ﻧﻮﺭﺍﻟﺪﻳﻦ ﻧﻔﻴﺲ ﭤﮭﻴﻢ : ﺟﺎﺗﻲ ﺟﻮ ﺳﮭﮣﻮ نڪ ﻋﺒﺪﺍﻟﺴﻼﻡ ﭤﮭﻴم ﺭﮐﻴﻮﻥ ﺗﻨﮭﻨﺠﻲ ﺟﻴڏﻥ، ﭔﻴﻠﮭﺎﺭﻥ ﺟﻮﻥ ﺭﺍﻧﺪﻳﻮﻥ ﭜﭵﺎﻳﻮﻥ ڪﻲ ﭜﻴﮣﻦ ﺗﻮ ﻻﺀِ ﻻﻝ ﻣﻴﻨﺪﻳﻮﻥ ﻳﺎﺩﻭﻥ ﺟﻦ ﮐﻲ ﺗﻨﮭﻨﺠﻮﻥ،ڏﻳﻨﭝﻮ ﭤﻲ ڏﻧﮕﻴﻨﺪﻳﻮﻥ ۽ ﺳﺎﺭﻭﮢﻴﻮﻥ ﺳﭝﻦ ﮐﻲ،ﮐﺎﺋﮡ ﭘﻴﻮﻥ ﺍﻳﻨﺪﻳﻮﻥ ﻧﻔﻴﺲ ﻧﺎﮬﻲ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﺭﻭﺋﮡ ﺟﻲ ﻭﮬﻲ ڪﭥﻲ ﺁﮬﻲ ﺗﻨﮭﻨﺠﻲ ﻭﭸﮡ ﺟﻲ ﻭﮬﻲ .... ﮬﻲ ﺳٽون ﺍﻥ ﺧﻮﺑﺼﻮﺭﺕ ﺷﺎﻋﺮ ﺟﻮﻥ ﺁﮬﻦ،ﺟﻨﮭﻦ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﭴﻤﺎﺭ ۾ ﺗﻤﺎﻡ ﮔﮭٽ ﮘﺎﻟﮭﺎﻳﻮ ۽ ﮔﮭﮣﻮ ﻟﮑﻴﻮ .. ﺟﻲ ﮬﺎ ﻧﻮﺭﺍﻟﺪﻳﻦ ﻧﻔﻴﺲ ﺍﺩﺑﻲ ﻟﺤﺎﻅ ﺳﺎﻥ ﺟﺎﺗﻲ ﺟﻮ ﺧﻮﺑﺼﻮﺭﺕ ﺣﻮﺍﻟﻮ ﮬﻮ. ﻣﺎﭠﻴﮣﻲ ﻃﺒﻌﻴﺖ ﺟﻮ ﮬﻲ ﺗﻤﺎﻡ ﺳﻠﮁﮣﻮ ﻣﺎﮢﮭﻮ ﮬﻮ،ﮬﻦ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﭴﻤﺎﺭ ۾ ﻋﻠﻤﻲ ﺍﺩﺑﻲ ﻓﻨﻲ ﮐﻴﺘﺮ ۾ ﻣﺜﺒﺖ ڪم ڪيو،ﺧﺎﺹ ﻃﻮﺭ ﺗﻲ ﺳﻨﺪﺱ ﻟﮑﻴﻞ ﺍﺳٽﻴﺞ ڊﺭﺍﻣﺎ ﮬﺘﺎﻥ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﮭﻦ ﻻﺀِ ﺍﺻﻼﺡ ۽ ﺳﺠﺎﮘﻲ ﺟﻮ ﺳﺒﺐ ﺑﮣﻴﺎ. ﮀﺎڪﺎﮠ ته ﮬﻦ ﺍﻥ ﺩﻭﺭ ۾ ﺟﺎﺗﻲ ۾ ﺻﺤﺘﻤﻨﺪ ﺳﺮﮔﺮﻣﻴﻦ ﺟﻲ ﺷﺮﻭﻋﺎﺕ ڪﺌﻲ،ﺟڏﮬﻦ ﮬﺘﻲ ﺷﻌﻮﺭ ﻓﻘﻂ ﻧﺎﻟﻲ ۾ ﮬﻮ ۽ ﻣﻴڊﻳﺎ ﺑﮧ ﺁﺯﺍﺩ ﻧﮧ ﮬﺌﻲ،ﮬﻦ ﺍﻧﮭﻲﺀَ ﻭﻗﺖ ۾ ﺑﻲ ﺯﺑﺎﻥ،ﭜﻮﻥﺀ ﺟﻮ ﭜﺎﻧﺪﻱ،ﻏﺪﺍﺭ ﺟﮭڙﺍ ڊﺭﺍﻣﺎ ڪﺮﻱ ﺟﺎﮔﻴﺮﺩﺍﺭﻥ ﺟﻲ ﺳﻔﻴﺪ ﭘﻮﺷﻲ ﮐﻲ ﻭﺍﺋﮑﻮ ڪﻴﻮ. ڊﺭﺍﻣﻦ ﮐﺎﻥ ﺳﻮﺍﺀِ ﮬﻦ ﺷﺎﻋﺮﻱ، ڪﮭﺎﮢﻴﻦ ۽ ڪﺎﻟﻤﻦ ۾ ﺑﮧ ﭠﮙﻦ ﺟﻲ ﭠﮙﻲ ﺗﺎﻥ ﭘﺮﺩﻭ ﮐﻨﻴﻮ. ﻧﻔﻴﺲ ﺟﮭڙﻱ ﻣﺎﮢﮭﻮ ﺟﻮ ﮬﺘﻲ ﮬﺌﮡ ﺍﺳﺎﻧﺠﻲ ﺧﻮﺷﻨﺼﻴﺒﻲ ﮬﻴﻮ، ﭘﺮ ﮬﻮ ﺑﻲ ﻭﻗﺘﺎﺋﺘﻲ ﻣﻮﺕ ﺳﺒﺐ ﺍﺳﺎﻥ ﮐﺎﻥ 21 آڪٽوبر2015 ﺑﺮﻭﺯ ﺍﺭﺑﻌﮧ ﺗﻲ ﮬﻤﻴﺸﮧ ﻻﺀِ ﻭﮀڙﻱ ﻭﻳﻮ. ﮬﻨﺠﻮ ﺟﻨﻢ ﺍﺭﺑﻌﮧ ڏﻳﮭﺎڙﻱ 1 ﻓﻴﺒﺮﻭﺭﻱ 1961 ﺗﻲ ﭤﻴﻮ ﮬﻮ. ﮬﻮ ﮬﺎﮢﻲ ﺍﺳﺎﻧﺠﻲ وچ ۾ ﻧﮧ ﺭﮬﻴﻮ ﺁﮬﻲ، ﭘﺮ ﺳﻨﺪﺱ ﺍﺩﺑﻲ ﭘﻮﺭﮬﻴﻮ ﮬﻤﻴﺸﮧ ﺳﻨﺪﺱ ﮬﺌﮡ ﺟﻲ ﮔﻮﺁﮬﻲ ڏﻳﻨﺪﻭ. ﺁﺀُ ﺗﮧ ﮬﻨﮑﻲ ﺟﺎﺗﻲ ﺟﻮ ﺳﮭﮣﻮ ڪﻮﭠﻴﻨﺪﻱ ﺑﮧ ﻭﮄﺍﺀُ ﻧﭥﻮ ﺳﻤﺠﮭﺎﻥ.