سنڌي وڪيپيڊيا جي سار لھو ٻيلي!

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ مھتاب احمد طرفان آندل موضوعَ ‏11 مارچ 2016۔

  1. مھتاب احمد

    مھتاب احمد
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏27 فيبروري 2016
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    18
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    تمام خوشي جي ڳالھہ آھي تہ اسان جي مٺڙي ٻولي ڏينھون ڏينھن ترقي ڪندي پئي وڃي، جنھن جو تازو مثال گوگل ٽرانسليٽ ۾ سندس شامل ٿيڻ آھي. ان سان گڏو گڏ فيس بڪ، وڪي ھائو، مائيڪروسافٽ ۽ ٻين پليٽ فارمن تي آڻڻ جون ڪوششون پڻ جاري آھن. تمام گھڻا دوست سنڌي ٻولي جي مستقبل لاءِ فڪرمند بہ نظر اچن ٿا. پر افسوس جھڙي ڳالھہ آھي 10 سال اڳ وڪيپيڊيا جو سنڌي نسخو احسان احمد عرساڻي صاحب جي ڪوششن سان وجود ۾ آيو، پر ھيترو عرسو گذرڻ باوجود سنڌي وڪيپيڊيا تي 5000 کان بہ گھٽ مضمون موجود آھن ۽جيڪي آھن انھن جو معيار بہ تمام ڪريل آھي. ھن وقت صرف ٽي کان ڇار يوزر متحرڪ آھن. جيڪا ڏاڍي پريشان جھڙي ڳالھہ وڪيميڊيا فائونڊيشن جون ٻيون ڪيتريون ئي رٿائون آھن جن مان سنڌيءَ ۾ صرف ٽي آھن. وڪيپيڊيا، وڪشنري ۽ وڪي نيوز. وڪي نيوز کي بہ انتظاميہ بند ڪري ڇڏيو آھي ڇو جو ان تي ڪو بہ سرگرم يوزر نہ ھيو. جيڪڏھن ساڳي حالت برقرار رھي تہ بقايا ٻہ رٿائون بہ بند ٿي وينديون. ٻي افسوس جي ڳالھہ اھا تہ ھتي گھڻن ئي مسئلن تي بحث ڪيو ويو آھي پر سنڌي وڪيپيڊيا جي ڪبھن بہ سار نہ لڌي آھي. اوھان سڀني سڄڻن کي گذارش آھي تہ اڳتي اچو ۽ سنڌي وڪيپيڊيا ۽ وڪشنري کي اڳتي وڌائڻ ۾ اسان جو ساٿ ڏيو. اوھان جي تعاون جو انتظار رھندو. مھرباني!
    .wikipedia...
     
    عبيد ٿهيم ۽ سائل مهراڻ هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو