ﻧﻮﺭﺍﻟﺪﻳﻦ ﻧﻔﻴﺲ ﭤﮭﻴﻢ : ﺟﺎﺗﻲ ﺟﻮ ﺳﮭﮣﻮ نڪ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 فيبروري 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    ﻧﻮﺭﺍﻟﺪﻳﻦ ﻧﻔﻴﺲ ﭤﮭﻴﻢ : ﺟﺎﺗﻲ ﺟﻮ ﺳﮭﮣﻮ نڪ

    ﻋﺒﺪﺍﻟﺴﻼﻡ ﭤﮭﻴم

    ﺭﮐﻴﻮﻥ ﺗﻨﮭﻨﺠﻲ ﺟﻴڏﻥ، ﭔﻴﻠﮭﺎﺭﻥ ﺟﻮﻥ ﺭﺍﻧﺪﻳﻮﻥ
    ﭜﭵﺎﻳﻮﻥ ڪﻲ ﭜﻴﮣﻦ ﺗﻮ ﻻﺀِ ﻻﻝ ﻣﻴﻨﺪﻳﻮﻥ
    ﻳﺎﺩﻭﻥ ﺟﻦ ﮐﻲ ﺗﻨﮭﻨﺠﻮﻥ،ڏﻳﻨﭝﻮ ﭤﻲ ڏﻧﮕﻴﻨﺪﻳﻮﻥ
    ۽ ﺳﺎﺭﻭﮢﻴﻮﻥ ﺳﭝﻦ ﮐﻲ،ﮐﺎﺋﮡ ﭘﻴﻮﻥ ﺍﻳﻨﺪﻳﻮﻥ
    ﻧﻔﻴﺲ ﻧﺎﮬﻲ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﺭﻭﺋﮡ ﺟﻲ ﻭﮬﻲ
    ڪﭥﻲ ﺁﮬﻲ ﺗﻨﮭﻨﺠﻲ ﻭﭸﮡ ﺟﻲ ﻭﮬﻲ ....

    ﮬﻲ ﺳٽون ﺍﻥ ﺧﻮﺑﺼﻮﺭﺕ ﺷﺎﻋﺮ ﺟﻮﻥ ﺁﮬﻦ،ﺟﻨﮭﻦ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﭴﻤﺎﺭ ۾ ﺗﻤﺎﻡ ﮔﮭٽ ﮘﺎﻟﮭﺎﻳﻮ ۽ ﮔﮭﮣﻮ ﻟﮑﻴﻮ .. ﺟﻲ ﮬﺎ ﻧﻮﺭﺍﻟﺪﻳﻦ ﻧﻔﻴﺲ ﺍﺩﺑﻲ ﻟﺤﺎﻅ ﺳﺎﻥ ﺟﺎﺗﻲ ﺟﻮ ﺧﻮﺑﺼﻮﺭﺕ ﺣﻮﺍﻟﻮ ﮬﻮ. ﻣﺎﭠﻴﮣﻲ ﻃﺒﻌﻴﺖ ﺟﻮ ﮬﻲ ﺗﻤﺎﻡ ﺳﻠﮁﮣﻮ ﻣﺎﮢﮭﻮ ﮬﻮ،ﮬﻦ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﭴﻤﺎﺭ ۾ ﻋﻠﻤﻲ ﺍﺩﺑﻲ ﻓﻨﻲ ﮐﻴﺘﺮ ۾ ﻣﺜﺒﺖ ڪم ڪيو،ﺧﺎﺹ ﻃﻮﺭ ﺗﻲ ﺳﻨﺪﺱ ﻟﮑﻴﻞ ﺍﺳٽﻴﺞ ڊﺭﺍﻣﺎ ﮬﺘﺎﻥ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﮭﻦ ﻻﺀِ ﺍﺻﻼﺡ ۽ ﺳﺠﺎﮘﻲ ﺟﻮ ﺳﺒﺐ ﺑﮣﻴﺎ. ﮀﺎڪﺎﮠ ته ﮬﻦ ﺍﻥ ﺩﻭﺭ ۾ ﺟﺎﺗﻲ ۾ ﺻﺤﺘﻤﻨﺪ ﺳﺮﮔﺮﻣﻴﻦ ﺟﻲ ﺷﺮﻭﻋﺎﺕ ڪﺌﻲ،ﺟڏﮬﻦ ﮬﺘﻲ ﺷﻌﻮﺭ ﻓﻘﻂ ﻧﺎﻟﻲ ۾ ﮬﻮ ۽ ﻣﻴڊﻳﺎ ﺑﮧ ﺁﺯﺍﺩ ﻧﮧ ﮬﺌﻲ،ﮬﻦ ﺍﻧﮭﻲﺀَ ﻭﻗﺖ ۾ ﺑﻲ ﺯﺑﺎﻥ،ﭜﻮﻥﺀ ﺟﻮ ﭜﺎﻧﺪﻱ،ﻏﺪﺍﺭ ﺟﮭڙﺍ ڊﺭﺍﻣﺎ ڪﺮﻱ ﺟﺎﮔﻴﺮﺩﺍﺭﻥ ﺟﻲ ﺳﻔﻴﺪ ﭘﻮﺷﻲ ﮐﻲ ﻭﺍﺋﮑﻮ ڪﻴﻮ. ڊﺭﺍﻣﻦ ﮐﺎﻥ ﺳﻮﺍﺀِ ﮬﻦ ﺷﺎﻋﺮﻱ، ڪﮭﺎﮢﻴﻦ ۽ ڪﺎﻟﻤﻦ ۾ ﺑﮧ ﭠﮙﻦ ﺟﻲ ﭠﮙﻲ ﺗﺎﻥ ﭘﺮﺩﻭ ﮐﻨﻴﻮ. ﻧﻔﻴﺲ ﺟﮭڙﻱ ﻣﺎﮢﮭﻮ ﺟﻮ ﮬﺘﻲ ﮬﺌﮡ ﺍﺳﺎﻧﺠﻲ ﺧﻮﺷﻨﺼﻴﺒﻲ ﮬﻴﻮ، ﭘﺮ ﮬﻮ ﺑﻲ ﻭﻗﺘﺎﺋﺘﻲ ﻣﻮﺕ ﺳﺒﺐ ﺍﺳﺎﻥ ﮐﺎﻥ 21 آڪٽوبر2015 ﺑﺮﻭﺯ ﺍﺭﺑﻌﮧ ﺗﻲ ﮬﻤﻴﺸﮧ ﻻﺀِ ﻭﮀڙﻱ ﻭﻳﻮ.
    ﮬﻨﺠﻮ ﺟﻨﻢ ﺍﺭﺑﻌﮧ ڏﻳﮭﺎڙﻱ 1 ﻓﻴﺒﺮﻭﺭﻱ 1961 ﺗﻲ ﭤﻴﻮ ﮬﻮ. ﮬﻮ ﮬﺎﮢﻲ ﺍﺳﺎﻧﺠﻲ وچ ۾ ﻧﮧ ﺭﮬﻴﻮ ﺁﮬﻲ، ﭘﺮ ﺳﻨﺪﺱ ﺍﺩﺑﻲ ﭘﻮﺭﮬﻴﻮ ﮬﻤﻴﺸﮧ ﺳﻨﺪﺱ ﮬﺌﮡ ﺟﻲ ﮔﻮﺁﮬﻲ ڏﻳﻨﺪﻭ. ﺁﺀُ ﺗﮧ ﮬﻨﮑﻲ ﺟﺎﺗﻲ ﺟﻮ ﺳﮭﮣﻮ ڪﻮﭠﻴﻨﺪﻱ ﺑﮧ ﻭﮄﺍﺀُ ﻧﭥﻮ ﺳﻤﺠﮭﺎﻥ.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سيد خادم سبحان ڏاڏاهي

    سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 نومبر 2011
    تحريرون:
    106
    ورتل پسنديدگيون:
    169
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    ماڳ:
    بڪيرا شريف تعلقو ۽ ضلعو ٽنڊو الهيار
    الله سائين کيس جنت ۾ جايون عطا ڪري آمين
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالسلام ٿھيم

    عبدالسلام ٿھيم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 سيپٽمبر 2015
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    93
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    جاتي ضلعو سجاول سنڌ
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    الله پاڪ سندن مغفرت فرمائي ۽ درجات بلند ڪري
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو