ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا
ٿر ۾ واري ٿورڙي تيهان گهڻيرا
ڀلايون ۽ ڀيرا ڳڻي ڳڻيان ڪيترا۔
ڪالهه 13 مارچ منهنجو جنم ڏينهن هيو، زندگيءَ جا چاليهه سال گذري ويا ۽ ايڪيتاليهين سال ۾ قدم رکيو. رب پاڪ جا ڪرم آهن جنهن انيڪ دوستن سان نوازيو آهي.
جنم ڏينهن تي منهنجي محسن دوستن، بزرگن، ڀائرن، ڀينرن ۽ سڄڻن ٻه ڏينهن اڳ کان ئي فون ذريعي، خوبصورت ڪارڊن ذريعي، ايس ايم ايس ۽ لکڻين ذريعي پنهنجون محبتون ارپيون، دعائن ۾ ياد ڪيو.
سڀني جا ڪروڙين قرب .... ٿورا
خبر ناهي ڪيئن ادبي دنيا طرف آيس، خبر ناهي ڪيئن ۽ ڪهڙن دوستن ذريعي نيٽ تي راند ڪندي ادب ۽ ٻوليءَ طرف اچي ويس۔۔۔۽ ايندي ايندي سنڌ سلامت تي اچي ويس۔ اهو سڀ اتفاق هيو يا رت ۾ ڪا اهڙي ڇڪ هئي جنهن هن طرف آندو۔ واهڻ جي رستن ۽ واٽن تي راندين ۾ وقت گذاريندڙ ڇوڪرو جيڪو شهرن کان پري ڳوٺن ۾ رهڻ کي پسند ڪندو هو، اهو ڪيئن ڪراچيء جي رنگينين ۾ گم ٿي ويو ۽ هاڻي جڏهن کيرٿر تي سج لهي ٿو ته پريشان ٿي وڃي ٿو۔ هي اهوئي ته ساڳيو ڇوڪرو هيو جيڪو رات ۾ ٻنين ۾ پاڻي وهائيندو هو، رات جو ڳوٺن جي ڳلين کان نڪري ستارن سان ڳالهيون ڪندي گهمندو هو۔۔۔۔۔ هاڻي وقت اهڙي منزل تي آندو آهي جتي وقت تيزي سان گذري پيو، ڪم اڻ کُٽ آهن جيڪي سميٽجن ئي نٿا.
جنم ڏينهن تي دوست سڀ ڪجهه لکي ويا۔۔۔ ڪجهه دوستن ته پورا پورا مضمون لکيا آهن. ايترو گهڻو لکي ويا جو مان پاڻ پريشان آهيان ته مان ته ڪجهه به ناهيان، اهو ته اوهان جو پيار ۽ پنهنجائپ ئي آهي، جو سنڌ سلامت ۽ سوشل ميڊيا جي دوستن جي گلدستي جو هڪ ننڍڙو حصو بڻيو آهيان۔ مان ته انهن عظيم شخصيتن کي ڏسندو آهيان جن پنهنجي زندگي ماڻهن لاء وقف ڪئي، پر مان انهن مان آهيان جيڪي اڃان چيچ ڪپائي به شهيدن ۾ شامل ناهن ٿيا۔
ڪالهه کان فيسبوڪ ۽ سنڌ سلامت تي، موبائل تي سالگرهه جا انيڪ پيغام، رنگ برنگي ڪارڊ سڀني دوستن جي پنهنجائپ ۽ پيار ڀرين پيغامن جو عڪس آهن۔ دوستن سعودي عرب مان، دبئيءَ مان، ڪينيڊا مان، پاڪستان ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۽ واهڻڻ مان فون ڪري واڌايون ڏنيون. مان ڪوشش ڪئي ته سڀني دوستن جي محبت ڀرين جذبن سان لکيل پيغامن جي موٽ ۾ سندن شڪريو ادا ڪيان پر پوءِ به گهڻا دوست رهجي ويا هوندا جن کي موٽ ڏئي نه سگهيو هوندس، دوستو دل ۾ نه ڪجو ۽ مونکي پنهنجو سمجهي معاف ڪري ڇڏجو. مان هميشه پنهنجي دوستن تي فخر ڪندو آهيان، جيڪي عزت ۽ مان ڏيڻ ڄاڻن۔ مان ڪوشش ڪندو آهيان ته سڀني سان ٻانهن ٻڌڻ جي واٽ هجي ۽ مثبت رويو رکجي، پوء به انسان آهيان، ڪڏهن ڪڏهن جذبات الائي ڇو اڻڄاڻائي يا ڄاڻائيء ۾ غلطيون ڪرائي وجهن ٿا۔ پوء به منهنجي دوستن کي، منهنجي زرگن، منهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن کي شاباس هجي جيڪي دل ۾ نه ٿا ڪن۔ باقي مان ته ڪجهه به ناهيان، مان ڇو آهيان ۽ ڇا آهيان، اهو به نه سمجهي سگهيو آهيان، بلڪل اياز جي انهن سٽن وانگر :
اڪيلو آهيان، ماڻهوئڙن جي ميڙ ۾،
اڃا ڄاتم ڪينڪي، ڇو آهيان، ڇاهيان،
آهيان يا ناهيان، سو به نه آيم سمجهه ۾.
مون وٽ اوهان دوستن جي محبتن جي موٽ ۾ ڪي لفظ ئي ناهن جيڪي انهن مٺن ۽ مانائتن پيغامن جي موٽ ڏئي سگهن۔ بس دعا ڪجو ته ڏاهپ اچي پر ايتري به نه جو دوست ڇڏي وڃن۔۔۔ مون لاء منهنجو گهر ۽ منهنجا دوست گهڻي اهميت وارا آهن۔
الا ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن
مون سين مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا
******
دوستن پاران موڪليل جنم ڏينهن جي ڪارڊن جو البم