محمد خان سيال
سينيئر رڪن

پي آءِ اي پبلڪ رليشنس ۾ اسان جي پراڻي ساٿي ۽ صحافي مسز نوشابا برني 11 فيبروري 2016 تي بيماري وگھي 83 ورهين جي ڄمار ۾ هن فاني دنيا کان موڪلائي وئي جنهن جو مون سميت انهن سڀني دوستن کي سخت صدمو رسيو هوندو جن جي ساڻس هڪ ڀيرو به ملاقات ٿي هوندي. هونئن به 11 فيبروري مون کي انهيءَ ڪري ياد رهندي آهي جو انهيءَ ڏينهن تي مون پي آءِ اي ۾ نوڪري ڪئي هئي ـ
مسز برني نهايت ئي بااخلاق، ذهين، ملڻسار ۽ سهڪار ڪندڙ خاتون هئي. هو ناگپور (هندوستان) ۾ پيدا ٿي ۽ سندس والد هندستان جي پرڏيهي وزارت ۾ اعلى عهدي تي ڪم ڪندو هو. ورهاڱي کانپوءِ هنن لڏپلاڻ ڪئي. مشهور ليکڪا قرت العين سندس سوٽ هئي. امينا سيد، آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس جي هاڻوڪي مئنيجنگ ڊاريڪٽر سندس ننڍي ڀيڻ آهي. مسز برني برڪليَ، ڪئليفورنيا کان ماسٽرس حاصل ڪئي هئي. هن ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ صحافت ۾ به پڙهايو.
مسز برني معلومات جو خزانو هوندي هئي تنهن ڪري هڪ ئي ڊپارٽمنٽ ۾ ڪم ڪرڻ دوران منهنجي ساڻس هر ڏهاڙي گڏجاڻي ٿيندي هئي. اهو سچ آهي ته مون کانئس گھڻو پرايو جنهن لاءِ مان سدائين سندس ٿورائتو رهندس ـ منجھس ڪنهن به قسم جو ڪوبه تعصب ڪونه هوندو هو جيڪا خاص ڪري ٽئين ملٽري ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَالحق جي دور ۾ وڏي ڳالهه هئي. هوءَ هر ڪنهن سان سهڪار ڪندي هئي ۽ جيڪا ڳالهه درست سمجھندي هئي سا منهن تي چئي ڏيندي هئي، ڀلي تلخ ئي ڇو نه هجي، مطلب ته منجھس منافقي بلڪل ڪانه هئي.
انگريزي ٻوليءَ ۾ ته کيس گھڻي مهارت حاصل هئي. اسان آفيس جي ڪم دوران ڪٿي منجھي پوندا هئاسون ته کانئس رهنمائي حاصل ڪندا رهندا هئاسون. پهريان هو مئنيجنگ ڊاريڪٽر آفيس ۾ ڪم ڪندي هئي ۽ پوءِ اسان جي ڊپارٽمنٽ پبلڪ رليشنس ۾ آئي جتان ريٽائر ڪيائين. ريٽائرمنٽ کانپوءِ ڪيترا ورهيه ڊان اخبار ۾ ڪم ڪيائين. مان پي آءِ اي جي پي.آر.او جي حيثيت ۾ ڊان ۾ ويندو هوس ته ساڻس ملاقات ٿيندي هئي. پوءِ، آغا خان جي پبلڪ رليشنس ۾ ڪم ڪيائين. آخر ۾ اسڪولن جي هڪ نيٽ ورڪ سان ڪيترا ورهيه وابستا رهي. ڪڏهن ڪڏهن مان فون تي ساڻس ڳالهائيندو هوس. خير خيرت پڇڻ کانپوءِ چوندي هئي ته مان گھڻي پوڙهي ٿي وئي آهيان پر مان سندس دل ٻَڌرائيندو هوس ۽ کيس چوندو هوس ته اوهان کان وڏي ڄمار جا ماڻهوسرگرم رهيا آهن، هروڀرو دل نه لاهيو پر هو پنهنجي ڳالهه تي پوءِ به زور ڀريندي هئي ۽ خيريت پڇڻ تي منهنجا ٿورا به مڃيندي هئي ته ريٽائرمنٽ کانپوءِ به مان کيس ياد ڪريان ٿو. ريٽائرمنٽ تي هڪ هوٽل ۾ دعوت ڪيائين ۽ آفيس ۾ ساڻس گڏ ويهندڙ مسز انيس جمال کان علاوهه رڳو مون کي دعوت ڏنائين.
ڪراچي پريس ڪلب جي بانين مان هڪ ۽ پنهنجي دور جي ناليواري صحافي آءِ ايڇ برني (سندس گهر وارو) لاڏاڻو ڪري ويو (جيڪو مشهور انگريزي رسالو آئوٽ لُڪ به ڪڍندو هو)، تن ڏينهن ۾ مسز برني اسان سان گڏ ڪم ڪندي هئي، سو سندس گھر واري جي ڪفن دفن واري تقريب ۾ وياسون جنهن کي گورا قبرستان جي هڪ حصي ۾ دفن ڪيو ويو جت ٽيون گورنر جنرل ملڪ غلام محمد به دفن ٿيل هو۽ ٽئين ملٽري ڊڪٽيٽر جنرل ضياالحق جو خاص ساٿي اي.ڪي.بروهي به دفن ٿيل هو. اي ڪي بروهيءَ جي قبر تي مون سندس سنڌ دشمنيءَ سبب فاتح نه پڙهي ڇاڪاڻ ته منهنجي دل نه ٿي چاهيو البت مون اصفهاني صاحب جي قبر تي ضرور فاتح پڙهي جنهن جناح صاحب جي حڪم تي سال 1946 ۾ اورينٽ ايئرويز ڪلڪتي ۾ ٺاهي ۽ ڏهن مهينن کانپوءِ سندس هدايتن تي ان جي هيڊآفيس ڪراچي کڻي آيو جنهن کي سال 1955 ۾ پي آءِ اي جي ڪارپوريشن ٿيڻ تي ان ۾ شامل ڪيو ويو.
مسز برني نهايت ئي سادي سودي خاتون هئي. رمضان جي مهيني ۾ اسان پنهنجي ڊپارٽمنٽ طرفان صحافين جي پرل ڪانٽينٽل هوٽل ۾ افطاري پارٽيءَ جو بندوبست ڪنداهئاسون جنهن ۾ صحافي وڏي انگ ۾ شريڪ ٿينداهئاسون. هڪ ڀيري اسان جي هڪ ساٿيءَ کيس ڀوڳن ۾ چيو ته انهيءَ پارٽيءَ ۾ اهي ئي شريڪ ٿيندا جنهن روزو رکيو هوندو. مون کي، پوءِ ڪنهن ٻڌايو ته مسز برني پهتي ته ان وقت افطاري ٿي رهي هئي، سو روزو نه هئڻ سبب هوٽل کان ٻاهر انتظار ڪندي رهي ۽ بعد ۾ آئي، ڇاڪاڻ ته پي آءِ اي جي مئنيجنگ ڊاريڪٽر کي انهيءَ وقت پريس ڪانفرنس به ڪرڻي هئي. مون کي سندس اهڙي سادگيءَ جو پوءِ پتو پيو ۽ اسان سندس انهيءَ سادگيءَ مان لطف وٺندا رهياسون.
مون سان مختلف مسئلن تي، فرصت دوران سندس بحث ٿيندا رهندا هوندا. جيئن ته هو گھڻو ڪري انگريزي اخبار پڙهندي هئي سو مان کيس سنڌي ۽ اردو اخبارون جون ڪڏهن ڪڏهن کيس اهم خبرون به ٻڌائيندو هوس ته هو ڏاڍي دلچسپيءَ سان ٻڌندي هئي.
سندس چوڻ هو هن عام طور سنڌي عورتن کي گهڻو خوبصورت ڏٺو آهي. هوءَ سندن خوبصورتيءَ جي فين هوندي هئي جنهن جو مون سان گهڻو ڪري پنهنجي طرفان ذڪر ڪندي رهندي هئي ۽ چوندي هئي ته الله تعالى کين سهڻا مهانڊا ۽ خوبصورتي عطا ڪئي آهي.
پي آءِ اي ۾، اسان سنڌين لاءِ جنرل ضياءَالحق جي دور سخت ٻوساٽ وارو ماحول هو جنهن دوران پي آءِ اي جي سنڌي ملازمن جون ٽيليفونون به ٽيپ ڪيون وينديون هيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن پيڇو به ڪيو ويندو هو پر ظاهري طور اهڙي ڪابه ڳالهه نظر ڪانه ايندي هئي، تنهن هوندي به مسز برني سان منهنجا کليو کلايو بحث ٿيندا هئا ۽ مون سندس روشن خياليءَ مان مون گھڻو پرايو.
هڪ ڀيري مان ذاتي ٽوئر تي بنگلاديش (ڍاڪا) ويس ته مون کي چيائين ته بنگلاديش جي اڳوڻي پرڏيهي وزير ڪمال حسين جي سنڌياڻي زال سان سندس حوالي سان ملانِ. مون کي ياد هو ته بنگلاديش ٺهڻ کانپوءِ شهيد ذوالفقارعلي ڀٽي، دادوءَ سان واسطو رکندڙ آخوند فيمليءَ جي انهيءَ خاتون (حميدا بيگم) کي سفارتي لاڳاپا نه هئڻ جي باوجود خاص ڪري اجازت ڏني هئي ته هو بنگلاديش وڃي پنهنجي گھر واري سان ملاقات ڪري جيڪو بعد ۾ آزاد بنگلاديش جو پرڏيهي وزير بڻيو. بهرحال، منهنجي حميدا بيگم سان ڍاڪا ۾ سندس گھر ۾ ملاقات ٿي ۽ اسان پاڻ سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندا رهياسون. بعد ۾ مسز برني مون کي ٻڌايو ته ڪيترا ورهيه پوءِ حميدا بيگم ڪراچي آئي هئي ته مسز برنيءَ کان منهنجو خاص طور پڇيائين. مسز برني منهنجي سدائين همت وڌائيندي رهندي هئي جيتوڻيڪ جنرل ضياءَالحق جي دور ۾، منهنجو رڪارڊ بلڪل شفاف هئڻ جي باوجود مون سان پروموشنن ۽ سرڪاري پرڏيهي ٽوئرن ۾ سنڌي هئڻ جي ناتي تمام گھڻي زيادتيون ٿينديون رهيون.
اسان جي ننڍڙي ڊپارٽمنٽ ۾ سياست گهڻي هوندي هئي جنهن ۾ ظاهري طور ٻه طبقا هوندا هئا. هڪڙا اهي جن تي ڪو قاعدو قانون لاڳو ڪونه ٿيندو هو ۽ انهن کي ڪم ڪرڻ يا نه ڪرڻ، ٻنهي صورتن ۾ سمورا فائدا ملندا هئا ۽ ٻيو اهو طبقو هو جن کي ڪم ڪرڻ جي باوجود فائدا گهٽ ملندا هئا ۽ انهن تي هرقانون لاڳو ٿيندو هو. اتفاق سان مسز برني ۽ منهنجو واسطو انهن گروپ سان هو جنهن سان سارا قانون لاڳو ٿيندا هئا ۽ جنهن کي مان اڇوت جڏهن ته ٻئي کي برهمڻ گروپ سڏيندو هوس. اسان جي اها خامي هئي ته ڊپارٽمنٽ ۾ ڪنهن سان به زيادتي ٿيندي هئي ته اسان آواز بلند ڪندا هئاسون جيڪا ڳالهه انتظاميا کي پسند نه هوندي هئي، جنهن ڪري اسان گھڻو ڀوڳيو.
بهرحال، مسز نوشابا برنيءَ لاءِ مون کي سدائين عزت احترام رهيو ۽ مون کان سندس ياد سولائيءَ سان ڪونه وسرندي. دعا آهي ته الله تعالى کيس جنت ۾ جايون ڏئي ـ آمين ـ
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: