اخوت جو سفر (سفرنامو): ڊاڪٽر امجد ثاقب، سنڌيڪار :يوسف سنڌي

'متفرقه سنڌي ڪتاب' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 فيبروري 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (129) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڊاڪٽر امجد ثاقب جو لکيل هي ڪتاب ”اخوت جو سفر“ جنهن جو سنڌي ترجمو يوسف سنڌيءَ ڪيو آهي قرض حسن جي سڀ کان وڏي پروگرام جي ڪهاڻي آهي. ڊاڪٽر امجد ثاقب کي آمريڪا جي هارورڊ يونيورسٽي جي لا، اسڪول ۽ بزنس اسڪول ۾ ڌار ڌار خطاب ڪرڻ جي دعوت ملي هئي. هڪ هنڌ موضوع اسلامي فنانس هو ۽ ٻي هنڌ مائيڪرو فنانس جا ادارا. ٻنهي تقريبن جي وچ ۾ ٻن هفتن جو فاصلو هو. ڊاڪٽر امجد ان دوران هڪ هزار پاڪستانين سان رابطي جوپروگرام رٿيو. هو ڪيترن ئي شهرن ۾ پهتو، تقريبن کي خطاب ڪيائين ۽ ”اخوت“ جي طاقت ۾ واڌارو ٿيندو ويو. ان سفر جي ڪهاڻي پاڻ ڏاڍي مائيدار اسلوب ۾ لکي اٿائين. هي هڪ منفرد سفر نامو آهي. هڪ سفر ۾ ڪيترائي سفر... هڪ رنگ ۾ ڪيترائي رنگ...
    هي ڪتاب سنگِ ميل پبليڪيشن لاهور پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو آهي جنهن جي ڪمپوزنگ ساحل پرنٽرس حيدر آباد ڪئي آهي. اسان ٿورائتا آهيون يوسف سنڌي ۽ مور ساگر جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ڏيڻ سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


     

هن صفحي کي مشهور ڪريو