ ويهي اونهي ۽عميق ۾ لٿو ۽ مانگر مڇ سان مقابلو ڪري ان کي ماريائين. ’ڪائي جي ڪَل‘ ذريعي، سمنڊ ۾ ماڻهو جي هيٺ لهڻ واري تخيل جي تاريخ جانچبي ته سنڌ جو هيءُ داستان ان جي آڳاٽن اهڃاڻن مان نظر ايندو. دلوراءِ جي دور ۾ سنڌ ۾ ڪلن جو هنر ۽ حرفت انهيءَ پايي تي پهتل هو، جو اهڙو ڪو اوزار ٺاهيائون جنهن کي مورڙي استعمال ڪيو. ائين ٿي سگهي ٿو ته قصي ۾ پوءِ ان واقعي کي وڌائي پيش ڪيو ويو هجي. پر بنيادي طور ڪا اهڙي ڪَل هئي، جنهن کي استعمال ڪيو ويو. جيڪڏهن ان ’ڪَل‘ کي محض تخيل قرار ڏجي، ته به اهو تخيل بذات خود قابل قدر آهي. موجوده دﺂر ۾ سامونڊي ٽوٻن جو ڪائي ۽ ڪلن وارن پڃرن ۾ هيٺ لهڻ ڄڻ مورڙي جي تخيل جي تعبير آهي.
    قصي جي قدامت
    مورڙي جو داستان دلوراءِ جي دور سان وابسته آهي، دلوراءِ غالباً عربن جي دور جي آخر ۽ سومرن جي شروعات واري دور ۾ اندازاً پنجين صدي هجريءَ جي نصف اول ۾ ٿي گذريو، انهيءَ لحاظ سان هيءُ داستان پنجين صدي هجري يعني يارهين صدي عيسويءَ ۾ اُسريو، ۽ سومرن جي رومانوي دور ۾ ڳايو ويو. سمن جي دور ۾ هيءُ داستان ايترو ته مقبول عام هو جو چوڏهين – پندرهين صدي عيسويءَ ۾ ان بابت اهڙا ته پُر معنيٰ بيت چيا ويا جو ڳائيندڙن انهن کي اهل دل صاحبن جي مجلسن ۾ ڳايو.
    ان بعد ٻارهين صدي هجري (ارڙهين صدي عيسوي) ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ حضرت شاه عبداللطيف رحه ’سُر گهاتو‘ ۾ هن داستان جي خاص نُڪتن کي ورجايو.
    مورڙي جي ڀائرن جو مقام
    جنهن آفت سان مورڙي جو مقابلو ٿيو، اها ڪهڙي آفت هئي؟
    ان بابت عام روايتن ۾ ٻه اشارا آهن. هڪڙين ۾ ان کي ’مانگر مڇ يا مڇ‘ ۽ ٻين ۾ ’ڪڇون يا ڪَڇئون‘ سڏيو ويو آهي. لاڙ وارين روايتن توڙي ٺٽي ۽ ڪراچي جي ساحلي باشندن ۽ ملاحن جي راين موجب اهو ’ڪَڇئون‘ هو. چون ٿا ته سمنڊ ۾ وڏا ڪڇئان ٿين ٿا ۽ ٻيڙايتن سان وڙهن ٿا. ٻين روايتن ۾، جي وڌيڪ مشهور ۽ مقبول آهن، ان آفت کي ’مڇ‘ يا ’مانگر مڇ چون جن کي انگريزيءَ ۾ وهيل،چئجي ٿو. ’شارڪ‘ جو شمار پڻ مانگر مڇن ۾ آهي ۽ اهو ماڻهو کي کائي ٿو. هن قصي جي روايتن موجب هن آفت مورڙي جا ڇھ ڀائر ڳڙڪائي ڇڏيا هئا، اهو ٽاڻو صرف ’مانگر مڇ‘ سان ئي لڳي ٿو.
    دلوراءِ جي ڪاريگرن اها ”ڪائي واري ڪَل‘ جوڙي، جنهن ۾ ويهي، مورڙو هيٺ سمنڊ ۾ لٿو ۽ وڃي مڇ کي ماريائين ۽ ان جو پيٽ چيري ڀائرن جا لاش ڪڍيائين.
    شهر ڪراچيءَ ۾ کَڏي کان ماڙيپور ڏانهن ويندڙرستي تي (موجوده ’وزير مينشن‘ نالي سرڪيولر ريلوي اسٽيشن جي سامهون) وچ تي هڪ چـوسول اندر سَتن قبرن جو هڪ خاص مقام آهي، جن مان ڇھ مورڙي جي ڀائرن جون ۽ سَتين سندن ڀيڻ جي چئي وڃي ٿي. انهيءَ مقام کان ڪافي پنڌ اڳتي ۽رستي کان هڪ پاسي ٽڪريءَ تي هڪ اڪيلي قبر ’مورڙي جي قبر‘ نالي سان مشهور آهي.
     
  2. خدابخش مشاخ

    خدابخش مشاخ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2014
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    مزدوري
    ماڳ:
    ماتلي
    قرب ادا اھڙي ڄاڻ ڏيڻ تي ميھرباني
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو