ضلعي حيدرآباد ۾ فٽ بال راند جو تنقيدي جائزو

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏11 جون 2010۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    خلاصو

    راند صحتمند معاشري جي علامت سمجهي ويندي آهي.۽ جسماني سگهه ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. راند دراصل انسان جي جسم جي عضون ۽ ذهن جي مشق جو ٻيو نالو آهي. يعني هڪ ئي وقت ۾ عضون ۽ ذهن جو رابطو رهندو آهي. راند کيڏڻ سان انساني جسم مضبوط ٿئي ٿو ۽ ان پيدا ٿيندڙ عناصر جهڙوڪ چرٻي سُستي وغيره به ختم ٿئي ٿي. قديم زماني جي تاريخ جا جڏهن اسان ورق ورائينداسين ته اسان کي راند رهاڻ جو هڪ الڳ باب ملندو .قديم زماني جا ماڻهو پهنجي جسم کي مَضبوط رکڻ لاءِ ڏکين کا ڏکيون مشقون ڪندا هئا ۽ پاڻ کي طاقت ۾ آزمائڻ، ڊوڙڻ. وزن وغيره لاءِ مختلف مشقون ڪندا هئا.
    راند کيڏڻ سان انسان جي جسم ۾ بهتري اچي ٿي ۽ صبر ڪرڻ جي اعلى گڻ سان واقف ٿئي. ٿو فٽبال راند به انهن مان هڪ آهي. هي راند به جسماني ورزش سان گڏوگڏ صبر ۽ کيڏڻ جهڙين خوبين سان نوازي ٿي.
    جاري آهي۔۔۔۔۔۔۔
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ضلعي حيدرآباد ۾ فٽ بال راند جو تنقيدي جائزو

    تعارف (INTRODUCTION)
    فٽبال راند ٻن لفظن جو مجموعو آهي.فٽ معنى پير ۽ بال معنى هڪ گول نم چمڙي مان ٺهيل گولو يعني پيرن سان کيڏي ويندڙ راند جڏهن اسان هن راند تي شروعات جي باري ۾ ڏسنداسين ته تمام قديم راند آهي. جيڪا چين جي شنهنشاه هان (The Han Dynasty) تقريبن 200 سال قبل مسيح جي دور کان ملي ٿي.سندن فوج جا سپاهي فارغ وقت ۾ کيڏندا هئا. جيتوڻيڪ هن راند جا هن دور ۾ قائدا قانون نه ڏنا ويا هئا. ان راند ۾ جيڪو بال استعمال ٿيندو هئو اهو هن بال کان مختلف هئو.۽ فوجي 30 فٽ جي مفاصلي تي گول لڳائيندا هئا. چين جي دور ۾ هن راند جو نالو سڏيو ويندو هئو. قبل مسيح تائين هي راند چين جي باشندن جي محبوب راند کيڏي پر هن کان پوءِ هن راند جو زوال شروع ٿيو.
    آخرڪار 14 صديءِ ۾ هن راند جي ٻيهر شروعات ٿي. انگلينڊ جا گورا هئا جن شروعات ڪئي ۽ اهڙي ئي نموني سان هي راند ملڪن ۾ مشهور ٿي وئي ۽ مختلف نالن سان سڏجڻ لڳي.
    جهڙوڪ -:
    “American football” “Rugby football” “Australia Rules football” وغيره ۽ مشترڪه فٽبال جي event کي نالو Soccer نالو به ڏنو ويو.
    والٽرڪيمپ Walter Camp کي جديد فٽبال جو باني سڏيو وڃي ٿو.جنهن هن راند جا قائدا ۽ قانون ڏنا جيڪي فرانس جي ولوبائز Willing bys جي ڪتاب Book Of Sport جيڪو هن ۾ شامل ڪيو.
    جاري آهي۔۔۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ضلعي حيدرآباد ۾ فٽ بال راند جو تنقيدي جائزو

    1883ع ۾ هن راند جي باقائده قائدن جي منظوري لاءِ ميٽنگ ڪوٺرائي وئي ۽ قانون ٺاهيو ويو.
    فٽبال جا جديد قانون هاڻي فٽبال ايسوسيئشن(Association) ۽ فيفاFIFA جي نظر ثاني هيٺ آهن. ان سان گڏوگڏ فيفا FIFA رانديگرن جي وچ۾ بهتر راند کيڏڻ جو پڻ اصول ڏنا آهن جن کي فئيرپلي پروگرام Fair Play Program جو نالو ڏنو ويو آهي.
    جن جو مقصد رانديگرن ۽ اخلاق جا قدر پيدا ڪرڻ هو جيڪي ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا
    1. راند جي ميدان تي صحيح طريقي سان راند رهڻ
    2. راند جي قائدن ۽ قانونن جو پابند رهڻ
    3. راند ۾ کيڏندڙ هر رانديگر جي عزت ڪرڻ
    4. کٽڻ لاِءِ کيڏڻ پر شڪست کي به قبول ڪرڻ
    5. خيانت کان پاڻ کي بچائڻ
    فٽبال football راند ٻن ٽيمن جي وچ ۾ راند کيڏي ويندي آهي.هرهڪ ٽيم ۾ يارهن رانديگر هوندا آهن. راند جي کيڏڻ جو وقت 90 منٽن تي مشتمل هوندو آهي.۽ 45 منٽن کانپوءِ وقفو ڪيو ويندو آهي.


    فٽبال راند کي ترقي وٺائڻ لاءِ هيٺين ڳالهين تي ويچار ڪرڻ گهرجي.
    1. فٽبال راند هڪ انٽرنيشنل راند آهي پر ڪرڪيٽ جيئان هيٺين سطح تي ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ يا شهرن ۾ نه ڪرائي وڃي ٿي.
    2. فٽبال راند جي گهٽ هجڻ جو اهم ڪارڻ گراونڊ آهي.
    3. اسڪول ليول تي هن راند جو عمل ضروري آهي جئين ٻارن ۾ دلچسپي اچي.
    4. ڪرڪيٽ جئيان اسڪولن ۾ مقابلا ڪرايا وڃن.
    5. استاد ۽ شاگردن جو سرگرم هجڻ لازم آهي.
    6. اسڪول ليول تي استادن کي فٽبال جي رولس ۽ ريگيوليشن کان واقف هئڻ گهرجي.
    جاري آهي۔۔
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ضلعي حيدرآباد ۾ فٽ بال راند جو تنقيدي جائزو

    ضلعي حيدرآباد ۾ فٽبال جي اهميت
    فٽبال راند هڪ بين الاقوامي راند آهي.جيڪا هر هنڌ وڏي شوق سان کيڏي ويندي آهي. ان جي ترقيءِ لاءِ مغربي ملڪن ۾ حڪومتي سطح تي هٿي ڏني ويندي آهي. ۽ رانديگرن کي سڀ سهولتون مهيا ڪيون وينديون آهن. جهڙوڪ ماهر ۽ يافته ڪوچ ۽ وسيع ميدان جي فراهمي وغيره.
    حڪومت طرفان راندين کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪي جوڳا اُپاءِ نه ورتا ويا آهن، ۽ جيڪڏهن ورتا آهن ته ان کي صحيح طريقي ۾ استعمال نه ڪيو آهي ۽ خاص طور تي فٽبال راند جي لاءِ ته نه هجڻ جي برابر آهي. جنهن سبب هي راند اهو مقام حاصل نه ڪري سگهي آهي جئين ڪرڪيٽ حاصل ڪيوآهي. ڪرڪيٽ جي ڀيٽ ۾ هي راند پٺتي پيل آهي.
    ضلعي حيدرآباد ۾ هن راند لاءِ وسيع ميدان پڻ ٺهيل آهن پر ٻين سببن جي ڪري اها راند پٺتي پيل آهي.
    1. فٽبال جي گهٽ مقبوليت جو اهم سبب هي آهي ته ضلعي ۾ فٽبال راند جي سکيا جو ڪم متحرڪ ادارو قائم نه آهي جي آهن ته عمل نه آهي.
    2. اسان وٽ تربيت يافته رانديگر يا استاد موجود نه آهن جن کان فٽبال جي راند لاءِمشورا ورتا وڄن
    3. عوام جي دلچسپي پڻ آهي پر ڪرڪيٽ جيان نه آهي.
    4. حڪومت جي عدم دلچسپي به اهم سبب آهي.
    جئين ته فٽبال اهم راند آهي۽ تقريبن 175 ملڪن ۾ قومي راند جي نالي سان سڃاتي ويندي آهي. هن راند ڪرڻ سان سٺو سرمايو ڪمائي سگهجي ٿو. ضلعي حيدرآباد ۾ پڻ هڪ ڪلب آهي جتي فٽبال راند جي سکيا ڏني وڃي ٿي. هن راند جي ترجيح لاءِ اسڪول سطح کان ڪرڻ گهرجي ۽شاگردن کي اسڪولن ۾ سکيا مهيا ڪئي وڃي ته جئين اهي پنهنجي دلچسپي برقرار رکن.
    جاري آهي۔۔۔۔
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ضلعي حيدرآباد ۾ فٽ بال راند جو تنقيدي جائزو


    بلڪل ادا راند صحت جي علامت آهي
    يار ننڍ پڻ ۾ ڏاڍو کيڏندا هئا سون
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ضلعي حيدرآباد ۾ فٽ بال راند جو تنقيدي جائزو

    فٽبال راند حيدرآباد ضلعي ۾ ڪهڙي حيثيت رکي ٿي ۽ ان جي غير مقبوليت جا ڪهڙا ڪارڻ آهن ۽ هن راند کي فروغ ڏيارڻ لاءِ ڪهڙا اُپاءُ وٺڻ گهرجن.؟
    1. ضلعي حڪومت جي عدم دلچسپي.
    2. سهولتن جي عدم موجودگي.
    3. ضلعي سطح تي هن راند ۾ گهٽ دلچسپي.
    تعليمي ادارن ۾ هن راند لاءِ سهولتون. نه هجڻ جهڙا سوال کڻي ماڻهن کان رايا Comments ورتا ويا آهن، جن جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو.
    ضلعي حيدرآباد ۾ فٽ بال جي غيرمقبوليت جو ڇا سبب آهي ۽ ان جي فروغ لاءِ ڪهڙا اُپاءُ وٺڻ گهرجن؟

    جاري آهي۔۔
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ضلعي حيدرآباد ۾ فٽ بال راند جو تنقيدي جائزو

    ادا فوٽ بال لاءِ سٺي معلومات آهي جاري رکو
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ضلعي حيدرآباد ۾ فٽ بال راند جو تنقيدي جائزو

    ادا ان فيلڊ ۾ اسان جو پاڙي وارو ملڪ ايران تمام سٺو وڌي ويو آهي
    پر اسان وٽ اڃان ايتري اهميت فوٽبال کي نه آهي گهڻي اهميت پاڻ وٽ ڪرڪيٽ کي آهي
     
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ضلعي حيدرآباد ۾ فٽ بال راند جو تنقيدي جائزو

    مختلف ماڻهن جا رايا:-1.
    فٽ بال هڪ بين الاقوامي راند آهي، جيڪا پوري دنيا ۾ سهڻو مقام رکي ٿي، هن راند جي مقبوليت جو وڏو سبب هي آهي ته هتان جا ماڻهو ڪرڪيٽ راند ڏانهن گهڻو لاڙو رکن ٿا پر هن راند ڏانهن گهٽ. هن راند ۾ تقريباً ڊوڙڻ جو ڪم ورتو ويندو آهي. جيڪو ماڻهن کان پڄي نه ٿو. گرائونڊ ته وسيع آهن پر ٻين سهولتن جي اڻهوند جي ڪري پٺتي پيل آهن.
    غلام دستگير قريشي HST Hyderabad.
    2. فٽ بال راند ۾ عوام جي عدم دلچسپي جو سبب حڪومت جي هن راند جي دلچسپي لاءِ ڪي جوڳا اُپاءُ نه وٺڻ آهن، جنهن جي ڪري هي راند مقبوليت نه ٿي ماڻي سگهي. تنهن ڪري هن راند کي فروغ ڏيڻ لاءِ حڪومتي سطح تي قدم کنيا وڃن.
    عزيزالرحمٰن ڏهوٽ. HST Hyderabad

    3. منهنجي خيال ۾ هن راند جي سکيا، اصول، قائدا قانون۽ سکيا وغيره گهٽ هئڻ جي ڪري ماڻهن جي دلچسپي گهٽ آهي ۽ جيڪڏهن گرائونڊ آهن ته گول باڪس نه آهن ۽ اڪثر ڪري هن راند کي اسڪول ليول تي راند ڪرائڻ ضروري آهي.
    نديم قاضي: لطيف آباد
    4. جيڪڏهن اسڪولن ۾ PTI ٽيچرس موجود آهن تڏهن به اهي راندين ۽ ٻين سرگرمين کان پري رهن ٿا. ٻار کي مواقع ڏنا وڃن ته ان ۾ دلچسپي اچي ۽ هي راند به ڪرڪيٽ جيان ننڍن وڏن ۾ دلچسپي جو اظهار اچي. هن راند کي مقبول ڪرڻ لاءِ اسڪول ليول تي تاڪيد ڪرڻ گهرجي ۽ ٻار به ان کان واقف ٿين.
    اسد علي ميرجت: فٽ بال پليئر (حيدرآباد)

    5. منهنجي خيال ۾ هن راند کي ترجيح ڏيڻ لاءِ خاص وقت اسڪولن ۾ رکيو وڃي ۽ ماهر استاد هجن، جيڪي ٻارن کي هن راند کان آگاهه ڪن ۽ دلچسپي ڏيارين.
    شهزاد احمد صديقي: سماجي ڪارڪن
    جاري آهي
     
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ضلعي حيدرآباد ۾ فٽ بال راند جو تنقيدي جائزو

    6. هن راند جي غيرمقبوليت جو سبب هن راند جي قائدن ۽ اصولن کان غيرواقفيت آهي. هن راند کي مؤثر ڪرڻ لاءِ اسڪول جي سطح کان زور ڀريو وڃي.
    عبدالسلام راجپوت: ايڊووڪيٽ

    7. هن راند جي غيرمقبوليت جو سبب اسان جي ضلعي حيدرآباد ۾ گرائونڊ آهن ته انهن ۾ تربيت يافته استاد ۽ مٽيريل موجود نه آهي. ان کي اُپاءُ وٺرائڻ لاءِ مقابلا ڪرائڻ گهرجن، جن ۾ آفيسرز ۽ سياسي شخصيات کي اعزازي مهمان بڻايو وڃي ۽ رانديگرن کي ڪپ وغيره جهڙا انعام ڏيڻ گهرجن ته جيئن عوام ۾ شعور اچي ته اهي پنهنجي ٻارن کي اهڙين گيمن ۾ شريڪ ٿيڻ جي تاڪيد فرمائين.
    مير محمد هاليپوٽو: HST Hyderabad
    8. هن راند کي مقبول بڻائڻ لاءِ تعليمي سطح تي ضلعي سيمينار ڪرايا وڃن، جن ۾ فٽ بال کيڏڻ جا فائدا ۽ ان مان صحت تي پوندڙ اثرن جي باري ۾ ٻڌايو وڃي. جيئن: ان مان ڪهڙا فائدا حاصل ٿين ٿا، فٽبال راند کيڏڻ سان جسم ۾ طاقت پيدا ٿئي ٿي ۽ رانديگر پوري ڪوشش ڪري ٿو ته راند کٽي وٺان. ان کان علاوه ضلعي حڪومت جو ڪوبه توجهه نه آهي.
    A.S.I آدم خشڪ، حسين آباد
    9. ماڻهن کي فٽ بال راند جي اهميت کان واقف ڪرڻ لاءِ انهن کي اهڙن پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ عرض رکجي ته جيئن ايندڙ نسل کي به گهڻي دلچسپي پيدا ٿئي. هن راند کي اُپاءُ وٺرائڻ لاءِ حڪومت جو تعاون لازمي آهي.
    رشيد احمد خشڪ: Asst Clerk حيدرآباد بورڊ

    10. سهولت جي عدم فراهمي ۽ گرائونڊ نه هجڻ هن راند جي غيرمقبوليت جا سبب آهن. ضلعي حڪومت کي سهولتن جي فراهمي ۽ گرائونڊ جي تعمير جي لاءِ ڪجهه فنڊ مختص ڪرڻ گهرجن ته جيئن هتان جا رانديگر فٽبال راند ۾ فقط ضلعي سطح تي نه پر ملڪي سطح تي حصو وٺڻ جي قابل ٿين.
    محمد حنيف لاشاري، سماجي ڪارڪن
    11. جڏهن کان ڪرڪيٽ جو مقام مٿي ٿيو ته هن راند ۾ ماڻهن جي دلچسپي گهٽبي وئي. ننڍن وڏن کي فقط ڪرڪيٽ جو شوق، جذبو ۽ جنون اچي ويو. جهڙوڪ هي راند نظرانداز ٿيندي پئي وڃي. هن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ اُپاءُ وٺڻ لاءِ حڪومت کان سهولتون وٺڻ گهرجن ۽ ننڍي عمر جي ٻارن کي شرڪت ڪرڻ جي تاڪيد ڪرڻ گهرجي.
    ڊاڪٽر امداد خشڪ، اسرا يونيورسٽي.
    اخذ ڪيل نتيجا (Conclusions)
    مليل موضوع حيدرآباد ۾ فٽبال راند تي تنقيدي جائزو تي تحقيق ڪئي وئي، جنهن ۾ مختلف ماڻهن کان هن موضوع بابت راءِ ورتي وئي انهن کان فٽبال راند جي غيرمقبوليت جا سبب حاصل ڪيا ويا ۽ ان کي مقبول ڪيئن بڻائي ٿو سگهجي جي جواب ۾ مختلف ماڻهن مختلف وجوهات ٻڌايون جيڪي اندر بيان ڪيل آهن. هن راند جي لاءِ ڏسيل راين مطابق ته اُپاءُ وٺڻ لاءِ گرائونڊ جو هجڻ لازمي آهي ۽ اسڪول ليول تي فٽبال جهڙي بهترين راند جو تعارف، ابتدا ۽ سکيا ڏيڻ گهرجي ته جيئن هي راند به ضلعي ليول تي مقبول ٿئي.
    ختم شد
     
  11. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ضلعي حيدرآباد ۾ فٽ بال راند جو تنقيدي جائزو

    بلڪل ادا اوهان صحيح چئو ٿا
     
  12. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ضلعي حيدرآباد ۾ فٽ بال راند جو تنقيدي جائزو

    واه ادا تمام سٺو ونڊ آهي
    هاڻي اسان چئي سگهن ٿا ته ادو اسد هاڻي رائي شماري به ڪن ٿا
     
  13. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ضلعي حيدرآباد ۾ فٽ بال راند جو تنقيدي جائزو

    ها ادا راند ته هر موسم ۾ کيڏڻ گهرجي ادا اسان ته اڃا به راند کيڏندا آهيون هن عمر ۾ به پر فرق اهو آهي ته پهريان ڪٻٽي يا ڪرڪيٽ کيڏندا هئا سين هاڻي لڪ چپ کيڏندا آهيون ليڪن اهو نه پڇجو ته ڪنهن سان کيڏندو آهيان:bz اها راز جي ڳاله آهي :)):-bd :-bd:bz
     
  14. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ضلعي حيدرآباد ۾ فٽ بال راند جو تنقيدي جائزو

    هاهاهاههاهاهاهاها
    سائين نه پڇندس ٺيڪ آ
    اهو ٻڌايو ته ... ڪهڙي شهر ۾ آهيو؟
     
  15. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ضلعي حيدرآباد ۾ فٽ بال راند جو تنقيدي جائزو

    ادا اوهان کي جهليو نه ته نه پڇجو وري به پڇيو نه اوهان کي ٻڌايم ته مان اوهان کي نه ٿو ٻڌائي سگهان هاڻي لڪ چپ پيو کيڏان جي ڳالهائندس ته پڪڙجي پوندس اوهان کي راند جي رولز جي خبر آهي ادا
     
  16. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ضلعي حيدرآباد ۾ فٽ بال راند جو تنقيدي جائزو

    اها لڪ ڇپ جي راند منهنجي هن ٽاپڪ ۾ ته نه کيڏو سڄڻو۔۔۔
     
  17. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ضلعي حيدرآباد ۾ فٽ بال راند جو تنقيدي جائزو

    سائين فڪر نه ڪيو
    جي ٿي به اوهان کي اطلاع ڏبو
    هاهاهاها
     
  18. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ضلعي حيدرآباد ۾ فٽ بال راند جو تنقيدي جائزو

    سائين وڏا۔۔۔ توهان جي مرضي آهي۔۔۔
     
  19. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ضلعي حيدرآباد ۾ فٽ بال راند جو تنقيدي جائزو

    ڇڏ بابلا
    خبر ٿئي مرضي ڪنهن جي هوندي آهي؟
     
  20. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ضلعي حيدرآباد ۾ فٽ بال راند جو تنقيدي جائزو

    سگهري ماڻهوءَ جي لاءِ ته بس مرضي رڳو مائيءَ‌جي ۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو