خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / آچر 28 فيبروري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* سنڌ جي هر ضلعي ۾ يونيورسٽي ٺهندي: وڏو وزير (خبر)
* * رهيو سوال تعليمي معيار جو، تنهن سان اوهان جي سرڪار جو ڪهڙو واسطو؟ (تبصرو)

*پنجاب اسيمبلي “زن مريدن” اسيمبلي آهي: مولانا فضل الرحمان (خبر)
* * تون پاڻ به ته “زن مريد” نه ته “زر مريد” رهيو آهين (تبصرو)

* جنرل (ر) مشرف پرڏيهه ۾ علاج ڪرائڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي (خبر)
* * جند ڇڏائڻ جا بهانا...... جھل دٻ (تبصرو)

* ننڍن صوبن سان نا مناسب سلوڪ بند ڪيو وڃي: اياز سومرو (خبر)
* * ننڍن صوبن جو ناٽڪ بند ڪريو، سڀ صوبا انتظامي لحاظ کان برابرآهن (تبصرو)

* ساڄي پاسي دل رکندڙ 18 ورهين جو پني عاقل جو شخص ڪراچيءَ ۾ فوت (خبر)
* * قسمت جي ڳالهه آهي نه ته جن جي دل چوري ٿي وڃي ٿي، سي به ته نيٺ جيئن ٿا (تبصرو)

*آدمشماريءَ جي مسئلي تي ايم ڪيو ايم کي چونداسون ته سنڌي لکرائن: نياز ڪالاڻي (خبر)
* * سندن دهشتگرد ليڊر جي حمايتي ڌرڻي ۾ شريڪ به ٿيو ٿا پر پوءِ به کين سڃاڻو نه ٿا؟ (تبصرو)

* لاڙڪاڻي ۾ بجليءَ جي نئين ايڪٽ هيٺ 4 باقيدار گرفتار(خبر)
* * اهي نوان قانون رڳو سنڌ سان لاڳو آهن، پنجاب سان هرگز لاڳو ناهن (تبصرو)

* ملير جي ڳوٺن ۾ 66 ڪروڙن جون اسڪيمون رولڙي جو شڪار(خبر)
* * ملير جي ڪرپٽ سنڌي ڪامورن ته سنڌين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي (تبصرو)

* غداري ڪيس ۾ پرويز مشرف اڪيلو مجرم، ٽرائل جلد مڪمل ڪريو: سپريم ڪورٽ (خبر)
* * سنڌين خلاف نسلي متڀيد رکندڙ جنرل (ر) مشرف ڪيستائين عيش ڪندو؟ (تبصرو)
 
Back
Top