• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رياضي جي مساوات : هڪ راند

سجاد علي چنا

سينيئر رڪن
انتظامي رڪن
ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ
دوستو مان هڪ سادي رياضيءَ جي راند شروع ڪرڻ پيو وڃان، اميد ته شرڪت ڪري پنهنجي ذهانت جوثبوت ڏيندئو.

ڪرڻو اهو آهي جو هڪ سادي رياضيءَ جي مساوات کي حل ڪرڻو آهي. مساوات ۾ (*) جي جاءِ تي رياضيءَ جون نشانيون (+, -, / يا x) ۽ هڪ (=) جي نشاني لڳائي مساوات کي برابر ڪرڻو آهي. مثال:

حل ڪريو: 2*3*4*2

حل: 2x3-4=2



راند جا اصول:
1. مساوات حل ڪرڻ کان پوءِ اوهان کي هڪ غير حل ٿيل مساوات لکڻي پوندي جيئن راند هلندي رهي.
2. اوهان صرف پنجن کان وڌيڪ terms* استعمال نه ٿا ڪري سگهو. (مٿئين مثال ۾ 4 ٽرمس استعمال ٿيل آهن).
3. جيڪڏهن ڪو به دوست اوهان جي مساوات کي 2 ڏينهن تائين حل نه ٿو ڪري ته اوهان کي پنهنجي مساوات جو حل لکڻو پوندو ۽ اڳئين غير حل شده مساوات مان پوسٽ ڪري ڇڏيندس.
 
Back
Top