• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سينسز2016۾سڀني انٽيليڪٽيوئلس کي،سياسي،سماجي،ذاتي،نظرئي کان هٽي ڪري۽ملي جُلي تيز اکين۽نظرن سان ڏسڻ کپ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
جي رُڳو ايترو ڪم ڪيو وڃي ته شهرن ۾ جيڪي ميمڻ، کوجا، ڪڇي، ڪرسچن، هندو يا ٻيون برادريون، جن جي پنهنجي اصل ۽ تاريخي برادري وغيره آهي جي کين آماده ڪجي ته هو پاڻ کي پنهنجي ئي قوم ۽ ٻوليءَ تحت رجسٽرڪرائين ته به سنڌي اقليت ۾ ٿيڻ کان بچي پوندا.
هڪ ڳاله ٿو ڪريان جو سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو!

سينسز 2016 ۾ سڀني انٽيليڪٽيوئلس کي ،سياسي، سماجي، ذاتي، نظرئي کان هٽي ڪري ۽ ملي جُلي تيز اکين ۽ نظرن سان ڏسڻ گهرجي ۽ خاص طور ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سانگهڙ، سکر، ٽنڊو الهيار، ۽ جتي به پناهگيرن جون آباديون ۽ نو گو ايرياز آهن اُتي. باخبر ذريعن موجب محض (پي.پي) دشمنيءَ ۾ خاص ڪري هر اليڪشن ۾ ناڪام ٿيندڙ ڪي وڏيرا ، راشي ڪامورا ۽ مُفاد پرست ڪاروبار شخصيتون، جيڪي غريب عوام جو ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ هميشه ناڪام ٿي وينديون ۽ هر دئور ۾غير جهموري قوتن سان ملي اڳيان وڌي اچڻ ۾ ۽ سنڌ تي قبضي ڪرڻ جي رجهان ۾ شامل هونديون آهن ، اُهي به هاڻ ملي ۽ پناهگيرن جا ڀائيوار ٿي، پنهنجي علائقن ۾ جتي پناهگيرن نو گو ايريا بڻائي ڇڏيو آهي جي مُڪمل مددڪري رهيا آهن ۽ قومي غيرت وساري يا اهو وساري ته سينسز 2016، ۾ سنڌ جي بقاءَ جو مسئلو آهي ۽ هڪ سازش تحت ۽ غر جهموري طاقتور قوتن جي پوري مدد سان پوري دُنيا جي پناهگيرن کي سنڌ ۾ لڏائي آڻي وهاريو ۽ لڪايو آهي ۽ انهن کي ڪراچيءَ جا ڪاروباري طبقا پنهنجي فيڪٽرين ۽ مارڪيٽس ۽ مال ۾ نوڪرين جو تحفظ ڏئي ويٺا آهن، ايستائين جو سندن نه صرف پوئين تاريخن ۾ ڪوڙا ڄمڻ ۽ مرڻ ۽ تعليمي سرٽيفڪيٽن جو اجراءُ ٿيو آهي پر انهن کي قومي شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ به ٺهرائي ڏنا ويا آهن ۽ انهن ئي سنڌي غدارن جي مدد سان جن پيشو رشوت وٺي غير سنڌين لاءِ دستاويز تيار ڪرڻ آهي. ۽ اهي سڀ ترڪيبن صرف ۽ صرف سنڌي قوم کي اقليت ۾ ڏيکاري، سنڌ جي شاهوڪار وسيلن ۽ زمينن تي قبضو ڪرڻ ۽ غريب ، لاچار، بيوس، مظلوم غريب سنڌي قوم کي ازل کان ابد تائين غلام بڻائي رکڻ جو آهي ايستائينجو کين هڪ سازش تحت مفت جا نشا ، ڀنگون، چرس، ديسي ٺرا، پياري مُڪمل موالي بڻايو ويو آهي ۽ پوءِ انهن جي معرفت اهي وڏيرا کائن پنهنجي چسڪي ۽ عياشي ۽ فحاشيءَ جي مدد حاص ڪري رهيا آهن ، ۽ ايستائين جو انهن ئي غريبن جي مُحمد عربي (صلي الله عليه وسلم) سان محبت ڏسندي کين ولي الله، الله جي نيڪو ڪار درويشن جي مزارن گرد اوتارا ٺهرائي مدهوش ڪيو ويو آهي. ته سنسز 2016 ۾ صرف اهو ڏسڻو ناهي ته رُڳو هر سنڌي پنهنجي رجسٽريشن ڪرائي، پر اهو به ڏسڻو آهي ته ڪٿي، ڪراچيءَ جي ڪاروباري طبقن ۽ بارڊر تي ويٺل سيڪيورٽي ڪامورن جي مڪمل مدد ۽ سهڪار سان سمگل ٿي سنڌ ۾ پناه ورتل مڙئي پناهگير جيڪي (هندستان، بنگلاديش، سري لنڪا، برما، سائوٿ افريڪا، افغانستان، ٿائلنڊ، نيپال ) وغيره مان لڏائي آندا ويا آهن ته جيئن پناهگيرن جي شهرن ۾ اڪثريت ڏيکاري پوري سنڌ تي مڪمل قبضو ڪيو وڃي، اهو به جانچڻو آهي. ان جانچ ۾ يقينن انهن لڏائي آيلن کي مليل ڪڙا ڊاڪومينٽ آرام سان شناخت نه بڻبا پر سندن (چال ڇلت، لهجو، ٻولي، تشبيه وغيره) ضرور مدد ڏيندي ڇو جو پاڪستان ۾ ڄمندڙ ۽ رهندڙ انهن شين جي مخلفيت هُئڻ سان ئي سُڃاتا وڃن ٿا. ته انٽيليجنٽ دوست پنهنجو گهڻو وقت انهن شهرن جي نوگو ايرياز جي مردم شماريءَ کي گهڻي ڀاڱي ذهن ۾ رکن جيڪو هڪ پلان (لنڊن پلان. ڊي) تحت مشرف ۽ سندن غير جهموري قوت رکندڙ ساٿين ۽ ڪن سنڌي وڏيرن ۽ ڪامورن يا نيشنلسٽ سائيندڙن جي مدد سان ، جن کي (پي.پ) مخالف فوبيا ۾ آڻي ، هڪ پاسي رکي تيار ٿي سگهوئي امپليينٽ ٿيڻ وارو آهي. ياد رهي ته انهن سڀني ڌارين کي سنڌ ۾ آڻي نوڪرين، گهرن، فٽ پاٿن تي ڪاروبار ڏئي ترسائڻ باوجود به هو شهرن ۾ اڪثريت ۾ نٿا ٿي سگهن. جي رُڳو ايترو ڪم ڪيو وڃي ته شهرن ۾ جيڪي ميمڻ، کوجا، ڪڇي، ڪرسچن، هندو يا ٻيون برادريون، جن جي پنهنجي اصل ۽ تاريخي برادري وغيره آهي جي کين آماده ڪجي ته هو پاڻ کي پنهنجي ئي قوم ۽ ٻوليءَ تحت رجسٽرڪرائين ته به سنڌي اقليت ۾ ٿيڻ کان بچي پوندا. هڪ ڳاله ٿو ڪريان جو سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو!
 
Back
Top