Shahbaz khan shar
سينيئر رڪن
مٺي جي سول اسپتال ۾ وڌيڪ هڪ ٻارڙو فوت،فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 131 ٿي ويو
جمعو 29 جنوري 2016

مٺي :مٺي جي سول اسپتال ۾ وڌيڪ هڪ ٻارڙو فوت ٿيڻ بعد ٿرپارڪر ۾ غذائيت جي کوٽ ۽ بيمارين سبب فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 131 ٿي ويو آهي، سنڌ حڪومت ضلعي کي ڏڪار سٽيل قرار نه ڏنو آهي، جنهن سبب متاثر لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن. مٺي جي سول اسپتال ۾ ڳوٺ الو ڪوٽڙيو جي رهواسي پورهيت اشفاق جو هڪ ڏينهن جو ٻارڙو بيماري جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو آهي. ٿرپارڪر ضلعي ۾ غذائيت جي کوٽ ۽ مختلف بيماري وگهي 29 ڏينهن دوران حياتيون وڃائيندڙ ٻارڙن جو انگ وڌي 131 ٿي ويو آهي. سنڌ حڪومت 5 مهينا گذرڻ باوجود ٿرپارڪر کي ڏڪار سٽيل قرار نه ڏنو آهي، جڏهن ته گذريل سال جي ڪڻڪ واري اٺين ڪوٽا جون هڪ لک 29 هزار ٻوريون به متاثرن ۾ ورهاست نه ٿي سگهيون آهن. ٿر پارڪر ضلعي ۾ سخت ڏڪاري حالتون آهن، جنهن سبب ضلعي جي مختلف ڳوٺن مان ماروئڙن جي بئراجي علائقن ڏانهن لڏپلاڻ شروع ٿي وئي آهي. ٿر واسين جو چوڻ آهي ته هر سال ڏڪار پوندو آهي، پر ڏڪار جا 5 مهينا گذري وڃڻ باوجود سنڌ حڪومت ضلعي کي ڏڪار سٽيل قرار نه ڏنو آهي بک ۽ بدحالي سبب هو پنهنجا اجها ڇڏڻ تي مجبور آهن.