سنڌي لوڪ گيت جو قسم “ مورو ”. شفيق شاڪر سنڌ سونهاري لوڪ ورثي جي لحاظ کان گھڻي شاهوڪار رهي آهي.انساني جذبن ۽ احساسن کي خوبصورت انداز ۾ بيان ڪرڻ جو نالو موسيقي آهي جنهن جو مختلف سماجن ۾ مختلف شڪليون رهنديون آيون آهن.پر سنڌ جي پنج هازار ساله پراڻي تهذيب ۾ جيڪي ثقافتي رنگ سمايل آهن اهي ٻي ڪنهن تهذيب جي حصي ۾ مشڪل سان آيا هجن. سنڌ جي لوڪ ورثي جي خزاني جو هڪ وڏو حصو لوڪ گيتن تي مشتمل آهي جنهن جو هڪ سادو پر دلين کي مست ڪندڙ قسم مورو آهي.انهيء ۾ شڪ ناهي ته موري جو جنم سنڌ جي ڪوهستان واري ڌرتيء مان ڦٽو آهي پر اهو هاڻي صرف ڪوهستان تائين محدود ناهي رهيو. اڄ اٽڪل سنڌ جي هر جھر جھنگ ۾ اهو گيت ڳايو ۽ ٻڌو وڃي ٿو.موري کي مچائڻ ۽ زنده رکڻ جي محنتن ۾ مشهور ڪوهستاني فنڪار طالب پالاريء جي خدمتن کي نظرانداز ڪري نٿو سگھجي جيڪو اڄ پنهن جي ڳوٺ مهندا پالاري ضلعي ڄامشوري ۾ سنڌ ثقافت کاتي جي بي ڌيانيء جو شڪار ڪسمپرسيء واري زندگي گذاري رهيو آهي. تنهن هوندي به هو پنهن جي فن مان بيزار ناهي ٿيو بلڪه کيس جتي به سڏ ٿئيس ٿو پنهن جي کيسي جو خرچ ڪري ان محفل ۾ حاضر ٿي ٻڌندڙن کي ڪجھ دير جي لاء هڪ اهڙي دنيا ۾ وٺي وڃي ٿو جتي انسان درد ۽ مزي جي سنگم واري سمنڊ ۾ ٽٻيون هڻڻ لڳي ٿو.مورو محبت ۽ مجازوارو گيت آهي جنهن ۾ وڇوڙو، جدائي، درد، جھوري،سڪ،ڳڻتيون،اميدون.مايوسيون ۽ تڙپ مرڪزي موضوع هوندا آهن. اڄ به هي لوڪ گيت ڪوهستان جي ٻهراڙين ۾ اڳ وانگر مقبول ۽ محبوب آهي.اوطاقن تي ٿيندڙ مچ ڪچهريون هجن يا شادين جون محفلون، موري کان سواء اهي نامڪمل ئي رهن ٿيون.هي گيت عام طور تي يڪتاري يا تنبوري جي ڌن تي ڳايو ويندو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن دلن ۽ بينن جي سر تي ۽ ڪٿي ڪٿي ته بنان ڪنهن ساز جي ڳايو ويندو آهي جو موري جي اندر موجود لفظن ۾ ئي اهڙي مستي آهي جيڪا ان کي هر ساز کان بي نياز ڪريو ڇڏي.انهي گيت تي مورو نالو ڪيئن پيو انهيء سلسلي ۾ مختلف خيال آهن.ٿي سگھي ٿو ته هن گيت ۾ پنهن جي محبوب جي جدائي، وڇوڙي ۽ سڪ جي بار بار ذڪرجي ڪري ان کي لفظ “ مور” جيڪو عام طور تي سنڌيء ۾ اصطلاح جي لحاظ کان محبوب جي لاء به استعمال ٿئي ٿو، ان لفظ جي نسبت سان ان گيت تي “مورو” نالو پيو هجي! اهو مور ماڻهو (محبوب) جنهن جي ڪامل سڪ ۽ پريت ان گيت جي پرسوز لفظن مان اڌما کائي ٻاهر نڪري ٿي انڪري جيڪر ان گيت تي اهو نالو مور جي نسبت سان مورو پيو هجي ته ان ۾ ڪا حيرت جي ڳالھ ناهي. ڪن جي نزديڪ موري مان مراد پيغام يا سنيهو آهي يا وري ايئن به ٿي سگھي ٿو ته موري مان مراد مور جهڙو سهڻو گيت هجي.ڪيئن به هجي پر حقيقت هي آهي ته ان گيت ۾ عجيب محبت جي مٺاڻ ۽ غضب جو سوز سمايل آهي.ٻڌڻ وارو ئي ان لطف کي محسوس ڪري سگھي ٿو. ان کي اڪيلو فنڪار به ڳائيندو آهي ته هڪ کان وڌيڪ فنڪار به واري واري سان ڪورس جي انداز ۾ ان جا شعر ڳائيندا آهن، ڪن هنڌن تي يڪتاري جي بدران اهو سرندي يا نڙ بيت تي به ڳايو ويندو آهي.بهرحال مورو سنڌي لوڪ ادب جي تمام پراڻي پر وڻندڙ اهم صنف آهي جنهن کي زنده رکڻ جي اشد ضرورت آهي. موري جون سٽون ڪجھ هن طرح سان هونديون آهن. جبل مٿي هاٿي، توسان دل منهن جي ڦاٿي، سڄڻ مورو تولئي منهن جو. جبل ڀانئيان لڪ، منهن جي دل ۾ تنهن جا ڌڪ، سڄڻ مورو تولئي منهن جو. جبل مٿي گاھ، منهن جو توسان ساھ، سڄڻ مورو تولئي منهن جو. جبل مٿي مينهن، سڄڻ لاٿا ڏينهن، سڄڻ مورو تولئي منهن جو.