اهي نيڻ تنهنجا ٻئي اياڻا اياڻا سلهاڙي ڇڏيائون سياڻا سياڻا ٻئي نيڻ تو لاءِ ٻاريا گهڻا مون اهي ڄاڻ ھاڻي اجهاڻا اجهاڻا صفحو سونهن تنهنجيءَ جو ڏاڍو ڏُکيو آ پون ٿا پڙھڻ ۾ ٽاڪاڻا ٽاڪاڻا تون جن سان من هاڻي گڏجي گهمين ٿو انهن کي گهڻو مان سڃاڻان سڃاڻان محبت ۾ استاد مون کي پتو آ گهڻا گهوٽجي ويا گهراڻا گهراڻا **** شاعري: استاد بخاري آواز: سرمد سنڌي