مسرور پيرزادو هو مون ڀي هڪڙو پيار ڪيو، ۽ پيار به ڪو اهڙو تهڙو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
غزل

مسرور پيرزادو

هو مون ڀي هڪڙو پيار ڪيو، ۽ پيار به ڪو اهڙو تهڙو
ها منهنجو ڀي ڪو يار هيو ۽ يار به ڪو اهڙو تهڙو

ڇا رُوپ هُيس، ڇا رنگ هيس، ڇا واس هيس، ڇا انگ هُيس
هُو شخص به ڪو گلزار هو ۽ گلزار به ڪو اهڙو تهڙو

مون عشق – نشي ۾ ڪين ڏٺو، ۽ يار سندي هان پار پُڳو
درياهه به تارئون تار هيو ۽ تار به ڪو اهڙو تهڙو

مضبوط عمارت جيئن هئي، هيءَ پنهنجي محبت ووءِ مٺي
بس شڪ جو ان ۾ ڏار پيو ۽ ڏار به ڪو اهڙو تهڙو

مان دشمن جو ڪو وار سَهي، ها ڪين پَيس ڪڏهين به ڊَهي
پر يار ڪيو ڪو وار هيو ۽ وار به ڪو اهڙو تهڙو

مون چاهيو دنيا ۾ رهندي دنيا جو حِصّو ڪين ٿجي
پر دنيا ڪوئي ڄار هيو ۽ ڄار به ڪو اهڙو تهڙو​
 
Back
Top