ڀائڙا نثار ناز
جڙيل هجين شال
يار شاعريءَ جون رمزون شاعر ئي ڄاڻن، سٺن لفظ ۽ مناسب تور تڪ واري ڪافي لکي اٿوَ، ادا سائين هندي گانو نه ٻڌو اٿوَ ته؛
دل تو پاڳل هي، هنساتا هي وهي، رلاتا هي وهي، ساري ساري رات جگاتا هي وهي ...
ادا سائين پنهنجي دل کي سمجهائڻ ته سٺي ڳالهه آهي پر کيس مايوس ڪرڻ نه کپي ... ٻي ڳالهه ته وڇوڙي ۽ بي وفائي ۾ فرق هوندو آهي ... وڇوڙي واري محبوب جو انتظار ڪبو آهي ۽ جي انتظار نه ڪبو ته بي وفائي ٿيندي ۽ بي وفا يار کي وسارڻ ڀلو نه ته زندگي زهر ٿي ويندي آهي، اوهانجي هن ڪافيءَ ۾ ٻئي خيال مليل آهن ...
جيئن ؛
ٽٽندي آهي نيٺ ته ياري،
۽
داغ وڇوڙي جا ٿي ڌوئين،
يعني ياريءَ جي ٽٽڻ جو خوف به آهي ته وڇوڙو به آهي
اڳتي هلي اوهان جي وائيءَ ۾ هڪ خيال آهي؛
”ناز“ ته رولو ماڻهون آهي،
منهنجي خيال ۾ هي اهو ماڻهون آهي جنهن لاءِ لطيف سڳوري لفظ استعمال ڪيو آهي ” چلولا“ جي در در دوستيون لائيندا آهن، ٻين ۽ آسان لفظن ۾ بي وفا ماڻهون ... سو ڀائڙا چوڻ جو مقصد ته بيوفا ۽ وڇڙي ويل محبوب ۾ فرق هوندو آهي ٻنهي لاءِ ماتم ڪرڻ جو مطلب به الڳ الڳ هوندو آهي ... وڌيڪ جي آءُ غلط هجان ته اصلاح ضرور ڪجو ...
سدائين گڏ