• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سينسز 2016 ڊلي ڪيو ويو آهي پر سنڌين کي پوءِ به الرٽ هُئڻ گهرجي ۽ پنهنجو ڪچو هوم ورڪ ڪري رکجي

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
هڪ ڳالهه ٿو ڪريان جو سوال آهي سنڌ جو ! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو !
ان ڪري جو هن وقت سنڌ ۾ سنڌي ماڻهن کي اقليت بڻجڻ جو خطرو آهي جو غير رجسٽرڊ ، (4 لک کان وڌ) ٻين افغانين، (45 لک) ٻاهران سمگل ڪرائي ، ڪراچي شهر جي سهولتڪار ڪاروباري طبقن جي مدد سان (سنڌ ۾ نوڪري ، مفت رهائشي سهولتن سان) وسايل (هندستاني، بهاري، بنگالي، برمي، نيپالي، ايراني، سائوٿ افريڪين، وغيره) ۽ ان کان علاوه فيڊرل نوڪرين کان علاوه ٻين صوبن جا به تقريبن 30 لک (پنجاب، سرحد ، گلگت، فاٽا) ۽ بلوچستان جا باشندا گهرائي سنڌ ۾ سيٽل ڪيا ويا آهن جيڪي ڦنهنجي علائقن سان گڏ سنڌ جي ايڊريسن تي به ّناختي ڪارڊ، ڊوميسائل ، ٻيا ڪوڙا ڊاڪومينٽ ۽ ڊگريون حاصل ڪري سنڌ جي ماڻهن جي نوڪريءَ جي حق تي مقبوض آهن ۽ جن تي سنڌ جي وسيلن جو به گهڻو خرچ ٿئي ٿو ۽ موٽ ۾ انهن صوبن کان سنڌ کي ڪمپنسيشن جي صورت ۾ ڪُجه به نٿو ملي، جنهنڪري سنڌ جي مڪمل ڊيولپينٽ رڪجي وئي آهي يا موجوده ٽيڪسن سان رپيئرنگ ورڪ ۾ خرچ ٿي وڃي ٿي ۽ جيڪي ڪنڊا سسٽم وسيلي به ُمفت بجلي، پاڻي، گئس حاصل ڪري رهيا آهن ۽ سنڌ مان ناڻو پنهنجي پنهنجي صوبن ۾ موڪلي رهيا آهن.ته پوءِ سوچڻو اهي ته :
12806044_10208477731921640_336478391012849984_n.jpg

ڇا توهان اسٽيٽسٽڪس جا ماهر اهيو؟ پوءِ ڇو نٿا هي فارم ڀريو ۽ وڌيڪ ڄاڻ وٺي ڦهلايو ته ٻيا سنڌي به سمجهن ۽ پنهنجي سنڌي قوم کي (مردم شماري 2016 ۾ پلان سازش )کان بچائي سگهجي جنهنجو ڪارڻ فقط هڪ آهي توهانکي (قائم علي شاه ۽ زرداري) اشوز ۾ اُلجائي ، جُنڊا پٽ ڪرائي پويان سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪري ، سنڌي وسيلن ۽ سنڌ تي ڊڪٽيٽرن ضياءَ ۽ مشرف ۽ ساٿين جي (لنڊن پلان ڊي) تحت قبضو ڪرڻو آهي. ۽ ان (لنڊن پلان ڊي تحت) توهانجو سنڌ تان ڌيان هٽائي ۽ هٽائڻ لاءِ سرمائيدارن جي (متعصب اڙدو ميڊيا چينلن ۽ اينڪرن) جو سهار وٺي ۽ توهانجي پنهنجي (سنڌي چئنلن کي به اُتي اُلجهائي) رُڳو سنڌي ماڻهن، سنڌ ۽ سنڌي ليڊرن کي نشانو بڻائي ، توهانجو ڌيان موڙڻون آهي ته جيئن پوءِ سنڌ ٻه اڌ ڪرڻ ۾ اساني ٿئي ۽ بغير ڪنهن رڪاوٽ جي سنڌ جي شاهوڪار وسيلن تي اهڙا اسٽيٽڪس جوڙي، متحده کي سنڌ ۾ ڏڦير ڦهلائڻ جو مشن ڏئي وسيلن تي قبضو ڪرڻو اهي.
سازش بينقاب ٿيڻ تي فلحال شايد سينسز 2016 ڊلي ڪيو ويو آهي پر سنڌين کي پوءِ به الرٽ هُئڻ گهرجي ۽ پنهنجو ڪچو هوم ورڪ ڪري رکجي ته سنڌيت جو دعويدار سماجي، سياسي، قومي ، مذهبي تنظيمون، سڀ ويڇا وساري صرف هن هڪ ايجنڊا تحت ميدان تي نڪري اچن ۽ پنهنجي پنهنجي وارڊ، ٽائون، گجي هر گهر جي ڪچي شماري ڪري رکن ۽ هفيتيوار وزٽ ڪري پنهنجي علائقي جي ماڻهن کي مردم شماري ۽ ان جي افاديت سمجهائين. ته وقت اچڻ تي سنڌ جو هر گهر، ڪٽنب رجسٽر ٿي وڃي.
نه رُڳو پنهنجو ! پر اهو به ڏسن ته ڪٿي سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ ڏيکارڻ لاءِ ٻاهريان سمگل ڪيل مانهون رڪارڊ ته پيا ڪيا وڃن جيڪو هڪ اهم آهي ۽ ڪٿي غير سنڌين جا (نوگو ايرياز) ۾ ٻٽا رڪارڊ ته نه ٺاهيا ويا آهن.
 
Back
Top