خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / آچر 21 فيبروري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* ٿر ۾ مدرسا ٺهڻ جو وڏي وزير نوٽيس ورتو (خبر)
* * سدائين وانگيان رڳو نوٽيس وٺندئو يا ڪم به ڪندوئو؟ (تبصرو)

* وڏي وزير نوڪرين تي بندش هٽائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو (خبر)
* * جيڪڏهن نوڪريون ميرٽ تي ڏيو ته جيڪر ناممڪن به ممڪن ٿي پوي (تبصرو)

*حيدرآباد پوليس 2 سياسي ڪارڪنن کي مقابلو ڄاڻائي ماري ڇڏيو (خبر)
* * سنڌ ۾ انسانن جو ائين مرڻ حڪمرانن لاءِ معمولي ڳالهه آهي (تبصرو)

*گڏيل مفاد واري ڪائونسل جو اجلاس 29 فيبروري تي گھرايو ويو (خبر)
* * آئين جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪندي نواز شريف کي هاڻ هوش آيو (تبصرو)

*سنڌ جي 24 هزار استادن کي 7 مهينا گذرڻ جي باوجود معاوضو ڪونه مليو (خبر)
* * زرداريءَ جي سوکڙي قائم علي شاهه رهيو ته 7 ورهين کانپوءِ به معاوضو نه ملندو (تبصرو)

*آدمشماريءَ ۾ سڀني سنڌين کي حصو وٺڻ گھرجي (خبر)
* * سنڌي جڏهن اگھور ننڊ مان اٿندا ته ضرور بهرو وٺندا (تبصرو)

*ڪراچيءَ ۾ بيشمار ڪلينڪ جُڙتو ڊاڪٽر هلائي رهيا آهن(خبر)
* * ساري سنڌ ۾ اهو آزار آهي، قائم علي شاهه هيڪر ننڊ مان جاڳي ته ڪارروائي ڪندو (تبصرو)

* اسان سڀني کان وڌيڪ ناانصافين جو شڪار آهيون: کدڙا فقير (خبر)
* * ...ڀلا، انهيءَ ۾ ڪو شڪ؟ (تبصرو)

* احتجاجي ملازمن کي سزا، پي آءِ اي انتظاميا جي بدحواسي (خبر)
* * نواز شريف ۽ چرٻٽ راجا ۾ ڪو فرق آهي ڇا؟(تبصرو)

*حيسڪو جي ڪارروائي، 600 کان وڌيڪ ٽرانسفارمر لاهي ڇڏيائون (خبر)
* * نواز شريف جي ماسات عابد شير عليءَ جي شرارت، شايد پنجاب ۾ فرشتا رهن ٿا (تبصرو)

* اسپين ۾ انساني سمگلنگ ۾ شامل پاڪستاني گرفتار(خبر)
* * چئبو ته پاڪستان جو نالو اُتي به روشن ڪيو اٿن (تبصرو)
 
Back
Top