عورتن جو عالمي ڏينهن ۽ منهنجو آرٽيڪل

'مختلف موضوع' فورم ۾ شيرين طرفان آندل موضوعَ ‏9 مارچ 2016۔

  1. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,569
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    21 صدي ۾ به عورتن جي آزادي سواليه نشان بڻيل ؟؟؟؟

    جتي پوري دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ عورتن کي حق ڏنا ويا آهن اتي اڄ به پاڪستان جهڙي ترقي پذير ملڪ ۾ پڻ عورت جي آزادي ۽ کيس حق ڏيڻ وارو سوال جو جيئن جو تيئن موجود آهي، عورت معاشري ترقي توڙي ان جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي پر اڄ اسان ڏسون ٿا ته ڪڏهن مذهب جي نالي تي عورتن تي ڪوڙا وسايا وڃن ٿا ته ڪڏهن جنوني سندن مٿان تيزاب هارين ٿا،جيتوڻيڪ ماضي جي ڀيٽ ۾ پاڪستان اندر عورتن جي حقن تي قانونسازي ٿي آهي پر ان تي عمل ڪرڻ کانسواءِ قانون ٺاهڻ جو ڪو به فائدو ناهي، بهترين سماج ئي ملڪ کي ترقي ڏانهن قدم وٺِي ويندوآهي پر جيڪڏهن سماج جهالت، صنفي اڻبرابري، مدي خارج ريتن ۽ رسمن جو شڪار هجي ته ان ملڪ جي ترقي سوال جي شڪل ۾ هوندي آهي. ملڪ جي ترقي لاء صرف مرد ناهن هوندا پر ان سان گڏوگڏ عورتون به ملڪ جي ترقي ۾ برابر جون حصيدار هونديون آهن. اڄ جو انسان جديد سائنسي ٽيڪنالاجي جي دور ۾ زندگي گهاري ٿو، انسان خلا ۾ اڏام ڪري رهيو آهي، چنڊ تي رهڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي، ناممڪن کي ممڪن بڻائي ٿو ۽ ڪيترائي ڪارناما سرانجام ڏئي ٿو جن کي ڏسي ماڻهو حيرت زده ٿي وڃن ٿا پر ڳالهه هي آهي ته جيستائين قوم جي هر فرد سان برابري جو سلوڪ نٿو ڪيو وڃي تيستائين قوم ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندي، فرد مان مراد رڳو مرد نه پر عورت به آهي جنهن جي هجڻ سان اڄ هن سڄي ڪائنات جو دارومدار هلي ٿو، جنهن جي وجود سان هر انسان کي ماءُ جو پيار ۽ ممتا ملي ٿي ۽ زندگي جو مضبوط سهارو ملي ٿو جنهن جي دعا سان زندگي هڪ نئي رخ کي جنم ڏئي ٿي جيڪا اولاد جي هر خوشي لاء پنهنجون خوشيون قربان ڪري ٿي، راتن جا اوجاڳا ڪري ٻار جي پالنا ڪري ٿي ۽ 24 ڪلاڪ ان ٻار جي نگراني ڪري ٿي پر افسوس اڄ جي دور ۾ ان عورت کي هر هنڌ ذلالت جو شڪار ٿيڻو پوي ٿو ۽ کيس معاشري ۾ برابري جي حق کان محروم رکيو وڃي ٿو هر لحاظ کان گهٽ سمجهو وڃي ٿو، خاص ڪري بنيادي حقن کان به محروم ڪيو وڃي ٿو، عوررت کي عزت ۽ مرتبو ڏيڻ جي بدران ان کي گهٽ کان گهٽ سمجهيو وڃي ٿو، ڪنهن به قسم جي فيصلي ۾ شريڪ ٿيڻ نٿو ڏنو وڃي، سندن خواهشن ۽ خوابن کي جيئري دفن ڪيو وڃي ٿو. انهن جون صلاحيتون ٻاهر اچڻ کان پهرين ختم ڪيون وڃن ٿيون، عورتن سان ناانصافيون ڪيون وڃن ٿيون، انهن جي حقن کي پائمال ڪيو وڃي ٿو انهن سان برو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو، انهن جي ڪنهن به قسم جي فيصلي تي توجه نٿي ڏني وڃي، توجهه ته ڇا سندس خواهش ٻڌي به نٿي وڃي، انهن جي قابليت کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ڳالهه عورت جي پڙهڻ جي اچي ٿي ته اهو ٻڌڻ ايندو آهي ته زمانو خراب آهي اسان پنهنجون ڇوڪريون ٻاهر نه ڇڏينداسين پر اصل ۾ معاشري کي خراب ڪرڻ وارا ڪي ٻاهريان نه آيا آهن معاشري کي خراب ڪرڻ وارا به اهي پاڻ آهن ۽ گند ڦهلائڻ وارا به اهي پاڻ آهن جيڪي عورتن تي حقن جا مخالف آهن ۽ وري ان معاشري تي الزام هڻڻ وارا به اهي پاڻ هوندا آهن. ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته اسان جا سماجي رويا ڪهڙا آهن، اسان ڪيترا نه عقل جي اڪابر آهيون، جتي اڻ پڙهيل ۽ بي عقل ماڻهن جي اڪثريت هجي اتي عورت کي پير جي جتي جي برابر سمجهيو ويندو آهي، اتي عورت سان قيدين جهڙو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو، چار ديواري جي اندر رکيو وڃي ٿو، جتي انهن تي جسماني توڙي ذهني تشدد ڪيو وڃي ٿو، جتي انهن جي زندگين جا فيصلا اهي پاڻ نه پر انهن جا مرد ڪن ٿا، اتي انهن جو وجود نه هئڻ جي برابر هجي ٿو ، ان سماج معصوم نياڻين جو مستقبل هڪ سواليا نشان بڻجي وڃي ٿو ۽ ان نياڻين جي مستقبل جي اڳيان ڪاري اونداهه نظر اچي ٿي. عورتن جي زندگين سان ٻارن جي رانديڪن وانگر کيڏيو وڃي ٿو، پدرشاهي سماج ۾ عورتن جي زندگن جا ڏيئا انهن جي هٿ ۾ آهن جيڪي هڪ ڦوڪ سان وسائيندا رهن ٿا ۽ انهن کي پنهنجي غلطي جو احساس ذري برابر به نٿو ٿئي ۽ اهي قانون جي گرفت ۾ به نٿا اچن. هڪ طرف ننڍڙي عمر جي نياڻين جي شادي60 سالن جي پوڙهن سان صرف پئسن جي لالچ ۾ ڪرائي وڃي ٿي ته ڪڏهن پيدا ٿيندي ئي چند ڏڪڙن لاءِ ننڍڙين ٻارڙين کي وڪرو ڪيو وڃي ٿو. انهن کي ضرورتن جون شيون فراهم نه ڪرڻ تي مجبورن انهن کان غلط قدم کڻايو وڃي ٿو ۽ وري قصوروار به ان کي ڪيو وڃي ٿو، ضرورت پوري نه ٿيڻ تي ته ٻوٽا به مرجهائجي ويندا آهن پوءِ انسان ته انسان آهي، امير طبقي ۾ وري جائيداد مان حصو نه ڏيڻ جي ڪري عورتن جو حق بخشايو وڃي ٿو، ملڪ اندر عورتن جي مٿان تيزاب هاريو وڃي ٿو ته ڪڏهن وري بي ڏوهه نياڻين کي ڪارو ڪاري ڪري ماريو وڃي ٿو پر افسوس اهڙي قسمن جا هزارين ڪيس جيڪي اڄ تائين صرف ڪتابن اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻجندا رهن ٿا ۽ قانون اهڙن ڏوهارين خلاف ڪا سخت ڪارروائي ڪرڻ کان قاصر آهي، اڄوڪي دنيا ۾ سوچون ۽ رويا تبديل ٿي چڪا آهن عورتون مختلف ادارن ۾ ڪم ڪن ٿيون سياست، سائنس ۽ شوبز جي ميدان ۾ اڄ جي عورت جو وڏو نالو آهي. سياست جي ميدان ۾ ايشيا جي پهرين وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو هئي، جيڪا هر عورت لاءِ عظيم مثال آهي، هيلن ڪيلر جيڪا نابين هئي، نابين هئڻ باوجود هن تعليم حاصل ڪئي۽ ماڻهن جي خدمت ڪئي، سندس خدمتن جي ڪري هيلن ڪيلر اڄ اسڪول جي ڪتابن جي زينت بڻيل آهي، ملالا يوسف زئي جنهن 2014 ۾ امن جو نوبل انعام کٽيو هو. جنهن دهشتگردن کي للڪاريندي اسڪول وڃڻ کان نه ڪيٻايو، مارگريٽ ٿيچر جيڪا برطانيه جي پهرين وزيراعظم عورت چونڊي وئي، مڌر ٽريسا جنهن کي بيواهن عورتن جي خدمت ڪرڻ تي نوبل انعام مليو. فاطمه جناح جيڪا پنهنجي ڀاءُ سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلندي هئي ۽ اهڙا سوين مثال موجود آهن جن ۾ عورتن عظيم ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. اسلام ۾ عورت کي بلند درجو ڏنو ويو آهي، ماءُ جي قدمن هيٺيان جنت رکي وئي آهي، پروردگار جنهن اسان جي پياري نبي صلي الله عليه واله وسلم جن تي پاڪ ڪتاب نازل ڪيو، جنهن ۾ واضح لفظن ۾ بيان ٿيل آهي ته بيشڪ عورتون مردن کان ۽ مرد عورتن کان مختلف آهن پر الله انهن ٻنهي کي هڪ جيترو درجو عطا فرمايو آهي. اسان جو پيارو نبي حضرت محمد صلي الله عليه واله وسلم پنهنجي ڌيءَ حضرت فاطمه رضي الله تعلي عنه جن سان تمام محبت ڪندا هئا جڏهن به بيبي فاطمه پاڻ سڳورن سان مخاطب ٿيڻ ايندي هئي ته پاڻ ڪريم ان جي عزت ڪندي ان سان اٿي ملندا هئا ۽ ملاقات وقت ان کي پيشاني تي چمندا هئا. ان ڪري حضور صّلي الله عليه وآلهه وسلم جن پاڻ به عورتن لاءِ فرمايو آهي ته پنهنجي عورتن کي تعليم يافته ڪيو. تعليم يافته عورت هڪ بهترين ماءَ ثابت ٿيندي ۽ بهترين ماءِ ئي هڪ معاشري کي تبديل ڪري سگهي ٿي. هڪ مرد پڙهيو ته هڪ فرد پڙهيو پر جيڪڏهن هڪ عورت جي پڙهڻ سان ان جو پورو خاندان سڌري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هر قوم جي ترقي جو راز تعليم آهي، معاشري جي هر مرد کي گهرجي ته هو پنهنجي نياڻين کي تعليم حاصل ڪرڻ کان نه روڪين انهن جي ضرورتون پوريون ڪن ۽ انهن سان برابري جو سلوڪ ڪن، انهن کي پنهنجي زندگي جا اهم فيصلا پاڻ ڪرڻ جي اجازت ڏين انهن کي پنهنجي موجودگي جو احساس ڏيارين. انهن کي خودمختيار هجڻ جو احساس هجي. انهن جي صلاحيتن ۽ قابليت کي ظاهر ڪرڻ جو موقعو ڏين. عورتن کي گهرجي ته هو پنهنجي حقن بابت ڄاڻ حاصل ڪن ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ عملي طور ميدان ۾ اچن، جتي اڄ پوري دنيا ۾ عورت کي حق ڏيڻ سان گڏ عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي اتي اڄ به اسان وٽ عورت کي دٻايو وڃي ٿو، سندس حقن جي لتاڙ ڪئي وڃي ٿي، رياست ۽ حڪومت کي به گهرجي ته اهي عورتن سان ٿيندڙ ڏوهن بابت سخت قانونسازي ڪن ۽ ملوث ڏوهارين کي سزا ڏين ته جيئن عورت معاشري ۾ سک جو ساهه کڻي سگهي
     
  2. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,569
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    منهنجي ننڍڙي ادي توهانجون ڪافي ڳالهيون درست آهن بيشڪ اسلام ئي عورت کي بلند مرتبو ڏنو عورت عزت ۽ احترام جي لائق آهي ، انهجي جذبن جو قدر ڪجي ۽ انجي زندگي بابت فيصلو ڪرڻ کان اڳ ان کي آگاھ ڪرڻ ۽ مشورو ڪرڻ انتهائي ضروري آهي ، منهنجي ڀيڻ توهان غور سان اگر صحيح نموني قرآن جو صرف سنڌي ترجمو ئي پڙهو ته توهانکي خبر پوندي ته واقعي اسلام ئي عورت کي عزتون بخشيون آهن ، ادِي جڏهن پردي جو حڪم نازل ٿيو ته مدينه منوره ۾ عورتون ايئن هلنديون هيون جو ڀِتين تي انهن جي گذرڻ جا نشان پئجي ويندا هئا ، ڇا خاتون جنت رضي الله عنها کان وڌيڪ ڪنهنجي دل پاڪ آهي ڇا ؟ جو اسانوٽ چيو ويندو آهي ته پردو دل جو هجڻ گهرجي ، انهن پاڪ بيبين لاءِ آيو آهي ته توهان پنهنجي گهرن ۾ ويٺيون رهو ۽ بي پرده نه رهو جيئن اڳئين جاهليت وارِي بي پردگي ! ۽ نماز قائم ڪيو ۽ زڪات ڏيو الله ۽ انجي رسول عزوجل وَ صلي الله عليه وسلم جو حڪم مڃو . بد قسمتي سان اسانوٽ عورتون مغربي آزادي ۽ حَقَ اسلام وارا چاهين ٿيون
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ڇا سياست ، شوبز ۽ سائنس دنيا ۽ آخرت جي مڪمل نجات يا ڪاميابي لاءِ ڪافي آهن ؟
    ملاله يوسفزئي اسلام ۽ مذهب لاءِ ڇا لکيو هيو اوهان ڄاڻو ٿيون ؟ امن جو نوبل انعام عطا ڪرڻ وارا ڪير آهن ؟ ڇا امن جو نوبل انعام مڪمل نجات ۽ ٻنهي جهانن ۾ ڪاميابي جو ذريعو آهي ؟
    ڇا مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ ۽ سر عام بي پرده هلڻ گهمڻ ڦرڻ جي جنت جي عورتن جِي سردار کي امان خاتون جنت يا امهات المئومنين رضي الله عنهن جن کي اجازت هئي ؟
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مونکي خبر ناهي مرد حضرات ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ مان ڇا مقصد ٿا ڪڍن ... ڀلا اسلام جي تاريخ ڏسو عورتون مردن سان جنگين ۾ به رهيون، ڪاروبار به ڪين، حڪومتون به ڪين .... پوءِ به جڏهن به عورت جي آزادي جي ڳالهه ايندي ته مرد چِڙي پوندا .... اها اسان مردن جي فطرت آ.

    ڀيڻ تمام سٺو مضمون مونکي وڻيو ....
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  6. حرا

    حرا
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2016
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    67
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
     
  7. حرا

    حرا
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2016
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    67
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    اسلام ۾ عورت جي آزادي مان مراد ته تعليم حاصل ڪرڻ جو حق،شادي توڙي مليت مان حصي جو حق آهي.آزادي ۽ ڇڙواڳي ۾ فرق هجي ٿو.۽ عورت حقن جي طلبگار آهي.اسلام م نبي سائين بيبي عائشه کي حميراڪري سڏيندا هئا جنهن جي معني آهي علم واري.ٻي ته پردي جي باري ۾ قرآن پاڪ ۾ حڪم آهي ته مرد عورت ن نظرون هيٺ ڪن،ان مان مطلب ته عورت جي پردي مان مراد برقعو نه پر چادر آهي.
    حج اسلام جو اهم رڪن آهي،ان ۾ عورتون برقعو پاتل ناهن هونديون،اهو مسلمان عورتن جو روايتي لباس اهي،جنهن ۾ چهرو کليل هوندو آهي،الله تعالي حڪم ڪري ها ته مسلمان عورتون حج جي موقع تي به چهرو لڪائن ها.يا وري هڪ سال عورتون ته ٻئي سال مرد حج ڪن ها.مسلمان مرد توڙي عورتون علم و حڪمت جا ڪم ڪري سگهن ٿيون.
    جيڪي عورتون مثلا عابده پروين ڏسو بهترين نالو ڪمايو،پر ان جي جڳهه ٻيون غلط طرز جي بنياد تي ڪم ڪن ان جو مطلب هر عورت ته ان طرز جي حامي ناهي.
     
  8. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    منهنجي ڀيڻ پياري ادي حرا مان توهانجي سڀني ڳالهين سان متفق آهيان سواءِ هڪ ڳالھ جي ته نظرون جهڪائي هلڻ ئي پردو آهي ! ڀيڻ اصل پردو ته حياءُ ئي آهي ۽ حياءُ ايمان منجهان آهي توهان ٿورو ٿڌي دل دل ۽ دماغ سان سوچيو ته اگر توهانکي حيدرآباد مان ڪنهن ٻئي شهر وڃڻو هجي ته ڇا اوهان ڀلي بغير برقعي جي ئي هجو گهر کان بس اسٽينڊ تائين توهان جهڪايل نظرن سان صحيح سلامت بس اسٽينڊ تائين پهچي سگهندئو؟ حضرت بيبي غائشه رضي الله عنها جو ئي هڪ واقعو ملحوظ فرمايو هڪ دفعي پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم جن وٽ هڪ نابين اصحابي ملڻ لاءِ آيو ته بيبين عرض ڪيو ته يارسول الله صلي الله عليه وسلم اهو ته نابين يعني انڌو آهي ڀلي گهر ۾ اچي اوهان سان ملي وڃي اسان پردوڪيون اهو ضروري ته ناهي ! پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم جن فرمايو اهو اصحابي رضي الله عنه ته نابين آهي توهان ته انڌيون ناهيو! منهنجي ڀيڻ ٿورو سوچيو حج بيت الله آهي يا عمرو جتي پوري دنيا جا مسلمان مرد يا عورتون گنهگار صرف گناھ بخشرائڻ جي نيت اهي ارڪان پورا ڪرڻ ايندا آهن يا ٻي صورت ۾ جيڪي مرد عورتون پرهيزگاري ۽ الله عزوجل ۽ انجي محبوب صلي الله عليه وسلم جي عشق ۾ انهن گهرن يعني حرمين شريفين جي زيارت لاءِ ايندا آهن ۽ انهن گهرن ۾ فتني يا گناھ طرف رغبت نه هوندي آهي ان لاءِ عمرو يا حج ۾ صرف دوران طواف منهن کليل رکڻ جي اجازت هوندي آهي باقي ٻين امور ۾ باقاعدگي سان عورت کي سختي سان پردي ڪرڻ منهن لڪائڻ جو تاڪيد ٿيل آهي ۽ توهانکي ٻڌائيندوهلان ته عورت لاءِ نماز پڙهڻ جو جيڪو حڪم آهي ته ڪعبت الله شريف ۽ ۾محبوبن ڪريمن جي مسجد النبي صلي الله عليه وسلم ۾ نماز پڙهڻ کان وڌيڪ اجر لاءِ حڪم آهي ته عورت پنهنجي گهر ۾ نماز پڙهي ۽ گهر ۾ به پنهنجي خاص ڪمري ۾ نماز پڙهي ! وڌيڪ ته عالم فاضل يا مفتي ئي انهن ڳالهين تي بهتر روشني وجهي سگهن ٿا آءُ ته گنهگار آهيان . اوهانجو هڪ ڀاءُ
     
  9. حرا

    حرا
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2016
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    67
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ادا نه ڪو عالم،نه مفتي پر هنن ڳالهين کي سمجهڻ ۽ قرآن پاڪ تي وڏي تحقيق جي ضرورت آهي،اجتهاد جي بي انتها ضرورت آهي.
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    توهان ۽ اسانتي قرآن پاڪ کي پڙهڻ ۽ انکي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ ، انتي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ واجب آهي يا فرض سمجهو مگر توهان يا اسان اجتهاد نٿا ڪري سگهون ! اجتهاد صرف باعمل ۽ با شرع مجهور علماءَ ئي ڪري سگهن ٿا ! والسلام
     
  11. حرا

    حرا
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2016
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    67
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ادا ڳالهه مجهيل سٽ نه آهي،ڇا توهان سمجهو ٿا،ته جيڪڏهن شريعت اجازت نه ڏئي ها،۽ عورت دنيا جي معاملات ۾ زميدارين کان آزاد ها ته سانئڻ زينب هڪ ليڊر جوڪردار ادا ڪري ها؟
     
  12. حرا

    حرا
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2016
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    67
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    اها ڳالهه به سمجهه ۾ اچڻ کپي ته قرآن پاڪ ۾ نبي سائين جي گهروارين کي امت جو مائرون چيو ويو آهي،ته پو هر پٽ کي ما کان پردو ڪرڻ کپي،ڇاڪاڻ ته رشتا ناتا ته الله ئي جوڙي ٿو.






















    ا
    ا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو