ماڻھو منھنجا پوکيل گل ڏسي خوش ٿيندا تہ مون کي سرھائي محسوس ٿيندي

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 مارچ 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ” بلاوٽسڪي سڄي دنيا جو سفر ڪيو. ھو عجيب ۽ غريب طبيعت جي مالڪ ھئي. ھو پنھنجي ٿيلھي ۾ سدائين گلن جا ٻج رکندي ھئي ۽ ٽرين، بس يا ڪار ۾ جتي بہ ويندي ھئي، انھن ٻجن کي دري کان ٻاھر اڇليندي ويندي ھئي. ماڻھن کانئس پڇيو ” تون ائين ڇو ٿي ڪرين؟“ بلاوٽسڪي وراڻيو ” ھي برسات جي موسم آھي، مينھن جو پاڻي انھن ٻجن تي پوندو، انگور ڦٽندا، جيڪي ٻوٽن ۾ تبديل ٿي ويندا، انھن ٻوٽن تي گل ٽڙندا ۽ پوءِ ڏاڍا خوبصورت نظارا ڏسڻ لاءِ ملندا.“

    ماڻھن بلاوٽسي کان پڇيو ” ٺيڪ آھي جيڪڏھن گل ٽڙي بہ وڃن تہ ان سان توکي ڇا ملندو؟ تون شايد ئي ٻيھر ھن رستي تان گذرين؟“ بلاوٽسڪي جواب ڏنو ” جڏھن آئون ٻين جي لڳايل گلن کي ڏسي خوش ٿيان ٿي تہ مون تي اھو گل اپائيندڙ جو قرض آھي، جيڪو آئون لاھي رھي آھيان، آئون سوچيان ٿي تہ آئون ھن رستي تان گذران يا نہ، پر اھو سوچيان ٿي تہ ماڻھو منھنجا پوکيل گل ڏسي خوش ٿيندا تہ مون کي سرھائي محسوس ٿئي ٿي.“

    ڪتاب : تعليمي انقلاب
    ليکڪ : گرو رجنيش اوشو / منصور قادر جوڻيجو.
    ڇاپو : روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.
    چونڊ : مبين احمد چنا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو