سِگا سچل ڳوٺ شاخ جو صدر غلام رسول ٻٻر ۽ سندس پُٽ عبد الحفيظ ٻٻر روڊ حادثي ۾ انتقال ڪري ويا

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
33v2m1g.jpg

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سچل ڳوٺ شاخ ، ڪراچيءَ جو صدر، سماجي ڪارڪن ۽ هر دلعزيز شخصيت غلام رسول ٻٻر ۽ سندس پُٽ عبد الحفيظ ٻٻر جي تصوير جيڪي ٻئي اڄ منجهند جو ڪراچيءَ کان دادو ويندي روڊ حادثي ۾ اسان کان وڇڙي ويا.

انا لله و انا اليه راجعون

اسين دعاگو آهيون ته رب پاڪ مرحومين کي جوار رحمت ۾ جڳهه عطا ڪري ۽ پونئيرن کي صبر جي توفيق عطا ڪــري ..... آمين.
سندن تدفين ۽ جنازي نماز سڀاڻي صبح جو 10 وڳي ٿرڙي جادو شهيد لڳ ڪڪڙ ضلع دادو ۾ ٿيندي.
غلام رسول ٻبر سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سچل ڳوٺ شاخ جو صدر، آل سنڌ ٻٻر ايسوسيئيشن جو چيئرمين ۽ سچل ڳوٺ ڊولپمينٽ ڪاميٽي جو چيئرمين هو.
 
Back
Top