فهميده شرف بلوچ : خواب ۽ خوشبوءِ جھڙي شاعره

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 مارچ 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,869
    ورتل پسنديدگيون:
    27,210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    فهميده شرف بلوچ : خواب ۽ خوشبوءِ جھڙي شاعره

    علي محمد درد سولنگي

    اتر سنڌ جو جاگيراڻي قبيلو، جيڪو سوين سالن کان پراڻين ريتن ۽ رسمن جو علمبردار آهي، ان قبيلي جون عورتون اڄ به روايتن جي ڄار ۾ ڦاٿل نظر اچن ٿيون. اهڙي سخت ذات سان واسطو رکندڙ فهميده جنهن کي گھروارا ۽ بي تڪلف دوست فمي ڪري سڏيندا آهن، سا نه صرف اهي ڪوٽ ڪيرائي يونيوسٽيءَ ۾ ڇوڪرن سان گڏ تعليم پرائي ٿي، پر شعر به چوڻ لڳي ٿي ۽ ادبي دنيا ۾ فهميده شرف بلوچ جي نانءَ سان سڃاپجڻ لڳي ٿي.
    پير ڳوث جي فهميده جاگيراڻي جڏهن ڪاغذ قلم سنڀالي لکڻ شروع ٿي ته ماڻهو سندس باري ۾ الاهي سارا افواھ ڦھلائي، طرحين طرحين طعنا ڏيڻ شروع ڪن ٿا، ليڪن پوءِ به هوءَ لکڻ نه ٿي ڇڏي، ماڻهن واتان مھڻا ٻڌڻ جي باوجود به سندس والد ( شرف الدين بلوچ) ۽ والده ( عجيبان بلوچ جيڪا پڻ بهترين شاعره آهي ) سندس حوصله افزائي ڪندا رهن ٿا ۽ آثم ناٿن شاهي ( جنهن کي پڻ هوءَ بابا چوي ٿي ) جي رهنمائي ۾ هوءَ ادب ۾ پير پختا ڪري وٺي ٿي. سندس شاعري وزن بحر، فن فڪر جي حوالي/لحاظ کان پختي هجي ٿي.

    خطا صرف سپنن ڏسڻ جي ڪئي آ،
    ڇو زندان هرڪو اڏيندو رهيو آ؟
    جڏهن ڀي سٽون پيار جو ڪي لکيون هن،
    الئه ڇو زمانو جھليندو رهيو آ؟
    .................
    پيار جي هي سزا رکي پيار وارن،
    سوچ پھرن ۾ ، شڪ ۽ زبان تي آ.
    هر دفعي هڪ نئون درد ملندو رهيو آ،
    هر دفعي آ اسان ڪو.ي ڪاٽيو ڪشالو.
    خواب، خوشبوءِ ۽ ٻارن سان پيار ڪندڙ فهميده جو تعلق جيتوڻيڪ هڪ روايتي بلوچ خاندان سان آهي، پر بقول هن جي هن ۾ بلوچن واريون خاصيتون ۽ خوبيون بلڪل به نه آهن. هوءَ گجگوڙ، اوندھ ۽ بي حس ماڻهن کان خوف کائيندي آهي.
    07 اپريل تي باقاعدگيءَ سان جنم ڏڻ ملھائيندڙ فهميده جون سھيليون تمام ٿورڙيون پر سٺيون آهن، هوءَ رات جو چنڊ ۽ تارن سان جاڳي، انهن سان رهاڻيون ڪندي ۽ سوچن جي ساگر ۾ غوطا کائيندي سحر ڪري ڇڏي ٿي ۽ ڪيترئي خوبصورت شعر به قلمبند ڪري وثي ٿي، جيڪي سندس تات ۽ طلب جا ترجمان هجن ٿا. جيئن.......

    رات ساري او ساجن ستارن کي ميڙي،
    آءٌ آڪاس تي ٿي لکان تنهنجو نالو.
    ....................
    تنهنجي چاهت جو ۽ پنهنجي لڙڪن جومون،
    رات تارن سان ويثي ڳنـڍيو سلسلو.
    ....................
    سڄي رات ڪنهن کي سڏيندو رهيو آ؟
    هي چنڊ نيث ڪنهن کي سڏيندو رهيو آ؟
    .................
    جڏهن چنڊ جو چهرو ڪومائجي ٿو،
    تڏهن اڀ ۾ تارا ڇو مرڪڻ لڳن ٿا“
    ............
    اڪيلائيءَ ۾ ڪتاب پڙهڻ، ميوزڪ ٻڌڻ ۽ آرٽ موويز ڏسڻ کيس تمام گھڻو سثو لڳندو آهي،پر اڪيلائيءَ ۾ جڏهن هوءَ لکڻ ويهندي آهي ته ان جو اظهار هن ريت ڪندي آهي.........

    اڪيلي ۾ شاعر ڪوتا لکي ٿو،
    سمورا اکر ڄڻ ته سڏڪا ڀرن ٿا.

    پر، لڙڪن کي مرڪن پثيان/پويان لڪائيندڙ فهميده/فمي چئي ويهي ٿي ته ......

    مرڪي مرڪي توڙي ماڻي،
    پوءِ به جيون درد ڪهاڻي.

    جيون (درد) ڪهاڻي جو هي ءٌ ڪردار (فهميده شرف بلوچ ) جڏهن ڪا ڪوتا لکي ٿي ته انهن سٽن ۾ ساھ وجھي ڇڏي ٿي........۽ اهي اکر جيئرا جاڳندا جذبا ٿي پون ٿا.
    اهو ئي فهميده جي قلم جو ڪمال آهي جو هوءَ اکر اکر ۾ اٿاھ الفت اوتي ڇڏي ٿي، سندس شاٿريءَ ۾ ( گھڻو ڪري) ڪٿي به ڪو به بند يا ڪو به اکر ڀرتي ٿيل نه ٿو لڳي.

    سندس هر شعر سگھارو ۽ سهڻو آهي،
    شال! هوءَ سدائين ائين ۽ اهڙو ئي سثو لکندي رهي. (آمين)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو