خبرون تي ٽيڪاٽپڻي/ محمد خان سيال / ڇنڇر 05 مارچ 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* مان به نواجوانن کان گھٽ ڪونه آهيان: وڏو وزير سيد قائم علي شاهه
* * اھڙن جوانن کان الله تعالى سنڌ کي پناهه ڏئي، ساري سنڌ جو ته ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو اٿوَ (تبصرو)

*وفاق طرفان سنڌ مان 60 سيڪڙو روينيو اوڳاڙين جو اعتراف (خبر)
* * سنڌ ڪمائي، کاٽو پُٽ پنجاب کائي (تبصرو)

* وڏي وزير گمس کي يونيورسٽي بڻائڻ جو اعلان ڪيو (خبر)
* * ..باقي گمس جو پراڻو نالو بحال ڪرڻ ۾ ٻرو ٿو چڙهيوَ ڇا؟ (تبصرو)

*پوليس ڏوهارين جي خطرناڪ هٿيارن اڳيان بي وس (خبر)
* * جيئن سنڌي، زرداريءَ جي سوکڙي قائم علي شاهه جي اڳيان بي وس آهن (تبصرو)

*مائنس الطاف جي سازش ٿي رهي آهي: رابطا ڪاميٽي (خبر)
* * الطاف پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻي پيو، سازش جي ڪهڙي ضرورت؟ (تبصرو)

*دادوءَ ۾ بند 3 اسڪول کولائڻ لاءِ ڳوٺاڻا ميدان تي نڪري آيا (خبر)
* * پنهنجي همت ڪريو، قائم علي شاهه ۽ نثار کهڙي جي آسرن تي لڳندئو ته ٻيڙو ٻڏي ويندوَ (تبصرو)

*سنڌڙيءَ ۾ 5 ڪروڙن جي ڪرپشن، نيب اهڙن ڪامورن کي گھرايو (خبر)
* * ڪرپٽ سنڌي ڪامورا...!! ڪجهه ته شرم ڪريو (تبصرو)

*الطاف کي سياست ڪرڻ لاءِ هزارين لاش کپن: مصطفى ڪمال (خبر)
* * ....ڀلا، انهيءَ ۾ ڪهڙو شڪ؟ (تبصرو)

*مصطفى ڪمال جي اچڻ سان ڪو ٿرٿلو ڪونه ايندو: قائم علي شاهه (خبر)
* * ...۽ توهان جي اقتدار ڇڏڻ سان به ڪوبه ٿرٿلو ڪونه ايندو (تبصرو)

*ايم ڪيو ايم جي پريس رليز ڪڏهن به نه لکي اٿم: رحمان ملڪ (خبر)
* * ۽ الطاف جا جوتا صاف ڪرڻ جي باري ۾ اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟ (تبصرو)

*قانون جي حڪمراني ۾ ڪي پي ڪي سڀني کان اڳتي، سنڌ ۾ انتهائي خراب حڪمراني: پلڊاٽ (خبر)
* * اها ڳالهه ڪرپٽ آصف زرداريءَ کي گذريل 8 ورهين کان سمجھه ۾ ڪانه ٿي اچي! (تبصرو)

*صوبن اندر مرحليوار آدمشماري ٿيڻ گھرجي: وفاقي وزير مرتضى جتوئي (خبر)
* * ڪڍيئي نه نواز شريف، وزارت کان ٻاهر، سوچي سمجھي ڳالهاءِ..!! (تبصرو)
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top