پنھنجا سڀ خيال مفلس آھن!! *ڊاڪٽر ذوالفقار علي

نظم
شاعرن جي ديس ۾،
ساڳي ئي ويس ۾،
رھان ٿو،
چوان ٿو،
ڪجھ شاعرن جي ڀر ۾
شاعري منھنجي گھر ۾
بہ رھندي آھي!
پوء بہ مان!
ڪوئي،
شاعر تہ ناھيان!!
شاعريء کي،
وزن بحر تي،
تٗريل تڪيل لفظن جا،
ويھارو،
چاليھارو،
نقد ساوا نوٽ ٿا گھرجن،
افسوس جو،
پاڻ کان،
جڏھن،
ڏات جي ديوي رٺل آھي،
شايد!
پنھنجا سڀ خيال مفلس آھن!!
*ڊاڪٽر ذوالفقار علي
 
Back
Top