• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا 2016 جي آدم شماري ۾ سنڌي قوم کي اقليت ۾ اچڻ جو خدشو آهي؟جي ها ته! ڪير جوابدار هوندو؟

Sindhi Media

سينيئر رڪن
هڪ ڳالهه ٿو ڪريان جو سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو نه مُنهنجو !
اچو ته ملي جُلي سنڌي قوم جي بدناميءَ جو باعث بڻجندڙ ڪردارن خلاف عملي قدم کڻون ۽ روڊ رستن تي نڪري رڪاوٽ بڻجون متان پوءِ اسان به سوماليا وري ڪيفيتن ۾ نه گهرجي وڃون ۽ پوءِ ٻاهر نڪرڻ به ناممڪن ٿي پوي! اقليت ۾ اچڻ کان پوءِ جو پسمنظر ۽ سازش يا ڄار جيوا اسان لاءِ جُڙي چُڪو آهي.
12654316_10208248168222691_2492055164113203621_n.jpg
ڇ

ازل کان ابد تائين ، پنهنجن لاءِ ته سوڙهي دل ته ڌارين ۽ سنڌ دشمنن لاءِ ويڪري ۽ موڪري دل رکندڙ مهمان نواز (فاحش، عياش پرست وڏيرن، پيرن، ميرن، شاهن راشي ڪامورن، رئيسن، جاگيردارن جي پُڇن ۾ لٽڪي هلندڙ ۽ اُهي ڪم چور مُفت کائون سنڌي ۽ اها سنڌي قوم جيڪا پاڻ ۾ ئي هڪ ٻئي جا جُنڊا پٽڻ ۾ ماهر ۽ پي ايڇ ڊي به ڪيل آهي ،جن جو پنهنجن سان اڻ سهپ ، بُثض، حسد ، ساڙ، اڻ وڻت جو مادو رکندڙ عنصر آهي ،هاڻ شايد اها سنڌي قوم سگهوئي 2016 جي آدم شماريءَ کان پوءِ ۽ روزمر جي سازش تحت اقليت ۾ تبديل ٿيڻ واري آهي.

جو هميشه جيان سنڌ ۽ سنڌي قوم خلاف سازش رچائيندڙ ڊڪٽيٽرن ۽ انهن جي مٿئين ڪٽيگري وارن سنڌي ڀوتارن ،ساٿين بشمول متعصب اڙدو ميڊيا ۽ سنڌ ۾ ايندڙ مڙني پناهگيرن هڪ اهڙي (سينسز 2016) جو اهتمام ڪيو آهي جنهن ۾ ڪنهن به سنڌيءَ کي شامل نه ڪيو ويو آهي ۽ ڪو اجتمائي آواز، ڪا احتجاج هٽ ۾ گهٽ جيئن مُتحده کي ڪرڻ جي اجازت ۽ سرپرسي مليل آهي نه پيو ڏٺو وڃي؟

اهي ڊڪٽيٽرن جا رواجي ۽ دل گهريا سنڌي جن جو به ته اڃا نالو، انهي (وٽي) تي ۽ اڃان تائين نه لکيو ويو آهي پر کين اڙدو ميڊيا تي وهاري ٻين سنين جي جُنڊا پٽ ۾ اُلجهايل آهي ۽ ايستائين جو ممڪن هو ته جن جو نالو وٽي تي لکڻو هو، اُنهن کي به سنڌي قوم جي جُنڊا پٽيءَ ۽ هڪ ٻئي جي پڳن لاهڻ مشن ۾ اُلجهائي، سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. ته جيئن سنڌ جيڪي پنهنجي فطري مُحبت ، ڪُشادي دل، ڌارين لاءِ سڀ ڪُجه ُٽائيندڙ ۽ جيڪي پاڻ غربت جي هيٺائين ليول تي رهي به پنهنجي وسيلن سان 70 سيڪڙو ناڻو وفاق کي ڏئي پئي ان جو باقي بچيل 30 سيڪڙو ناڻو به هڙپ ڪرڻ جي سازش پئي ٿئي ته جيئن سنڌي ماڻهن کي، خاص طور ٻهراڙيءَ جي سنڌي ماڻهن کي، چرسي، موالي ڀنگ پيئندڙ، ڌاڙيل، چور ، اُچڪو بڻائڻ کان پوءِ پينو فقير بڻايو وڃي.

ٻي سازش تحت ، ادارن ۾ موالي سنڌي ڀرتي ڪرائي وڏيرن لاءِ عياشيءَ جو سامان فراهم ڪري ڏيڻ موالي سنڌين کان علاوه هاڻ ته سنڌي قوم کي ميد جاهل ثابت ڪرڻ لاءِ ،ڳوٺن مان سنڌين کي لڏارائي ڪراچي ۾ کين محنت جو سبق سيکاري ڪمائڻ جي ترڪيب وسارائي مُفت خور ۽ ڳنڍي ڇوڙ به بنايو ويو آهي ۽ اهي ڳنڍي ڇوڙ توهان کي آرام سان ڪراچءَ جي هر علائقي ۾ هر بس ۾ ۽ خاص طور سنڌ وسندين ڀرسان ۽ روزانون توهان کي پنجن پنجن جي گروپ ۾ هاڻ (سچل يا ڀٽائي آباد) جي دبئي چوڪ مان چڙهندڙ (گُلستان يا سفاري ڪوچ) جي اّري سيٽن تي ويٺل يا ، بسن (27، 19، 11، يا 10 جي) جي آخري سيٽن تي، ڪو ڪتاب جي بيگ، ڪو ٿيلهو، کڻي ويٺل ڏسڻ ۾ اه لليجا ايندا جيڪي ماڻهن جا کيسا ڪٽي پوري سنڌي قوم کي بدنام ڪرائي رهيا آهن. ملي ويندا ۽ ڪا سنڌ جي سماجي، سياسي، قوم پرست ، تنظيم يا (اين جي اوز) ٻاهر نڪري کين نه پئي روڪي جيڪي سنڌي قوم جي بدناميءَ جو باعث پيا بڻجن.

يا ٻيا اهڙا ئي ٽولا ۽ گوروپ هر بس اسٽاپ ۽ سگنلن تي خاص طور (نيپا کان موسميات يا سفاري پارڪ ۽ سماما) جي اسٽاپن تان بس جي گيٽن تي بهي جيب ڪتري ڪندي ، ماشا الله سنڌي قوم جو نڪ اوڄو ڪرائي رهيا آهن. يا پينو فقيرن ۽ فقيراڻين جي روپ ۾ ڪراچيءَ جي گهٽين ۾ گهمي رهيا آهن نه رف مسلم سنڌي پر سوچي، موچي ۽ باگڙي به ياسين سڳوريون ۽ چاديون پائي اها واردات ۾ رڌل آهي.

۽ ٻئي طرف هڪ اجتمائي سازش تحت ڪراچي شهر جي واپارين جي مالي مدد حاصل ڪري ، سنڌ دشمن قوتون بغير ڪنهن روڪ ٽوڪ جي، مالي مدد ۽ سهولتون ڏيندي (هندستان، بنگلا ديش، سائوٿ افريڪا، برما، نيپال، ٿائلنڊ وغيره) مان غير سنڌي لڏائي سنڌ جي شهرن توڙي ٻهراڙيءَ وارن وسندين ۾ ترسائي، شهر جي پارڪن ۽ نالن تي وهاري، ۽ اورنگي، ڪورنگي، قائدآباد، ملير، ۾ وسائي سنڌي ماڻهن جون پُراڻيون وسنديون ختم ڪرائي سنڌي قوم کي اقليت ۾ آڻي چُڪيون آهن ته جيئن آئنده سنڌي قوم مان ڪو( قائد اعظم، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ شهيد بينظير ڀُٽو ) جهڙو بين الاقوامي ليڊر پئدا نه ٿي سگهي ۽ پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ جهموريت جي نالي تي غريب ماڻهن کي گڏ ڪري ڊڪٽيٽرن جي رستا روڪ نه ڪري سگهي ۽ پوري پاڪستان جو سياسي حاڪم نه بڻجي سگهي.
 
سائين توھان جون ڳالھيون صفا سچ آھن پر جي غور ڪبو ته انگريز جو ويا ته ڄڻ سنڌ جا سک به پاڻ سان کنيون ويا۰ انگريزن جي موٽڻ مھل سر شاھنواز ڀٽي ائون سائين جي ايم سيد جي وچ ۾ ٿيل ڊائلاگ وري پاڪستان ٺاھي پوء سائين جي ايم سيد جو مسلم ليگ کي ڇڏڻ وري پناھگيرن جي يلغار ان وقت جي سنڌي سياستدانن ائون ڪامورن جي ڏوھاري (مجرمانه) خاموشي (دنيا جو ڪوئي به ملڪ ايڏي وڏي تعداد ۾ پناھگير قبول ناھي ڪندو جيڏا سنڌ قبول ڪيا۰ دنيا جي لارجيسٽ مائيگريشن ٿي ۱۹۴۷ ۾ جيڪا سواء اٽي ۾ لوڻ برابر ٻين علائقن ۾ ويا باقي سڄا سنڌ ۾ آيا) وري لياقت جو جناح سان ڪيل حشر وري پنجابي پناھگير ملي ڀڳت (ڳٺ جوڙ) وري سائين جي ايم سيد جي غير ذميواري واري سياست سنڌ کي ڀينگ ڪري ڇڏيو۰ ڀٽي کون اڳ۾ سنڌ ائون بلوچستان جي حالت معني حڪمراني ساڳي ھنڌئون پئي ٿي۰ عمل دخل ته ھاڻي به انھن جو ئي آهي۰ مان نوڪرئ سانگي ملڪ ۾ پئي ھليو آھيان۰ سائين جي ايم سيد جي ديشپائپ جھڙوڪر سنڌين کي اڪيلو ڪري بيھاري ڇڏيو۰ سائين جي ايم سيد اھڙو ڪيو جيئن ھڪڙي ٽي وي ڊرامي ۾ لالو (جي ڪردار سان مشھور ٿيل) ھوٽل تي ويھي حوال ڪٽيندي ڌاڙيل مشھور ٿي ويو۰ ماري مک به نه ھيائين، ماڻھن ۾ مشھور ھو ڌاڙيل۰ سو سائين جي ايم سيد اھا ڪار ڪئي پاڪستان ٺاھي، پناھگيرن جي يلغار ڪرائي، سنڌين جي مٿئون مسلط ڪرائي، مسلم ليگ کي ڇڏي لياقت لاء سنڌ مئون اڪيلو مرڪزي مسلم ليگي ليڊر ھجڻ لاء ڄڻ راھ ھموار ڪيائين ماريئين مک به ڪون سنڌين کي ديشي مشھور ڪري پاڪستان ۾ اڪيلو ڪري ڌارين کي موقعو ڏنو ته سنڌين کي غدار سمجھي ڏکيو پيش اچن۰ ھاڻي توھان اسان جيڪو ائون جيترو ڪري سگھئون ٿا ڪيئون باقي فيصلو ته تاريخ ڪندي۰ مان اسلام آباد مئون بدلي ٿيڻ مھل سوچيو ته ھاڻي سنڌي ته ٻڌبي اسلام آباد ۾ ته سنڌي ٻڌڻ کئون ئي سڪيو هيم۰ سنڌ ۾ آيم ته اکيون اکين جھڙيون ديد لھ ئي نه، ھتي ھمراھ سنڌئ ۾ اردو پيا ڳالھائن۰
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top