• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / ڇنڇر 13 فيبروري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* ڪاڇي ۾ عوام کي، حيسڪو ٽانڊا ڏئي ڇڏيا (خبر)
* * حيسڪو هجي، پيسڪو يا ٽيسڪو، سڀني جا ڪم ڀُڏا آهن (تبصرو)

* پوليس ٿاڻا ڪروڙن ۾ وڪرو ٿين ٿا (خبر)
* * اهي افعال رهيا ته کربن ۾، نه ته اربن ۾ ته ضرور وڪامبا (تبصرو)

*پي آءِ اي جا 11 ملازم ڪڍيا ويا، 600 کي شوڪاز نوٽيس جاري (خبر)
* * واهه ڙي نواز شريف تنهنجا سانڊي وارا رنگ (تبصرو)

*اتر ڪوريا ۾ ڪرپشن تي آرمي چيف کي موت جي سزا (خبر)
* * اسان وٽ وري عام طور ڪرپٽ آفيسرن جي نواز شريف ۽ زرداري سرپرستي ڪندا آهن (تبصرو)

*رحمان ملڪ جو شهيد بينظير جي قتل ڪيس ۾ گواهي ڏيڻ کان انڪار (خبر)
** ڀلا نانگ به ڪڏهن پنهنجي فطرت بدلائيندو آهي ڇا؟ (تبصرو)

* خيرپور ميڊيڪل ڪاليج لان تي سالگرهه ملهائڻ تي ايڊمنسٽريٽر، شاگردياڻيءَ کي ذليل ڪيو(خبر)
* * ڪاليج جو ايڊمنسٽريٽر ٿيو يا جاهل؟ شاگردن کي ذليل ڪندڙن جو ٺڪاڻو جيل هئڻ گھرجي (تبصرو)

* عذير بلوچ کي آصف زرداريءَ خلاف سلطاني گواهه بڻائڻ جا اطلاع (خبر)
* * لڳي ٿو هاڻ زرداريءَ کي ڪرپشن جو سارو ڪاروبار سدائين لاءِ دبئيءَ کان هلائڻو پوندو (تبصرو)

* قطر سان ٺاهه، پاڪستان 15 ارب ڊالرن جي ايل اين جي وٺندو(خبر)
* * پهريان ٻڌايو ته انهيءَ مان نواز شريف کي گھڻومال ملندو؟(تبصرو)

* داعش موجود آهي، ختم ڪرڻ ۾ وقت لڳندو؟ (خبر)
* * ڪڏهن ها ته ڪڏهن نه....نڀاڳا، هڪ پاسي ته ٿيو...!! (تبصرو)

* جيڪب آباد ۾ رولو ڇوڪرن ، شاگردياڻين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو (خبر)
* * شايد اهڙن رولو ڇورن جون مائرون ۽ ڀينرون ڪونه هونديون؟(تبصرو)

* پي آءِ اي پبلڪ رليشنس ۾ منهنجي پراڻي ساٿي مسز نوشابا برني لاڏاڻو ڪري وئي (خبر)
* * ....ڏُور ٿيندا وڃن، روز جوڳيئڙا....!! (تبصرو)
 
* پي آءِ اي پبلڪ رليشنس ۾ منهنجي پراڻي ساٿي مسز نوشابا برني لاڏاڻو ڪري وئي (خبر)
سائين زندگي جي شام ته ٿيڻي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن واقعي يقين نه ايندو آهي، پر اهو هڪ سچ آهي ته شايد اسانجي باري ۾ ڪنهن ڏينهن ڪوئي ائين لکي.
 
Back
Top