خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / خميس 11 فيبروري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* آدمشماري واري اداري ۾ سنڌ کي نمائندگي ڏيو: سنڌ سرڪار جو وزيراعظم پاڪستان کي خط (خبر)
* * پهريان ٻڌايو ته نواز شريف پاڪستان جو وزيراعظم آهي يا پنجاب جو ؟ (تبصرو)

*اسحاق ڊار جي لڪل رابطي تي پالپا جي صدر پائلٽن کي ڊيوٽيءَ تي اچڻ لاءِ چيو (خبر)
* * ٻين لفظن ۾ پالپا جي صدر عامر هاشميءَ، تحريڪ جي پٺيءَ ۾ خنجر ٽُنبي ڇڏيو (تبصرو)

* ٺٽي جي ترقياتي ڪمن جا اڍائي ارب روپيا ڪاڏي ويا؟ هاءِ ڪورٽ جو سوال (خبر)
* *ممڪن آهي ته دبئي ويا هجن،جتي چون ٿا ته کربين روپيا اڳ ئي پهچي چڪا آهن (تبصرو)

* وفاقي سرڪارمخالفن کان انتقام وٺي رهي آهي: بلاول (خبر)
* *پر زرداري وري سنڌ تي ڪرپٽ حڪمراني مڙهي سنڌين کان انتقام وٺي رهيو آهي (تبصرو)

* دهشتگردن کي فاٽا ۾ ٻيهر اچڻ ڪونه ڏنو ويندو: آرمي چيف (خبر)
* * ٻيلي! اهڙو خير جو ڪم، ڪراچيءَ ۾ به ڪجو....!! (تبصرو)

* ٿر مان 4 صدين تائين بجلي ملندي: وفاقي وزير احسن اقبال (خبر)
* * پر ٿرين جي حالت 4 صدين تائين به نه سڌرندي..!! (تبصرو)

* دشمنن جون نظرون راهداريءَ ۾ آهن: چيني پرڏيهي وزارت (خبر)
* *....... پر پنجاب جون نظرون به راهداريءَ ۾ آهن (تبصرو)

* پي آءِ اي ۾ هڙتال ختم، اڏامون بحال (خبر)
* * نواز شريف سرڪار: رڍ اڳيان رباب وڄائيندي ورهيه ٿا (تبصرو)

* 1600 اسڪولن ۾ هيڊماستر ڪونهن: ڊاريڪٽر اسڪولس، حيدرآباد (خبر)
* * سنڌ سرڪار..!! انڌير نگري چرٻٽ راجا (تبصرو)
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top