محمد عيسي ڀٽو
سينيئر رڪن
اسان ته سمجهو بهار ايندي کڻي اسان لاءِ گلن جو جهوليو،
بهار آئي کڻي اسان لاءِ گلن جي بدران هزار گوليون
شيخ اياز جي مٿئين ٻه سٽي بيت اڄوڪي سياسي منظرنامي کي بلڪل وائکو ڪري چڏيو آهي، موجوده مسلم ليگ ن جي حڪومت جيڪي ڪجهه ڪري پئي ان جي عوام کي بلڪل به توقع نه هئي موجوده وفاقي حڪومت اپوزيشن دوران جيڪي عوام سان وعدا ڪيا ۽ سبز باغ ڏيکاري چونڊون چورايون انهن مان ڪنهن هڪ واعدي تي به عمل ناهي ڪيو، اهي ڳالهيون رڪارڊ جو حصو آهن جنهن مان مسلم ليگ ن ڪڏهن به جند ڇڏائي ڪان سگهندي، پر هن وقت حڪومت جيڪي ڪجهه ڪري رهي آهي ان مان لڳي پيو ته حڪومت پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻي رهي آهي، حڪومت هر طرف کان پنهنجي خلاف محاذ کولي ڇڏيا آهن جن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت وٽ ڪابه حڪمت عملي ناهي رهي، حڪومت ڏينهون ڏينهن پنهنجي مسئلن جي دلدل ۾ ڦاسندي پئي وڃي ۽ پنهنجي مقبوليت وڃائي رهي آهي، ٻين تي ڪرپشن جا الزام هڻن وارا هاڻ هو پاڻ به ساڳيئي حمام ۾ لهي پيا آهن سڀني کي خبر آهي جيڪي ادارا وڪامندا آهن انهن ۾ اربين روپين جي ڪڪ بيڪ شامل هوندي آهي، ساڳي پارٽي جڏهن اپوزيشن ۾ هئي ته ڪنهن به اداري جي نجڪاري ان کي غيرشفاف لڳندي آهي ملازمن جي حق ۾ ميدان ۾ لٿل هئي پر جڏهن حڪومت ۾ اچي وئي آهي ته اهو ساڳيوئي عمل پاڻ ورجائي رهي آهي ته ان مان ڇا سمجهجي، صاف ظاهر آهي ته اپوزيشن واري ڏينهن ۾ مخالفت ڪرڻ جو سبب ڪنهن به نجڪاري مان اپوزيشن کي ڪڪ بيڪ ناهي ملندي تنهن ڪري هاڻ حڪومت کي موقعو مليو آهي جنهن مان هو خوب فائدو حاصل ڪرڻ ٿي چاهي.
هن وقت پي آئي اي جا ملازم روڊن تي آهن ۽ حڪومت کان اهو مطالبو ٿا ڪن ته پي آئي جي نجڪاري واپس ورتي وڃي پر حڪومت ان ڳالهه تي بضد آهي ته ڪجهه به ٿي پوي حڪومت هڪ انچ به پوئتي نه هٽندي، اسان سمجهو ته پي آئي اي جي ٽن ملازمن قتل ٿي وڃڻ کان پوءِ حڪومت پي آئي اي جي نجڪاري تان هٿ کڻي ويندي ۽ مزدورن جي ڳالهه کي مان ڏيندي پر حڪومت ڪروڙين روپيه وڌيڪ خرچ ڪري سموري ميڊيا تي اشتهار ڏئي هلرائي رهي آهي ته پي آئي اي جي مسافرن کي سفري صحولتن کي بهتر ڪرڻ لاءِ نجڪاري ڪئي پئي وڃي ۽ جيڪي هڙتال ڪن پيا انهن جي هڙتال کي ناڪام بڻايو وڃي، اهڙن حڪومتي پاليسين مان لڳي ٿو ته حڪومت هر حال ۾ پي آئي اي کي وڪڻڻ ٿي چاهي ۽ هو هڪ پير به پوئتي هٽڻ وارن مان ناهن. هن وقت اپوزيشن جون سموريون جماعتون پي آئي اي ملازمن سان گڏ بيٺيون آهن ۽ هو به پي آئي اي ملازمن جي حق ۾ احتجاج ڪري رهيون آهن. جمهوريت جو حسن آهي عوام جي راءِ کي مان ڏنو وڃي پر مسلم ليگ ن وارن جو اهڙو مزاج ئي ناهي رهيو جو عوام جي غم غصي کي محسوس ڪندي ڪو اهڙو فيصلو ڪن جنهن مان سڀني ملازمن کي قابل قبول هجي پر پي آئي اي جي نجڪاري موجوده حڪومت جي انا جو مسئلو بڻجي چڪي آهي جنهن تان هٿ کڻڻ حڪومت پنهنجي شڪست ٿي سمجهي ۽ هو نٿا چاهين ته طاقتور ڪمزور آڏو جهڪي پوي، هي سچ آهي ته ضيا جي تربيت يافته پارٽي جو عوام سان رويو سدائين اهوئي رهيو آهي جنهن کا اهڙي قسم جي اميد ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برار آهي، هن حڪومت آڏو روئڻ پٽڻ ميهن آڏو بين وڄاڻ برابر آهي، شرع کان وٺي هنن حڪمرانن جو اهوئي مزاج رهيو آهي ته طاقت جي زور تي حڪومت ڪرڻ جيڪڏهن ڪنهن مخالفت ڪئي ته ان کي جيل جي حوا کائڻ پوندي. هتي صرف پي آئي اي جي نجڪاري جو سوال ناهي اهڙي قسم جو روئڻ پٽڻ اسٽيل مل ۽ واپڊا ملازمن جو به آهي جيڪي به پڻ روڊن تي احتجاج ڪندي نظر اچن پيا جن جو به اهو ساڳيوئي مطالبو آهي ته اسٽيل مل ۽ واپڊا کي خانگائڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، ساڳي طرح اپوزيشن جو سموريون سياسي پارٽيون انهن ملازمن جو به ساٿ ڏئي رهيون آهن، ڏٺو وڃي ته هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي جو مختلف ادارن جا ملازم روڊن تي نڪري آيا آهن، مسلم ليگ ن جي اها تاريخ رهي آهي ته جڏهن به هنن جي وفاق ۾ حڪومت آئي آهي هنن جي پهرين ترجيح قومي ادارن جي نجڪاري ۽ غريب ملازمن کان روزگار کسرائي انهن کي درپدر ڪري ٻين جي رحم و ڪرم تي ڇڏي پنهنجي بهترين پاليسي سمجهب ٿا، حڪومت چوي پئي ته ادار کپائڻ ڏيو باقي پي آئي اي، اسٽيل مل ۽ واپڊا ملازمن جي نوڪرين کي يقيني بڻايو ويندو ۽ انهن جي ملازمتن جو تحفظ ڪيو ويندو پر اهو ممڪن ئي ناهي ته ادارو وڪامجي وڃي ۽ حڪومت چوي ته ملازمن کي نوڪرين مان نه ڪڍيو ويندو اهو نسورو ڪوڙ ۽ ملازمن سان ڌوکو هوندو، هن کان اڳ جيڪي به ادارا خانگايا ويا جنهن ۾ بينڪون به شامل هيون انهن مان 80 فيصد ملازمن کي ڪڍيو ويو جيڪي اڄ تائين درپدري واري زندگي پيا گزارين، هن وقت به حڪومت جو موقوف آهي ته پي آئي اي 320 اربن جي خساري هيٺ هلي رهي آهي جنهن مان حڪومت جند ڇڏائڻ ٿي چاهي، اهو ساڳيو حال واپڊا ۽ اسٽيل مل جهڙن ادارن جو به آهي جيڪي به پڻ ايتري ئي خساري هيٺ هلي رهيا آهن جن کي به خانگائڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي ته انهن ادارن کي کپائي مٿي ڄاڻايل خساري کي ختم ڪري سگهبو، پر هتي هڪڙو سوال ٿو پيدا ٿئي ته ملڪ جو ڪار وهنوار هلائڻ ۽ هر سال جي ڊي پي جو خسارو پورو ڪرڻ لاءِ آئي ايم ايف ۽ ورلڊ بيڪ جهڙن عالمي مالياتي ادارن کان ڪروڙي ڊالر قرض ورتو پيو وڃي جنهن مان هاڻ عوام جي جند ڇڏائڻ به مشڪل بڻجندي پئي وڃي ته ڇا اڳتي هلي سمورو ملڪ قرض ايوض انهن مالياتي ادارن جو قرض لاهڻ لاءِ آئي ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ کي کپائي خسارو پورو ڪيو ويندو؟
اسان جي وطن عزيز کي اسلامي فلاحي رياست جو لقب به مليل آهي ۽ ان نعري ۾ اهو به شامل آهي ته رياست هوندي ماءُ جهڙي، هتي ماءُ جو ڪردار ڇا هجڻ گهرجي اها ته سڀ ڪنهن کي ڄاڻ آهي پر رياستي ادارا جيڪي ڪردار ادا ڪن پيا ان مان لڳي ٿي ته هي فلاحي رياست نه پر ڏاڍ ۽ طاقت جو هيڊ ڪواٽر آهي، جڏهن به ڪا حڪومت غلط فيصلو ڪندي آهي جنهن کي عوام رد ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ان بنياد تي عوام پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ جڏهن روڊن تي نڪري ايندو آهي ته رياست جو ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ عروج تي نظر ايندو آهي، جنهن جو مثال چار ڏينهن اڳ پي آئي اي ملازمن جي احتجاج دوران فائرنگ ڪندي انهن جا ٽي مزدور شهيد ڪيا ويا، ڏٺو ويو آهي ته سدائين پارٽيون عوام کي سبز باغ ڏيکاري ووٽ وٺي وڃي ڊرائنگ رومن ۾ ويهي پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ عوام مٿان فيصلا مڙهينديو رهيون آهن، جيڪڏهن عوام انهن جي فيصلن کي روڊن تي اچي چئلينج ڪري ٿو ته لٺن ۽ گولين سان انهن جو استقبال ڪيو ويندو آهي.
هاڻي حڪومت چوي پئي ته ادارا هلائڻ انهن جي وس ۾ ناهن، ڇا ته دليل ڏنا پيا وڃن، هتي اهڙيون به حڪومتون آيون آهن جن واپڊا، اسٽيل مل ۽ پي آئي اي جهڙن قومي ادارن کي قائم ڪري ملڪي ترقي جو مضبوط پلر کوڙي ڇڏيو جن کي دنيا اڄ به سنهري لفظن سان ياد پئي ڪري پر موجوده حڪمرانن جي پاليسين کي ڏسي افسوس پيو ٿئي ته قومي ادارا ٺاهي ته ڪون ٿا سگهن پر جيڪي موجود آهن انهن کي به کپائي هٿ صاف ڪري پاڻ صرف حڪومت ڪيو، پروٽوڪول جا مزا ماڻيو ۽ ڏوڪڙ ڪمايو واري پاليسي تي هلي رهيا آهن جيڪو سراسر ظلم آهي. چار سال اڳ جڏهن پي پي حڪومت پي آئي اي کي اسٽريٽيجڪ پارٽنر شپ بنياد تي ڪو معاملو طئي ڪري رهي هئي ته اهي ساڳيائي مسلم ليگ ن وارا جيڪي هاڻي پي آي آي کي کپائڻ لاءِ بضد آهن پ پ مخالفت ۾ ڪارا بينر کڻي روڊن تي احتجاج ڪري رهيا هئا، ان وقت به ملڪي معيشت ۾ ڪا بهتر ڪان هئي پر مسلم ليگ ن وارن ان معاملي ۾ رڪاوٽ بڻيا ۽ معاملو رڪجي ويو هاڻي عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته مسلم ليگ ن ان وقت غلط هئي يا هاڻ پئي غلطي ڪري پر ڳالهه صاف ظاهر آهي ته سياسي پارٽيون ملڪ جي معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ نه پر پنهنجي سياسي پوانٽ اسڪورنگ ۽ ڪڪ بيڪ حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪنديون آهن. اپوزيشن جو الزام آهي ته حڪومت پي آئي اي کي کپائڻ نه پئي وڃي پر هو پاڻ ان کي خريد ڪري رهيا آهن جنهن کي ناڪام ڪرڻ لاءِ پي آئي جا ملازم سرن سان ڪفن ٻڌي ميدان تي لهي پيا آهن .meb_110@yahoo.com
نوٽ؛ هي آرٽيڪل عوامي آواز 06-02-2016 واري شماري ۾ ڇپيل آهي