ٻول : اهي نيڻ تنهنجا ٻئي اياڻا اياڻا

'ٻول' فورم ۾ سجاد علي چنا طرفان آندل موضوعَ ‏30 جنوري 2016۔

  1. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    اهي نيڻ تنهنجا ٻئي اياڻا اياڻا
    سلهاڙي ڇڏيائون سياڻا سياڻا

    ٻئي نيڻ تو لاءِ ٻاريا گهڻا مون
    اهي ڄاڻ ھاڻي اجهاڻا اجهاڻا

    صفحو سونهن تنهنجيءَ جو ڏاڍو ڏُکيو آ
    پون ٿا پڙھڻ ۾ ٽاڪاڻا ٽاڪاڻا

    تون جن سان من هاڻي گڏجي گهمين ٿو
    انهن کي گهڻو مان سڃاڻان سڃاڻان

    محبت ۾ استاد مون کي پتو آ
    گهڻا گهوٽجي ويا گهراڻا گهراڻا


    ****
    شاعري: استاد بخاري
    آواز: سرمد سنڌي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو