وڪي هائو (Wikihow.com) هڪ نهايت بهترين ويبسائٽ آهي ڪنهن به ڪم کي سولي نموني سمجهڻ لاءِ . گوگل ٽرانسليشن ۾ سنڌي جي اچڻ کانپوءِ مون وڪي هائو وارن کي عرض ڪيو ته اسان کي سنڌي ٻولي جو پروجيڪٽ شروع ڪرڻ ڏيو. انهن چيو ڪنهن نئين ٻولي جو پروجيڪٽ شروع ڪرڻ لاءِ گهڻن ريسورسس جي ضرورت پئي ٿي، تهننڪري هيئر اهو اسان لاءِ ممڪن نه آهي. منهنجي گهڻي اثرار تي وڪي هائو وارن سنڌي جي پروجيڪٽ لاءِ هڪ پيج مهيا ڪيو آهي. توهان سڀني دوستن جي مدد جي ضرورت آهي. جيڪي ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ ڄاڻن ٿا اهي هيٺ ڏنل لنڪ کولن ۽ پنهنجو نالو والنٽيئرس ۾ شمارن ڪرائن. جيئن ئي جهجها والينٽئرس ٿي ويا، وڪي هائو جو سنڌي پروجيڪٽ به شروع ٿي ويندو. پنهنجي نالو درج ڪرڻ لاءِ: ۱. هن لنڪ wikiHow:Sindhi-Language-Project تي ڪلڪ ڪري، وڪي هائو تي پنهنجو اڪائونٽ ٺاهيو ۲. واري Build a Team of Volunteers واري حصي جي پاسي ۾ Edit تي ڪلڪ ڪريو. ۳. سڀ کان آخري لائين کان هڪ لائن پهرين لکو:~~~~# ۴. هيٺ Preview تي ڪلڪ ڪري چيڪ ڪريو، اوهان جو نالو آيو آهي، جي آيو هجي ته هيٺ Publish تي ڪلڪ ڪريو.
ڀاءُ تمام سٺي ڳالهه .... پر ان کان اڳ اسان کي گوگل لاءِ مڪمل سنڌي ترجمو ڪرڻو آهي. هي ڪم اڃان مشڪل سان 15 فيصد ٿيو آهي. پر اوهان سان به سهڪاري ٿينداسين.