خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / 06 فيبروري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* پي آءِ اي ملازمن اڳيان نه جھڪنداسون: وزيراعظم نواز شريف (خبر)
* * .... ۽ ملڪ جوٻيڙو ٻڏي ته ڀلي ٻڏڻ ڏيوس...!! (تبصرو)

* روهڙيءَ ۾ پشتو ڳالهائيندڙن جي آبادڪاري، گھر اڏيا ويا (خبر)
* * سنڌي، ڄنڊا پٽ کان واندا ٿين ته اهڙن مسئلن ڏانهن سوچن (تبصرو)

* جيڪب آباد ۾ ڌماڪي جي زخمين جي سهائتا نه ٿيڻ تي ڌرڻو (خبر)
* * هونئن به ڪرپٽ سنڌ سرڪار کان، چڱائيءَ جي اميد رکڻ اجائي آهي (تبصرو)

* لاڙڪاڻي ۾ جعلي دوائن وڪڻڻ جي الزام ۾ 5 اسٽور سيل (خبر)
* * جناح صاحب کان سفارش ڪرائيندا ته ٻئي ڏينهن سيل ٽٽي ويندي (تبصرو)

* ڪراچيءَ ۾ امن لاءِ آخري حد تائين وينداسون: جنرل شريف (خبر)
* * آصف زرداريءَ جي ڪرپشن نه رُڪجي، باقي سڀ خير آهي!! (تبصرو)

* ملڪ اندر بيروزگاري بلند ترين سطح تي، زراعت متاثر (خبر)
* * وزيراعظم نواز شريف سرڪار جو نئون ڪارنامو! (تبصرو)

* سنڌ سرڪار شهداءُ ورثاءَ ڪاميٽيءَ سان ٺاهه تي عمل ڪونه ڪيو (خبر)
* *..پهريان ٻڌايو ته سنڌ سرڪار ڪڏهن پنهنجي وعدي يا ٺاهه تي عمل ڪيو آهي؟ (تبصرو)
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
* روهڙيءَ ۾ پشتو ڳالهائيندڙن جي آبادڪاري، گھر اڏيا ويا (خبر)
* * سنڌي، ڄنڊا پٽ کان واندا ٿين ته اهڙن مسئلن ڏانهن سوچن (تبصرو)

ها سائين بلڪل درست ٿا چئو ..... سنڌ هٿن مان نڪرندي پئي وڃي ۽ اسان پاڻ ۾ پيا وڙهون
 
مهرباني، سائين
 
Back
Top