مرشد جي دعوت مريد وٽ

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ TAHIR SINDHI
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
هڪ مرشد پنهنجن خليفن سميت ڪنهن مريد وٽ وڃي مهمان ٿيو.
مريد ويچارو غريب ۽ مسڪين، سو هاڻ مرشد جي دعوت ڪيئن ڪري ، زال کان پڇيائين ته ڇا ڪجي؟
زال صلاح ڏنائينس ته گهر ۾ ڪجه به ناهي فقط دال پئي آهي اها پچايان ٿي ، باقي پڇي اچيس ته خليفن لاءِ ڇا پچايان؟
مريد ويو مرشد وٽ ۽ وڃي ادب سان سوال ڪيائين ته سائين اوهانجي لاءِ دال پئي رڌجي ... باقي ٻڌايو ته خليفن لاءِ ڇا پچائجي؟
مرشد چيو : ابا جي مون لاءِ دال آهي ته خليفن جي منهن تي دال وارو هنڊو گهمائي ڇڏجو ڪافي ٿيندو
 
جواب: مرشد جي دعوت مريد وٽ

مطلب ته مرشد کي به دال ڏسي ڪري ڪاوڙ اچي وئي وڄ ڀڻا مرشد هو يا ملان هو ها ها هاهاهاهاهاها
 
Back
Top