اقليت لاءِ4 لک افغاني،45 لک(هندستاني، برمي، بنگالي، بهاري،نيپالي +)۽ 15لک پٺاڻ،10لک پنجابي سنڌ ۾؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏1 مارچ 2016۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    فلحال بهراڙي ڪڏانهن ڪانه ٿي وڃي ! پنهنجي سموري توجه سنڌ جي شهرن جي مردم ۽ گهر ڳڻپ تي گهڻي محدود ڪريو ۽ پنهنجا شهر بچايو جنهن تي قوتن جي يلغار آهي ۽ قبضي جو پلان آهي.
    هڪ خبر:
    اسان کي متعصب اڙدو ميڊيا وسيلي زرداري ۽ قائم شاه مشن تي لڳائي سازشي ڪراچي شهر جي ڪاروباري سهولتڪارن ۽ ناڻيوارن جي مدد سان، سنڌ جا ٻه حصا ڪرڻ، سنڌين جي نا اتفاقيءَ جو فائدو وٺي کين ٽڪڙن ٽڪڙن ۾ ڪري سنڌي قوم کي اقليت ۾ ڏيکارڻ لاءِ 45 لک ڌاريان (هندستان، برما، بنگلاديش، ٿائلنڊ، سائوٿ افريڪا، نيپال ۽ ٻين مُلڪن مان اسمگل ڪرائي سنڌ ۾ وسايا آهن ۽ گڏوگڏ 4 لک بنگالي، 15 لک پٺاڻ ، گلگتي۽ هندڪو، 10 لک پنجابي، ڪشميري، نوڪرين بهاني به انهن علائقن ۽ صوبن مان مان آني مستقل سنڌ ۾ وسايا آهن.
    هڪ ڳاله ٿو ڪريان جو سوال آهي سنڌ جو ! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو !
    [​IMG]
    گوگل تي آيل سنڌي ٻولي
    گوگل پيج جنهن جو بنياد 1998ع ۾ رکيو ويو وري بعد ۾ انکي وسيع بڻائڻ لاءِ 2011ع م GOOGLE+ ڪيو ويو، جنهن تي هن وقت موجود دنيا جي 104 ٻولين ۾ هاڻي سنڌي ٻولي کي به شامل ڪيو ويو آهي، هي قومي ۽ تاريخي ڪم عبدالماجد ڀرڳڙي ۽ جاويد احمد سولنگي پڻ سرانجام ڏنو آهي، اهڙي ڪارنامي تي هي جس لهڻا جنهن جي ڪري اسان جي سنڌي ٻولي کي عالمي سڃاڻپ ۽ طاقت ملي آهي، جنهن جوهوءَ وڏي وقت کان حق رکندڙ هئي، جنهن جي ڪري اسان جي شاگردن توڙي هر سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ ۽ ٻي دنيا جي ماڻهن کي به فائدو مليو آهي جيڪي به پڻ پنهنجو ڪم سنڌي ٻولي کان وٺي سگهدا، هن وقت توڙي جو اڃان سنڌي ٻولي جو ترجمو ٿي ويو آهي پر اڃان به ان کي ترجمي ڪرڻ کان پوءِ سمجهڻ ۾ ٿوري جهجهڪ ٿئي ٿي، يعني جيڪڏهن ڪنهن ٻي ٻولي جو سنڌي م ترجمو ڪجي ٿو ته، سنڌي ٻولي ان ترجمي ٿيل ٻولي جي بناوت فارميشن ۾ اچي ٿي، جنهن کي به هنن درست ڪرڻ جي ڳالهه پڻ ڪئي آهي ۽ انهيءَ تي سڀني سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهن کي ان نيڪ ڪم ۾ همٿ افزائي جي دعوت به ڏني آهي، سنڌي ٻولي لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندڙ عبدالماجد ڀرڳڙِي هن عظيم ڪم جو ڪريڊٽ جاويد احمد سولنگي کي ڏنو آهي، ۽ چيو اهي ته، جاويد سولنگي پنهنجي ليکي انتهائي شاندار ڪم ڪيو آهي، جنهن کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسي ۽ هو ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، گوگل ڪمپني جاويد سولنگي صاحب کي پڻ هن عظيم ڪم تي سنڌي ڪميونٽي جو هيرو قرار ڏنو آهي،
    جيتوڻيڪ سنڌي ٻولي هڪ تاريخي ٻولي آهي پر تنهن هوندي به ان کي اڄ تائين پنهنجي طاقت ملڻ ۾ وڏا لاها چاڙها پڻ ملندا رهيا آهن جنهن کي ڪيترائي ڀيرا اسرندي ۽ وري رياستي دٻاءِ هيٺ آڻي ڪري انکي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش هر دور ۾ پڻ ٿيندي رهي آهي پر انجي ترقي بقا ۽ بهبودي لاءِ هر دور ۾ اسا جي سنڌ ج ماڻهن ان جي واڌاري لاءِ ڪم ڪري انکي عظمت بخشي آهي. بحرحال وقتن بوقتن سنڌي ٻولي کي لاها چاڙها ملندا رهيا آهن، پر هن وقت مان سنڌي جو ترجمو گوگل تي اچڻ سنڌي ٻولي لاءِ انتهائي اعليٰ اعزاز آهي جنهن لاءِ مان هي لفظ ئي چوندس ته سنڌي ٻولي کي دنيا اڳيان جيڪا سڃاڻپ ملي آهي، اهو انکي پنهنجي حصي جو حق مليو آهي، جنهن لاءِ اسان محترم جاويد احمد سولنگي ۽ عبدالماجد ڀرڳڙي جا نهايت ئي ٿورائتا آهيون کين اهڙي نيڪ ڪم تي مبارڪون به ڏيون ٿا، ۽ اڃان به انهن ۾ اسان کي اميدون آهن ته هو وڌيڪ سنڌي ٻولي جي ترجمي کي به درست ڪرڻ لاءِ جاکوڙيندا رهندا.
    [​IMG]
    عامر ڪمال سولنگي جي سوچ ۽ ٻولن سان مُتفق هر سنڌي به اهي ئي تشڪرانا ٻول ٻولي هن جوت جڳائڻ وارن سنڌين (جاويد سولنگي ۽ عبدالماجد ڀرڳري) جو ٿورائتو آهي ۽ هر سنڌيءَ کي به ڳالهه جو فائدو وٺي اپيل ڪريان ٿو ته پنهنجا هر ذاتي، انا ۽ ڪاروباري ويڇا وساري هڪ ٿي وڃو، هڪ آواز ۽ هڪ سوچ بڻجو جو هن وقت سنڌ ۽ سنڌين ماڻهن تي نا اتفاقيءَ ۽ اڻ سهپ ۽ هڪ ٻئي جي گلا خوري ۽ ٽنگ ڇڪڻ، حسد، ساڙ ۽ پنهنجن جي ئي گهرن جي ڀاتين جي ويسا گهاتين جي ڪري سنڌ تي ڏکيو مرحلو اچڻ وارو آهي، سازشي ۽ ڪراچي شهر جا ڪاروباري سهولتڪار، سنڌ جا ٻه حصا ڪرڻ، سنڌين جي نا اتفاقيءَ جو فائدو وٺي کين ٽڪڙن ٽڪڙن ۾ ڪري سنڌي قوم کي اقليت ۾ ڏيکارڻ لاءِ 45 لک ڌاريان (هندستان، برما، بنگلاديش، ٿائلنڊ، سائوٿ افريڪا، نيپال ۽ ٻين مُلڪن مان اسمگل ڪرائي سنڌ ۾ وسايا آهن ۽ گڏوگڏ 4 لک بنگالي، 15 لک پٺاڻ ، گلگتي۽ هندڪو، 10 لک پنجابي، ڪشميري، نوڪرين بهاني به انهن علائقن ۽ صوبن مان مان آني مستقل سنڌ ۾ وسايا آهن ته جيئن سنڌي ماڻهن جي اڪثريت کي ۽ کين پاڻ ۾ علاقائي قبضا خوري سان وڙهائي جنڊا پُٽ ڪرائي اقليت ۾ تبديل ڪيو وڃي ۽ پوءِ سنڌ ۽ ان جي شاهوڪار وسيلن کي پنهنجي انهن اسمگل ڪري آيل ۽ سنڌ ۾ وسجندڙ ڇاڙتن جي مدد سان ڪنٽرول ڪيو وڃي .
    ۽ پوءِ سنڌي قوم کي محض تواريخي ڪتابن تائين محدود ڪيو وڃي ائين ئي جيئن (انڊس سولائيزيشن) ۽ 7000 سالن جي تهذيب و تمدن رکندڙ (انڊوس، انڊس، انڊيا، هندس، هندستان) ۽ ٻين حصن کي مسلسل ٽڪڙا ٽڪڙا ڪري محض اڄ جي (ڪراچيءَ کان ڪشمور يا ڪينجهر کان ڪارونجهر) تائين محدود سنڌ بڻيايو ويو آهي ۽ سان اهي نعرا هڻائي ڀير تي ڏئونڪو جيان دهلن ۽ شرنائين تي نچي (جيئي سنڌ، جيئي سنڌ) ڪندا نچندا ٽُپندا، هڪ ٻئي جي اڻ سهپ ڪري پڳون اڇلائيندا وتون ان نعري ۽ منشور تحت ته آئون نه ته ٻيو ڀاءُ به نه) اهو وساري ته سنڌ جو وسيع علائقو ته اسان کان ڇني هندستان، پنجاب، ڪشمير، سائوٿ پنجاب، اٽڪ، حسن ابدال بڻياو ويو آهي ۽ اسان انڊس سولائيزيشن جي تواريخ پڙهي مسرور ٿي رهيا آهيون ۽ وساري ويٺا آهيون ته هاڻ بچيل سنڌ جا به ٻه حصا ٿيڻ وارا آهن ۽ قوتون پاڻ ۾ هڪ ٿي يلغار ڪرڻ واريون آهن ۽ اسانکي هڪ ٻئي جي پڳ لاهڻ جي مشن تي لڳايل آهي ته جيئن هو آرام سان سنڌ جا ٻه اڌ ڪري سگهن،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو