خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / 05 فيبروري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* نواز شريف جو دور آصف زرداريءَ جي دور کان به بدتر آهي: عمران خان (خبر)
* * ڏاچي هڻي ڏهه ته توڏو هڻي تيرنهن (تبصرو)

* وفاقي وزير شاهد خاقان عباسيءَ جي ايئر بِلو 300 سيڪڙو ڀاڙا وڌائي ڇڏيا (خبر)
* * پي آءِ اي جي نجڪاريءَ جو سارو ناٽڪ مال کائڻ ۽ ايئر بلوءَ لاءِ ته رچايو ويو آهي (تبصرو)

* ڪڪول واهه تي قبضي خلاف آپريشن (خبر)
* * 285 احتجاجي ڏينهن کانپوءِ، نيٺ سنڌ سرڪار اک پٽي، ٿي سگھي ته ترت وري پوري ڇڏي (تبصرو)

* مملڪتي وزير عابد شيرعلي 8 لک روپين جي ڀاڙي تي هيليڪاپٽر ۾ ڪراچيءَ کان حيدرآباد پهتو (خبر)
* * لڳي ٿو ته ساري ملڪ کي پنهنجي ماسڙ نواز شريف جي جاگير سمجھي ٿو (تبصرو)

* سنڌ ۾ هر سال 30 هزار ماڻهو ڪينسر وگھي مرن ٿا (خبر)
* * ....هر سال 30 هزار مرن يا لک تنهن سان وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جو ڇا؟ (تبصرو)

* عذير بلوچ کي نٿا سڃاڻون: پ پ پ اڳواڻ (خبر)
* * سڀاڻي زرداري ۽ قائم علي شاهه کي سوگھو ڪن ته به چئجو ته کين نه ٿا سڃاڻون (تبصرو)

* ٽندي محمد خان ۾ تازي ڄاول ٻار جو لاش هلندڙ گاڏي مان اڇلايو ويو (خبر)
* * هيڏا هاڃا ٿين بُري هن ڀنڀور ۾ (تبصرو)

* شاعر، شاعريءَ ذريعي تبديلي آڻي سگھن ٿا (خبر)
* * پر اڄڪلهه ته نه شاعريءَ ۾ اهو اثر رهيو ۽ نه ئي سماج ۾ ڪا سمجھداري (تبصرو)
 
Back
Top