نثارناز
سينيئر رڪن
انڊيا جي مشهور سنڌياڻي فنڪاره ڪوشي لالواڻي کي سنڌي ٻولي جي فنِ موسيقي ذريعي خدمت ڪرڻ عيوض 25000 هزار روپيا ڪيش ايوارڊ ڏنو ويو
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا ۾ رهندڙ سنڌي دوستو جيئي سنڌ
توهان سڀني ساٿين سان هي خبر انتهائي خوشيءَ سان شيئر ڪري رهيو آهيان ته ڪالهه هڪ ٽيلي فون ڪال ذريعي ممبئي انڊيا جي مشهور سنڌياڻي فنڪاره ڪوشي لالواڻي ذاتي طور اهو سنديسو ڏنو ته کيس سندس سنڌي ٻولي جي فن موسيقي ذريعي خدمت عيوض اکل ڀارتيا سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ساهتيه پاران هڪ ايوارڊ ڪيش رقم 25000 (پنجويهه هزار روپيه) ڏنا ويا، اها ايوارڊ واري تقريب انڊيا جي خوبصورت شهر اندور ۾ ٿي، اهو ايوارڊ هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ شري نوٽڻ داس ۽ شري لال هرداسني طرفان ڀيڻ ڪوشي لالواڻي کي ڏنو ويو. ان ايوارڊ واري تقريب ۾ ڪافي سارا سنڌي ٻولي سان محبت وارا گيت ڳايا ويا، محترما ڪوشي لالواڻي تمام خوشيءَ سان اها ڳالهه به ٻُڌائي ته ان ايوارڊ واري تقريب ۾ منهنجو نظم ” مٺي سنڌ توسان آ جنمن جا ناتو، گهڙي هڪ جو ناهي آ صدين جو ناتو“دنيا جي سموري سنڌين بشمول سنڌ جي سمورن سنڌين اسپيشلي طور سنڌ سلامت جي سمورن ساٿين کي ارپيندي هُن ڳاتو، جنهن جي نتيجي ۾ کيس شريڪ ٿيندڙن سارن سنڌين ڪافي ساريون تاڙيون وڄائي داد ڏنو، ان کان علاوه محترما ڪوشي لالواڻي ان تقريب جون تصويرون جنهن ۾ هو پنهنجا سُر وکيري رهي آهي منهنجي اي ميل ائڊريس تي موڪليون ۽ مونکي چيو ته جيڪڏهن سندس اهي تصويرون سنڌ سلامت جي وشال محبتي اڱڻ تان تمام دنيا جي سنڌين سان شيئر ڪيون ويون ته کيس تمام گهڻي خوشي ٿيندي، پاڻ ڪافي سارا محبت ڀريا سلام سنڌ ۾ رهندڙ سڀني سنڌين کي موڪليا، محترما ڪوشي لالواڻي اهو پڻ چيو ته ان ايوارڊ واري تقريب ۾ منهنجي تخليق ڪيل نظم ” مٺي سنڌ توسان آ جنمن جو ناتو، گهڙي هڪ جو ناهي آ صدين جو ناتو“ سندس آواز ۾ ڳايل وڊيو جي صورت ۾ مون ڏانهن موڪليندي، ساٿيو اها مون ناچيز جي لاءِ انتهائي اعزاز جي ڳالهه آهي پر سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جي سمورن ساٿين لاءِ باعث فخر پڻ آهي ته توهان جي هن نهايت حقير ۽ ڪم تر ڪارڪن جي شاعري، هانگ ڪانگ ۾ محترما ڪوشي لالواڻي طرفان ڳائِي وئي. اهڙي طرح محترما ڪوشي لالواڻي مون سان تقريباً 20 منٽ کن موبائل فون تي ڳالهايو . ان کان علاوه هُن مونکي سندس موڪليل اي ميل جي باري ۾ به ٻُڌايون جنهن ۾ هن ان تقريب جون تصويرون موڪليون دوستو انهن اي ميلز جي ڪاپين جي تصويرن سميت ڪوشي لالواڻي صاحبه جون تصويرون ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊ ڪري رهيو آهيان انتهائي سُريلي ۽ سنُدر آواز جي مالڪياڻي سنڌياڻي فنڪاره ڪوشي لالواڻي جي ذاتي ٿورن سان.

محترما ڪوشي لالواڻي جا موبائل فون کان علاوه ذاتي طور تي موڪليل اِي ميل جا تصويري عڪس
سُرن جي راڻي سنڌياڻي فنڪاره ڪوشي لالواڻي پنهنجي ايوارڊ سان آرگنائزرن سميت
جنهن جي دل ۾ صرف مٺي سنڌ ۽ جيجل سنڌ جا سمورا سنڌي سمايل هُجن، انهي سنڌياڻي فنڪاره تان ڇونه لکين محبتون نڇاور ڪجن (ڪوشي لالواڻي مٺي سنڌ سان ناتو نڀائيندي رڳو جيجل سنڌ جا سنڌي گيت ڳائي پنهنجا سُر سنڌين تان نڇاور ڪري رهي آهي