مٺل جسڪاڻيءَ جو سفر بخير

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 فيبروري 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,276
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    زرعي ماهر ۽ ليکڪ پروفيسر مٺل جسڪاڻيءَ جو ڪتاب ”سفر بخير“ پهتو. ڪتاب هڪ ساهيءَ پڙهي پورو ڪيم. پوءِ ويهي ڪتاب بابت پنهنجا خيال لکيم. پر افسوس جو ليپٽاپ جي بيماري سبب ان کي فارميٽ ڪندي اهو وساري ويٺس ته ڊيسڪٽاپ تي ڪتاب تي لکيل تبصرو پيو آهي. هاڻي لکڻ ويٺس ته خيال هيڏي هوڏي پيا ٿين.
    مٺل جسڪاڻي جي هن ڏيهي سفرنامي ۾ لاهور، پنڊي، اسلام آباد، ڪوهه مري، آزاد ڪشمير جون ڳالهيون آهن. هي سفرنامو هن تعليمي ۽ تفريحي سفر تي نڪتل يونيورسٽي جي شاگردن سان گڏ ڪيو. سندس ذميواريون گهڻيون ئي هيون پر پوءِ به هو لکندو رهيو ۽ اهو سڀ اخبارن ذريعي ڇپبو به رهيو. مٺل اهڙو ليکڪ آهي جيڪو زرعي، سماجي، تعليمي ۽ ادبي لکڻيون روز لکندو رهي ٿو. هن جي لکڻ ۽ پڙهڻ جي رفتار اسان کان گهڻي تکي آهي. هو سولي ٻولي استعمال ڪري ٿو پر ڪجهه ڪجهه جاين تي هن جا ڇڏيل سوال منجهائي وجهندا آهن، سوچڻ تي مجبور ڪندا آهن، ضمير کي جنجهوڙيندا رهندا آهن.
    هن سفرنامي ۾ جڏهن هو کيوڙه جي لوڻ واري کاڻ بابت حال احوال لکي ٿو ته مون کي اهو سڀ پڙهندي عجيب پئي لڳو ته کاڻ اندر اهي سڀ سونهن ڀريون ۽ ڏسڻ ۽ تفريح جهڙيون شيون موجود آهن. هو لاهور بابت سير ۽ اتي گهميل جاين جو ذڪر ڪري ٿو پر لاهور جي انهن تاريخي ماڳن ۽ جاين جي ٿوري تاريخ به لکي ها ته اڃان به سٺو لڳي ها. ڪجهه تحقيقي ادارن بابت سندس مختصر تعارف پڙهيم پر انهن تي کيس وڌيڪ تفصيل سان لکڻ گهرجي جيئن پاڪستان جي فطري تاريخ وارو ميوزيم ، اين آر سي ۽ پي اي آر سي.
    هن پاڻ ئي لکيو آهي ته مان بي ترتيب لکندو ويس، ان بي ترتيب لکڻين باوجود به هڪ سفرنامو ڇپجي ويو. مٺل جسڪاڻي اهو فن خوب ڄاڻي ٿو ته ڪيئن نه هر هڪ سرگرمي تي هڪ مضمون لکجي، سو اهو فن گهٽ ماڻهن وٽ هوندو آهي. سندس ڪتاب جي مهورت به ٿي چڪي آهي ۽ ڪتاب ايڏو جلد ڇپجي آيو ان تي به خوشي ٿي.

    مان سمجهان ٿو ڪجهه ڳالهيون پنهنجي پاران لکان ته مٺل ناراض ڪونه ٿيندو پر اها منهنجي پنهنجي راءِ هوندي.

    1. ڪتاب جو ٽائيٽل ”سفر بخير” بجاء ان ماڳن يا شهرن جي مناسبت سان هجي ها ته واهه واهه ٿي وڃي ها، جيئن مور ساگر جو سفرنامو آهي “حيدرآباد کان هنزه تائين”.
    2. ٽائيٽل پيج تي مٺل جي مُرڪندڙ تصوير ته بهترين پر لڳي ٿو ته مٺل ڄڻ ڪپڙن سوڌو وهنجي ٻاهر آيو هجي. هو ڀلي ته ڪوهه مريءَ جي ڪڪرن سان پُسيو هجي پر ڪتاب جي ٽائيٽل تي گهميل ماڳ مڪانن جون تصويرون هجن ها ته اڃان پرڪشش لڳي ها.
    3. ڪجهه ڳالهيون ذڪر ڪري انهن کي لڪايو ويو آهي. اهي صرف مٺل يا اهي ماڻهو سمجهن جن سان مخاطب ٿيو هوندو، باقي پڙهندڙن لاءِ اهي ڳالهيون فضول هونديون آهن. تنهنڪري انهن جو ذڪر نه هجي ته بهتر هو.

    سليٽ اشاعتي شعبي پاران ڇپيل 112 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 150روپيا آهي. ڪتاب ٽن حصن ۾ ورهايل آهي، پهرين حصي ۾ لاهور، مري، پنڊي، مظفرآباد جو ذڪر آهي. ٻئي حصي ۾ رنگين تصويرون ڏنل آهن جڏهن ته ٽئين حصي ۾ ٽنڊي ڄام کان ڪيل ڪجهه ڳوٺن ڏانهن ڪيل سفر جون پراڻيون يادگيريون آهن.
     
    خادم حسين جروار هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سهڻو تبصرو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,276
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي عبرت ۾ ڇپيل

    سفر بخير : مٺل جسڪاڻي جي سفر جون ڳالهيون

    محمد سليمان وساڻ

    زرعي ماهر ۽ ليکڪ پروفيسر مٺل جسڪاڻيءَ جو ڪتاب “سفر بخير“ پهتو. ڪتاب هڪ ساهيءَ پڙهي پورو ڪيم. پوءِ ويهي ڪتاب بابت پنهنجا خيال لکيم. پر افسوس جو ليپٽاپ جي بيماري سبب ان کي فارميٽ ڪندي اهو وساري ويٺس ته ڊيسڪٽاپ تي ڪتاب تي لکيل تبصرو پيو هو. هاڻي لکڻ ويٺس ته خيال هيڏي هوڏي پيا ٿين.مٺل جسڪاڻي جي هن ڏيهي سفرنامي ۾ لاهور، پنڊي، اسلام آباد، ڪوهه مري، آزاد ڪشمير جون ڳالهيون آهن. هي سفرنامو هن تعليمي ۽ تفريحي سفر تي نڪتل يونيورسٽي جي شاگردن سان گڏ ڪيو. سندس ذميواريون گهڻيون ئي هيون پر پوءِ به هو لکندو رهيو ۽ اهو سڀ اخبارن ذريعي ڇپبو به رهيو. مٺل اهڙو ليکڪ آهي جيڪو زرعي، سماجي، تعليمي ۽ ادبي لکڻيون روز لکندو رهي ٿو. هن جي لکڻ ۽ پڙهڻ جي رفتار اسان کان گهڻي تکي آهي. هو سولي ٻولي استعمال ڪري ٿو پر ڪجهه ڪجهه جاين تي هن جا ڇڏيل سوال منجهائي وجهندا آهن، سوچڻ تي مجبور ڪندا آهن، ضمير کي جنجهوڙيندا رهندا آهن.

    هن سفرنامي ۾ جڏهن هو کيوڙه جي لوڻ واري کاڻ بابت حال احوال لکي ٿو ته مون کي اهو سڀ پڙهندي عجيب پئي لڳو ته کاڻ اندر اهي سڀ سونهن ڀريون ۽ ڏسڻ ۽ تفريح جهڙيون شيون موجود آهن. هو لاهور بابت سير ۽ اتي گهميل جاين جو ذڪر ڪري ٿو پر لاهور جي انهن تاريخي ماڳن ۽ جاين جي ٿوري تاريخ به لکي ها ته اڃان به سٺو لڳي ها. ڪجهه تحقيقي ادارن بابت سندس مختصر تعارف پڙهيم پر انهن تي کيس وڌيڪ تفصيل سان لکڻ گهرجي جيئن پاڪستان جي فطري تاريخ وارو ميوزيم ، اين آر سي ۽ پي اي آر سي.هن پاڻ ئي لکيو آهي ته مان بي ترتيب لکندو ويس، جيڪڏهن تڪڙ ڪرڻ بجاءِ انهن مضمونن کي ٻيهر سهيڙي، نئين ترتيب ڏئي اضافي ليک شامل ڪري ها ته هڪ مڪمل سفرنامو بڻجي وڃي هان جيڪو اسان لاءِ اهي ماڳ گهمندي اسان لاءِ رهنمائي وارو ڪم ڪري ها. ان بي ترتيب لکڻين باوجود به هڪ سفرنامو ڇپجي ويو. مٺل جسڪاڻي اهو فن خوب ڄاڻي ٿو ته ڪيئن نه هر هڪ سرگرمي تي هڪ مضمون لکجي، سو اهو فن گهٽ ماڻهن وٽ هوندو آهي. سندس ڪتاب جي مهورت به ٿي چڪي آهي ۽ ڪتاب ايڏو جلد ڇپجي آيو ان تي به خوشي ٿي. مٺل جو رولاڪ روح شاگردن جي هوندي اهي رولاڪيون نه به ڪري سگهيو هوندو پر مونکي پڪ آهي ته کوڙ ساريون ڳالهيون هو لکڻ کان رهائي ويو هوندو يا انهن تي قلم کڻڻ کان لنوائي ويو هوندو. جڏهن هو ڪشمير ۽ اترئين علائقن جي ماڻهن جون ڳالهيون لکي ٿو ته اهو به ٻڌايو اٿائين ته ڇو اتان جي خوبصورت ماڳن جا ماڻهو اسان وٽ اچي ايڏي ڏکيي حالتن ۾ به مزدوري ۽ محنت ڪندي ڪجهه ڪمائڻ جي جستجو ۾ رهن ٿا.

    مان سمجهان ٿو ڪجهه ڳالهيون پنهنجي پاران لکان ته مٺل ناراض ڪونه ٿيندو پر اها منهنجي پنهنجي راءِ هوندي. هڪ ته ڪتاب جو ٽائيٽل ”سفر بخير” بجاء ان ماڳن يا شهرن جي مناسبت سان هجي ها ته واهه واهه ٿي وڃي ها، جيئن مور ساگر جو سفرنامو آهي “حيدرآباد کان هنزه تائين“. ٻيو ته ٽائيٽل پيج تي مٺل جي مُرڪندڙ تصوير ته بهترين پر لڳي ٿو ته مٺل ڄڻ ڪپڙن سوڌو وهنجي ٻاهر آيو هجي. هو ڀلي ته ڪوهه مريءَ جي ڪڪرن سان پُسيو هجي پر ڪتاب جي ٽائيٽل تي گهميل ماڳ مڪانن جون تصويرون هجن ها ته اڃان پرڪشش لڳي ها. ٽين ڳالهه ته ڪجهه ڳالهيون ذڪر ڪري انهن کي لڪايو ويو آهي. اهي صرف مٺل يا اهي ماڻهو سمجهن جن سان مخاطب ٿيو هوندو، باقي پڙهندڙن لاءِ اهي ڳالهيون فضول هونديون آهن. تنهنڪري انهن جو ذڪر نه هجي ته بهتر هو.

    سليٽ اشاعتي شعبي پاران ڇپيل 112 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 150روپيا آهي. ڪتاب ٽن حصن ۾ ورهايل آهي، پهرين حصي ۾ لاهور، مري، پنڊي، مظفرآباد جو ذڪر آهي. ٻئي حصي ۾ رنگين تصويرون ڏنل آهن جڏهن ته ٽئين حصي ۾ ٽنڊي ڄام کان ڪيل ڪجهه ڳوٺن ڏانهن ڪيل سفر جون پراڻيون يادگيريون آهن.

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو