محبتن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان لکيل

'سنڌي ادب' فورم ۾ ابو مُرڪ طرفان آندل موضوعَ ‏15 فيبروري 2016۔

  1. ابو مُرڪ

    ابو مُرڪ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    183
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    گورنمينٽ ملازم
    ماڳ:
    عمرڪوٽ حيدرآباد
    اچ ته پيار پُڄايون...!

    علي نواز آريسر

    محبت جو تصور ئي اهڙو خوبصورت آهي، جو دل جي ويرانين ۾ ڪيئي گُل ٽڙڻ شروع ٿي ويندا آهن، ڪيئي موتيا مهڪندا آهن، ڪيئي ڦُول ڦلاربا محسوس ٿيندا آهن. اڄ جڏهن پوري دنيا 14 فبروريءَ کي محبتن جو اجتماعي ڏينهن ڪري ملهائيندي، اُن وقت توڙي جو مُرڪون ۽ ٽهڪ وِکرندا، پر اُن سمي ڪي اهڙيون به دليون هونديون، جيڪي پرينءَ ڌاران لُڇنديون، ڦٿڪنديون ۽ تڙپنديون، پر ڇا ٿو ڪري سگهجي سماج جون ريتون جو اهڙيون ٿيون. هڪڙو وقت اُهو هو، جڏهن سينٽ ويلنٽائن ان ڏينهن کي محبت جو نظريو ڏنو هو، نه ته اُن کان اڳ ۾ محبتن جا مانڊاڻ اجتماعي طور ڪٿي مچندا هُئا، دليون ڌڙڪنديون هُيون، تڏهن به انفرادي طور. پر وقت جي منصفي کي داد ڏجي يا سلام پيش ڪجي، جو اڪيلو گذاريندڙ ماڻهوءَ جي نظريي پوري دنيا جي ماڻهن لاءِ محبتون ارپڻ جو ڏينهن ڪري ڇڏيو.

    جيتوڻيڪ محبت جي مالهائن ۾ قيد ٿيندڙ هن ڏينهن کي پنهنجي نرالائپ ۽ پنهنجي الڳ حُسناڪي آهي، پر پوءِ به اهو قيد ڪاٽڻ لاءِ لکين عاشق پنهنجي محبوبن جي اڳيان سِر بَسُجود هوندا آهن، جيئن اياز چيو آهي ته:

    ماڻهوءَ کان وڌ ڪوئي ناهي ماڻهوءَ جو معبود،

    چنڊ به تُنهنجي چاري ۾ توکي سِج سُجود،

    سڀ ڪُجهه تون ئي آهين.

    ماڻهو، واقعي وڏي وِٿ آهي، ماڻهو ئي محبوب آهي ۽ ماڻهو ئي عشق جي چوٽي سَر ڪرڻ جا سانباها ڪندو آهي، اهڙي سمي جي ڪٿي ڪا اڪيلي گذاريندڙ ڇوڪريءَ جي اکين ۾ پيار جو ڪو خواب پلجي ٿو، ڪا امرتا ماڻي وٺي ٿو، ته ڇو نه اُن ڏينهنءَ کي پنهنجو پاڻ ارپڻ ڪجي! هونئن به زندگي هڪ خواب مثل هوندي آهي، خواب ٽُٽندا آهن، ته خواهشون ڀُرندي محسوس ٿينديون آهن، ۽ جڏهن خواب ساڀيان ماڻيندا آهن ته دلين جي ويران رِڻ مٿي به ڪي ڪڪريون وسڻ شروع ڪري ڏينديون آهن، ڪي ڀنئورا ڀِري ايندا آهن، راتڙيون رنگين لڳنديون آهن، ۽ ڏينهن روشنيءَ جا ڪِرڻا پيو پکيڙيندو آهي، چپڙن جي چُرڻ مان مٺڙا ٻول پيا ٻُرندا آهن، اکڙيون آرس ڀڃي جاڳ جا سپنا اُڻينديون آهن. اهڙيءَ گهڙيءَ ۾ ماڻهوءَ جو من ڪيڏو نه شانت ٿي ويندو آهي، نه ڪا اُداسي، نه ڪا نراسائي، ڪيڏي نه سُندر دنيا آهن سپنن جي، پر ڪنهن شاعر چيو آهي ته:

    راتيون وڏيون ٿيڻ سان خواب ڪٿي ٿا پورا ٿين!

    آءٌ شاعر جي مٿين سِٽ سان اتفاق ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ جو آءٌ خوابن ۾ يقين رکندو آهيان، خواب ئي ته آهن، جن جي ڪري دنيا جو گاڏو گهلجي پيو، جيڪي اکيون خوبصورت خواب نٿيون ڏسي سگهن، اُهي اکيون خوبصورت مستقبل جي اڏاوت ڪيئن ڪري سگهنديون، رُڳو اکين جي روشني خوبصورتيءَ جي علامت ناهي هوندي، پر ڪي ماڻهو نابين هوندي به نظرين جا فاتح هوندا آهن، ڪي ماڻهو نابين هوندي به محبوب جي چپڙن جي مُرڪ کي محسوس ڪري وجهندا آهن. هتي مون کي اُهو نابين شاعر شبير هاليپوٽو ياد اچي پيو، جيڪو سنڌ ورسٽيءَ جي ڪاريڊور ۾ گهمندڙ پنهنجي محبوبه جي هر چُر پُر کان آشنا رهندو هو ۽ چيو هئائين ته:

    اُڀ به ناهي رُڳو نيرو، هي سمنڊ پڻ نيرو آ،

    ۽ نيڻ سندس نيرا، هُو نيري وڳي ۾ آ.

    ضروري ناهي ته راتين جي رولاڪين ۾ خوابن جي اُڻت ڪجي، خواب ته هوندا ئي ساڀيان لاءِ آهن. اسان منجهان هر ماڻهو ڪو نه ڪو خواب ضرور ڏسندو آهي، پوءِ اُهو خواب ڪڏهن ان جي حياتيءَ ۾ پورو ٿيندو آهي ته ڪڏهن وري ان جو پويون نسل ان خواب جي تڪميل جو ميوو کائيندو آهي.

    اڄ جڏهن محبتن جي مقدس ڏينهن تي آءٌ هي سٽون سرجي رهيو آهيان، اُن وقت منهنجي اکڙين ۾ به ڪو خواب پکيئڙن جيان پر پيو هڻي. انهيءَ خواب جو تصور ئي منهنجي لاءِ ايڏو ته خوبصورت آهي، جو مون کي اُن کان وڌيڪ حسين ڪا به شيءِ ناهي لڳندي. اُنهيءَ حُسن مان مون به ڪي مڌ جا وٽا پنهنجي اندر ۾ اوتيا آهن، اُهو حُسن هن ڪائنات جو حسن به ٿي سگهي ٿو، فطري نظارن جو به ٿي سگهي ٿو، ڪنهن جي رتول ڳلڙن جو به ٿي سگهي ٿو، ته ڪنهن جي ٽهڪن جو به ٿي سگهي ٿو، ڪنهن جي آواز جي صدائن جو به ٿي سگهي ٿو، ها اُهو حُسن، اُن ڇوڪريءَ جي معصوميت جو حُسن به ٿي سگهي ٿو، جيڪا لطيف جي نظر ۾ چنڊ کان به وڌيڪ خوبصورت هُئي. اياز جي شاعريءَ جهڙي خوبصورت ڇوڪري منهنجي زندگي ۾ به آئي هُئي، هُوءَ آئي ۽ هلي وئي. ڇا زندگيءَ مان ايئن به ڪو وڃي سگهي ٿو، جنهن جي ڪنهن هڪڙي ادا ۾ پوري ڪائنات ننڊ ڪندي هُجي، پوپٽ جي پَرن جهڙي هُن جي نفاست کي نانءُ ڏجي ته به ڪهڙو! ڇا محبت ايئن ئي ٿي ويندي آهي، اک جو پلر جهپڪڻ کان اڳ ۾ جيڪو هليو ويو هُجي، اُهو ماڻهو به اکين جو چين چورائي سگهي ٿو ۽ ها، جي سينٽ ويلنٽائن جي محبت جو نظريو اهو آهي ته آءٌ انهيءَ محبت جو قائل آهيان، اهو ئي محبت جو آرٽ آهي، جنهن محبت جي آرٽ کي سمجهڻ سَڌڙين عاشقن جي وس ۾ نه آهي.

    پِرهه جي هِير جيان وڻندڙ منهنجي معصوم محبت! تون مُنهنجي زندگيءَ جو حقيقي آرٽ بڻجي چُڪي آهين، تون منهنجو خواب نه پر تون منهنجي ساڀيان آهين، تُنهنجي محبت جو تصور ئي مون کي توسان روز مِلائيندو آهي، ڳل ڳراٽڙيون پارائيندو آهي، تون ايتري ته حسين آهين جو توتان هن پوري دنيا کي قربان ڪري سگهجي ٿو، تون ايتري نفيس ۽ نازڪ آهين جو تنهنجي نازڪ بدن ۾ جي هٿ وِجهجن ته ڊپ ٿيڻ لڳي ته متان تون ڪٿي مروٽجي نه وڃين، تون اهڙي ته مقدس آهين، جهڙو سنڌوءَ جو پويتر پاڻي. توکي ميلاپ جي هن مقدس ڏينهن تي آءٌ يادگيرين جا گلاب ارپن ڪيان ٿو، ڇاڪاڻ جو محبتون بي لوث ٿين ٿيون تنهن ڪري اچ ته پيار پُڄايون، اچ ته محبتون وِرڇيون، اچ ته صدين جي غير رسمي روايتن کي ٽوڙي محبتن جا مندر اڏيون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو