ساجن داس چنداني : ٿر جو وسريل ڪردار..... منهنجو استاد

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ارمان جنجهي طرفان آندل موضوعَ ‏20 فيبروري 2016۔

  1. ارمان جنجهي

    ارمان جنجهي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2016
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    وڪڙيو ٿرپارڪر
    ٿر جو وسريل ڪردار..... منهنجو استاد

    مرڪن اهي مائرون، جيڪي ڄڻين اهڙا جوان.

    ٿر جي سون ورني ڌرتي تي ڪيترائي اهڙا املهه گل ڦٽا آهن جنهن پنهنجي خوشبو سان پوري سنڌ جي سنسار کي مهڪاري ڇڏيو آهن. تعليم جي لاٽ روشن ڪندڙن گلڙن ۾ رائچند هريجن، محمد عثمان کٽي، سچل جنجهي، عبدالصمد سنگراسي ۽ ٻيا گلڙا تاريخ ۾ وڏي جڳهه رکن ٿا. انهن گلڙن ۾ ساجن داس چنداني هڪ وڏو تعليمدان هو. سائين ساجن داس پنهنجي اصولن تي هلي ٿر ۾ هڪ نئون رخ ڏنو. سائين جن جي ننڍپڻ ۾ پرورش سندن ناني ڪئي هئي، جيڪا پنهنجي وقت جي سگهڙ ۽ شوشل ورڪر هئي. سائين ابتدائي تعليم مٺي مان ۽ ميٽرڪ بمبئي يونيورسٽي مان پهرينءَ پوزيشن ۾ پاس ڪيو. سائين پنهنجو اولاد به پڙهي وڏن عهدن تي خدمتن انجام ڏئي رهيو آهي، جن م۾ وڏي ڇوڪري ديوي اهليه ڊاڪٽر جئمل، وڏو پٽ ڊاڪٽر آنند (جيڪو جواني ۾ گذاري ويو)، ننڍي ڇوڪري ڪملا ٻائي ايجيوڪشن آفيسر ۽ ننڍو پٽ حيسڪو ۾ آهي. سائين ساجنداس پهرين سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڪلارڪ ۽ پوءَ ميرپورخاص جي سرڪاري اسڪول ۾ هيڊماستر طور مقرر ٿيا. جتي هيڊماستر سان گڏ ايڊمنسٽريشن جو به ڪم با خوبي نڀايو. 22 سال علم جي خدمت ڪري سرڪاري عهدي تان ريٽائر ٿيا. پر جنهن انسان کي علم اوتڻ جو شوق هجي سو ڪئين سک سمهندو. ميرپوررخاص ۾ هڪ غير سرڪاري اسڪول کي ڏسي دل ۾ خيال آيو ته ڇو نه ٿر جي پوئتي پيل علائقي ۾ کلجي ته جئين ٿر جا ٻار اڳتي نڪرن. اهڙو روشن خيال کڻي مٺي اچي سنگت ساٿ سان ونڊيو. 1988ع ۾ ٿر جي امر ڪردار مارئي جي نالي سان هڪ غير سرڪاري اسڪول جو بنياد رکيو. انهي کي حقيقت جو روپ ڏيڻ ۾ ٿر جي مشهور انسان سائين حاجي محمد دل جو اهم ڪردار هو. سائين پاڻ انهي اسڪول ۾ انگريزي گرامر پڙهائڻ شروع ڪئي. انگريزي گرامر جو مشهور ڪتاب رين اينڊ مارٽن پڙهائنيدڙ ٿر پهريون شخص هو. جيڪڏهن مون انگريزي گرامر هڪ اکر سکيو آهي ته انهي شخص کان. 2014ع ۾ سائين جي ساهه جو پکي پر لوڪ پڌاري ويو. جس هجي ضلعي حڪومت ۽ تعليم اعلي عملدارن کي جو هن علم پارکو کي ياد نه ڪري سگهي، پر سائين ساجنداس جي ڪوششن سان نڪتل هزارين ٻار سندن محنت جو نتيجو آهن؛

    چڱا چڱايون ڪن، مٺيايون مٺن،

    جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن.

    KH ارمان

    armankh778@gmail.com.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو