خبرون تي تبصرو / محمد خان سيال / خميس 25 فيبروري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* شريف خاندان جي ڪرپشن جو ڪو ثبوت ڪونه مليو آهي: حمزو شهباز شريف (خبر)
** ڇاڪاڻ ته ڪرپشن کانپوءِ، هنن مهارت سان سمورا ثبوت ڊاهي ڇڏيا آهن (تبصرو)

* ميرپور خاص ۾ عجيب اسڪول، شاگردياڻيون 14، ماسترياڻيون 23 (خبر)
* * هاڻي ڪم ته انڌير نگري چرٻٽ راجا کان به چڙهي ويو آهي (تبصرو)

* اسلام آباد ۾ 800 ٿرين جي موت خلاف مظاهرو(خبر)
* * جيترا به مظاهرا ڪريو، زرداري ۽ قائم علي شاهه تي فرق ناهي پوڻو (تبصرو)

* سنڌ سرڪار ذريعي ڪرايل مردمشماري وڏو دوکو هوندو: ممتاز ڀٽو (خبر)
* * ڇا اوهان جي پارٽيءَ نواز شريف سرڪار واري مردمشماري غلطين کان پاڪ هوندي؟ (تبصرو)

* رينجرز مرزا کان بيان وٺي ڇڏيو، اهم اڳواڻ وڪڙ ۾ اچڻ جو امڪان (خبر)
* * صاف صاف کڻي چئو ته ڪرپٽ آصف علي زرداريءَ جو خير ناهي (تبصرو)

* نادر شاهي نه هلندي، وفاق برابريءَ سان هلندو: مولابخش چانڊيو (خبر)
* * مولوُ ڄٽ! تو کي سنڌ اندر هلندڙ نادرشاهي نظر ڪانه ٿي اچي؟ اکين جي ڊاڪٽر کي ڏيکار(تبصرو)

* ٽاپ ٽين ۾ ڄامشوري جي هڪ به يونيورسٽي ڪانهي (خبر)
* * جت قائم علي جھڙا وڏا وزير ۽ نثار کهڙي جهڙا وزيرتعليم هوندا، اتي اهڙو انڌير هوندو (تبصرو)

* ملڪ اسد جو اعتراض جوڳيون 2 تصويرون فيس بوڪ تي رکڻ تي 2 ڄڻا گرفتار (خبر)
* * مطلب ته پ پ پ ايم اين اي ملڪ سڪندر جون اعتراض جوڳيون تصويرون....؟؟ (تبصرو)

* ملير ۾ سرڪاري زمين جي قبضن بابت نيب جاچ شروع ڪري ڇڏي (خبر)
* *افسوس.!! سنڌي ڪامورا، سنڌين کي ٿورائيءَ ۾ بدلائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوشان آهن (تبصرو)
 
Back
Top