بايو جينيسس ۽ ان بابت ٿيل تجربا

'سائنس جي دنيا' فورم ۾ اسد الله لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏6 مارچ 2016۔

  1. اسد الله لغاري

    اسد الله لغاري
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2015
    تحريرون:
    34
    ورتل پسنديدگيون:
    52
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف بدين
    ٻن قسمن جا پراڻا خيال ھئا،

    * ابايو جينيسس
    * بايو جينيسس

    ابايو جينيسس :
    تہ زندگي بي جان شين مان وجود ۾ اچي ٿي .

    بايو جينيسس :
    تہ زندگي، زندگي مان ئي وجود ۾ اچي ٿي.
    ان بابت سائنسدان فرانسسڪو ريڊي (Francisco redi) مختلف تجرباڪيا

    تجربو نمبر 1:
    سائنسدان ريڊي ھڪ دٻي ۾ ڪجھ مئل نانگ وڌا. ھن ان دوران ڏٺو تہ ان دٻي جي چوڌاري مکيون گڏ ٿي ويون انھن جي جسم ۾ ڪينئان پئجي ويا. 18 ڏينھن کان پوءِ اھي ڪينئان ھڪ پيوپا ۾ تبديل ٿي ويا. 8 ڏينھن کان پوءِ ھر ھڪ پيوپا (Pupa) مان ھڪ ننڍي مک ٺھي پئي ۽ اھي مکيون مئل نانگن جي مٿان ويٺل مکين جھڙيون ھيون.
    ھن تجربي مان اھو نتيجو نڪتو تہ ڪينئان انھن مکين جا ٻچا ھئا، ڇاڪاڻ تہ مکين مئل نانگن جي گوشت مٿان آنا لاٿا ھئا ۽ جنھن مان ڪينئان ۽ ڪينئن مان پيوپا پيدا ٿيا آخرڪاي ساڳئي قسمن جي مکين جو وجود ظاھر ٿيو.

    تجربو 2 :

    ٻئي تجربي دوران سائنسدان ريڊيءَ 8 بوتلون رکيون ۽ انھن منجھ ھن ڪجھ مئل نانگ وڌا. جنھن مان 4 کي ڍڪي ڇڏيائين ۽ جڏھن تہ 4 کي کليل ڇڏيائين. ڪجھ ڏينھن جي وقفي کان پوءِ ھن ڏٺو تہ بند بوتلن ۾ ڪينئان پيدا ڪونہ ٿي سگھيا. جڏھن تہ کليل بوتلن ۾ ڪينئان پئجي ويا. پر وري ڪجھ سائنسدانن ريڊيءَ جي ھن تجربي تي تنقيد کي ان ڪري رد ڪيو تہ ڍڪيل بوتلن ۾ ھوا داخل نہ ٿي سگھي، انھي ڪري انھن ۾ ڪينئان پيدا نہ ٿيا ان خيال کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ ريڊيءَ ھڪ ٽيو تجربو ڪيو.

    تجربو 3 :
    ھن دفعي ريڊيءَ ڪجھ گوشت جا ٽڪرا ھڪ کليل بوتل ۾ وجھي ان جو منھن ڄاريءَ سان بند ڪيو تہ جئين بوتل ۾ ھوا داخل ٿي سگھي پر مکيون بلڪل نہ ھن ڏٺو تہ گوشت ۾ ڪينئان پيدا ڪونہ ٿيا جيئن تہ ھوا جي داخل ٿيڻ ۾ ڪابہ رڪاوٽ نہ ھئي.
    ان مان اھو ثابت ٿيو تہ جاندار، صرف جاندارن مان پيدا ٿين ٿا


    بايو جينيسس ۽ ابايو جينيسس وارو بحث اٽڪل اوڻھويھن صدي جي وچ تائين جاري رھيو..پر فرانس جي معروف سائنسدان لوئيس پاسچر 1864ع ۾ حياتيات جي ماھرن جي ڪميشن اڳيان پنھنجو تجربو ڪيو. ھن ڪجھ ڊگھيون ۽ S وانگر مڙيل ڳچيءَ واريون گھگھيون کنيون. ۽ ان ۾ ڪجھ شربت نما ڳار ،جنھن ۾ پاڻي، کنڊ ۽ خمير (Yeast) مليل ھو، بوتل منجھ لڳائي سندن منھن کليل ڇڏي ڏنو ۽ گھگھين کي گرم ڪيائين ۽ دونھون S وانگر مڙيل نلين مان ٻاھر نڪرندو رھيو. بوتل جي ٿدي کان پوءِ ھن ڏٺو تہ ڪيترن ڏينھن تائين ڪو بہ جاندار پيدا ڪونہ ٿي سگھيو سبب ڇا ھو تہ ھوا سان گڏ ٻاھران ايندڙ جيوڙا گھگھين جي مڙيل ڳچي ۾ ڦاسي پيا ۽ اندر خوراڪ تائين پھچي نہ سگھيا. ان کي ظاھر ڪرڻ لاءَ سائنسدان لوئيس پاسچر گھگھيءَ جي مڙيل گچيءَ کي ڀڃي ڇڏيو تہ جئين ھوا ۾ مليل ڦاٿل جيوڙا گھگھيءَ ۾ اندر ڳار تائين پھچي سگھن .ائين ڪرڻ ان ڏٺو تہ 48 ڪلاڪن اندر گھگھيءَ ۾ جيوڙا پيدا ٿي ويا.
    اھو ثابت ٿيو تہ جيڪڏھن احتياط ڪري ننڍڙن جي يا آنن کي سندن خوراڪ تائين پھچڻ کان روڪيو وڃي تہ جاندار پيدا ٿي نٿا سگھن. ھن زندگي جو خوبخود وجود ۾ اچڻ واري خيال کي رد ڪيو ۽ ڪميشن بہ ھن هي راءِ کي بحال ڪيو.


    نائين ڪلاس جي بائيولاجي جي ڪتاب مان کيل


     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو