مست
سينيئر رڪن
خلاصو
راند صحتمند معاشري جي علامت سمجهي ويندي آهي.۽ جسماني سگهه ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. راند دراصل انسان جي جسم جي عضون ۽ ذهن جي مشق جو ٻيو نالو آهي. يعني هڪ ئي وقت ۾ عضون ۽ ذهن جو رابطو رهندو آهي. راند کيڏڻ سان انساني جسم مضبوط ٿئي ٿو ۽ ان پيدا ٿيندڙ عناصر جهڙوڪ چرٻي سُستي وغيره به ختم ٿئي ٿي. قديم زماني جي تاريخ جا جڏهن اسان ورق ورائينداسين ته اسان کي راند رهاڻ جو هڪ الڳ باب ملندو .قديم زماني جا ماڻهو پهنجي جسم کي مَضبوط رکڻ لاءِ ڏکين کا ڏکيون مشقون ڪندا هئا ۽ پاڻ کي طاقت ۾ آزمائڻ، ڊوڙڻ. وزن وغيره لاءِ مختلف مشقون ڪندا هئا.راند کيڏڻ سان انسان جي جسم ۾ بهتري اچي ٿي ۽ صبر ڪرڻ جي اعلى گڻ سان واقف ٿئي. ٿو فٽبال راند به انهن مان هڪ آهي. هي راند به جسماني ورزش سان گڏوگڏ صبر ۽ کيڏڻ جهڙين خوبين سان نوازي ٿي.
جاري آهي۔۔۔۔۔۔۔